شاعري

خواب آوارا پکي

هي ڪتاب اسان جي دور جي خوبصورت شاعر احمد سولنگيءَ جي شاعراڻي تخليقن جو مجموعو آهي. لڇمڻ ڪومل مهاڳ ۾ لکيو آهي:
”احمد سولنگيءَ کي مان هتي نئين نسل جي نئين شاعريءَ جي علامت (symbol) ڪري ٿو کڻان. ان ٽهيءَ جا اڪثر شاعر فئشن پرستيءَ طرف مائل ٿي Stream of consciousness (شعور جي ڌارا) بدران Mainstream (روايت پرست ڌارا) طرف لُڙهندا ويا. جتي شاعري خود شاعرن مٿان نازل ٿيڻ جو فطرتي عمل ٿيڻ جڳائي، اتي هُو پاڻ شاعريءَ مٿان نازل ٿيڻ لڳا ۽ اهڙي افراتفريءَ واري دؤر ۾ ڪيترن کي لُڙ ۾ مزو لڳي ويو ۽ هُو راتورات شاعر ٿي ويا، پر شاعريءَ لاءِ جيڪا اندر جي سُوجهه ٻُوجهه گُهربل آهي، ان تقاضا تي احمد سولنگيءَ جهڙا ڪي ٿورائي تخليقڪار کَرا ثابت ٿي سگهيا.“
Title Cover of book خواب آوارا پکي

سيوهڻ مٿان چنڊ

سيوهڻ مٿان چنڊ



تاريخ ۾ هر پل کُلي سيوهڻ جي گهِٽي ٿي،
پکراج ۽ زرقونَ جيان رنگَ چِٽي ٿي،
محڪوم جي هر ٻانهن جي ٻَل ساڻ ٻِٽي ٿي،
ارغون، مغل لئه ٿئي هيءَ تنگ مِٽي ٿي،
اڄ واجهه وجِهي وقت ڏي، سيوهڻ ٿي ڏسي سنڌ.

هر روز چُمي سجُ لڪي شاهه صدر کي،
ٿو رنگُ ڏئي لال قلندر جي پَڌر کي،
ڪيڏو نه مليو شرف آ، حيدر جي پِسر کي،
سجدو ٿو ڪري چنڊ به سيوهڻ جي شهر کي،
اڄ واجهه وجِهي وقت ڏي، سيوهڻ ٿي ڏسي سنڌ.

هي شهر آ شهباز جي ڪشڪولَ جو موتي،
درويش جي دستار، قبا، جهولَ جو موتي،
محبوب جي پازيب ۽ رمجهولَ جو موتي،
هي شهر قلندر جي سچي قولَ جو موتي،
اڄ واجهه وجِهي وقت ڏي، سيوهڻ ٿي ڏسي سنڌ.

هن شهر سدا وقت جي آ واڳ کي موڙيو،
هن شهر ڀليءَ ڀونءِ سندي ڀاڳ کي موڙيو،
هن شهر ڪڏهن ننڊ، ڪڏهن جاڳ کي موڙيو،
هن شهر ڪڏهن پنڌَ، ڪڏهن ماڳ کي موڙيو،
اڄ واجهه وجِهي وقت ڏي، سيوهڻ ٿي ڏسي سنڌ.

هر دؤر ۾ فاتح ڪيو اتهاسَ کي زخمي،
هر سوار جي تلوار هتي رت ۾ وهنتِي،
هر رات جو سيوهڻ تي رُنو چنڊ ٿي سُڏڪِي،
هر وارِ ٿي پر هار سڪندر جي ستم جِي،
اڄ واجهه وجِهي وقت ڏي، سيوهڻ ٿي ڏسي سنڌ.

هن شهر سدا آهِه کنئي لالَ جي ميندي،
مروند جي محبوب ۽ لڄپالَ جي ميندي،
زهره جي جگر بند عليءَ آلَ جي ميندي،
سيوهڻ آ بڻيو سنڌ جي مشعالَ جي ميندي،
اڄ واجهه وجِهي وقت ڏي، سيوهڻ ٿي ڏسي سنڌ.

سيوهڻ کان ڀلا ڪيرُ رهي دور قلندر!
ڪيئن جيءُ جدائيءَ جو سَهي سور قلندر!
جنهن نيلُ منجهان تنهنجو ڏٺو نور قلندر!
تنهن ڄڻ ته اکين ساڻ پَسيو طور قلندر!
اڄ واجهه وجِهي وقت ڏي، سيوهڻ ٿي ڏسي سنڌ.

ٿي ڀير وڄي، پيرَ نچن تنهنجي اڱڻ تي،
ٿا رنگَ رقاصا جا رَچن تنهنجي اڱڻ تي،
عوشاق سوين روز اچن تنهنجي اڱڻ تي،
نانگا ٿا نچن، مچ مچن، تنهنجي اڱڻ تي،
اڄ واجهه وجِهي وقت ڏي، سيوهڻ ٿي ڏسي سنڌ.

تنهنجي ئي ٿا پاڇن ۾ رهن اُڀ، بحر، بَر!
تنهنجي ئي ڪفِ پا کي، چُمن چنڊ اي دلبر!
ٿي گودڙيءَ ۾ تنهنجي رهي سنڌ قلندر!
او ڌاڃَ ڌڻي، پيٽَ بُکئي ديسَ جا پرور!
اڄُ واجهه وجِهي وقت ڏي، سيوهڻ ٿي ڏسي سنڌ.

اڄ ڀي ٿو کپي سنڌ کي ڪو لال، اي سيوهڻ!
ڪو گهوٽ بلاول، نئون ابدال، اي سيوهڻ!
دولهه ڪو ٿئي ديس جو رکوال، اي سيوهڻ!
ٽلٽيءَ جي ٻَڌي ڪنٺ ۾ ڪٺمال، اي سيوهڻ!
اڄ واجهه وجِهي وقت ڏي، سيوهڻ ٿي ڏسي سنڌ.