شاعري

خواب آوارا پکي

هي ڪتاب اسان جي دور جي خوبصورت شاعر احمد سولنگيءَ جي شاعراڻي تخليقن جو مجموعو آهي. لڇمڻ ڪومل مهاڳ ۾ لکيو آهي:
”احمد سولنگيءَ کي مان هتي نئين نسل جي نئين شاعريءَ جي علامت (symbol) ڪري ٿو کڻان. ان ٽهيءَ جا اڪثر شاعر فئشن پرستيءَ طرف مائل ٿي Stream of consciousness (شعور جي ڌارا) بدران Mainstream (روايت پرست ڌارا) طرف لُڙهندا ويا. جتي شاعري خود شاعرن مٿان نازل ٿيڻ جو فطرتي عمل ٿيڻ جڳائي، اتي هُو پاڻ شاعريءَ مٿان نازل ٿيڻ لڳا ۽ اهڙي افراتفريءَ واري دؤر ۾ ڪيترن کي لُڙ ۾ مزو لڳي ويو ۽ هُو راتورات شاعر ٿي ويا، پر شاعريءَ لاءِ جيڪا اندر جي سُوجهه ٻُوجهه گُهربل آهي، ان تقاضا تي احمد سولنگيءَ جهڙا ڪي ٿورائي تخليقڪار کَرا ثابت ٿي سگهيا.“
Title Cover of book خواب آوارا پکي

سڀ کي پنهنجو گوتم آ

سڀ کي پنهنجو گوتم آ

سڀ کي پنهنجي پنهنجي ريت،
پنهنجي پنهنجي ڌرتي آ؛
پنهنجا پنهنجا پيغمبر،
پنهنجي پنهنجي جاڳرتا.
پنهنجو پنهنجو ڌرم ڪرم،
پنهنجي پنهنجي آ پوڄا؛
پنهنجي دنيا ۽ عقبيٰ،
پنهنجي پنهنجي محبوبا؛
ساڀيا ساڀيا جا موتي،
سپني سپني جي مالها!


پنهنجون پنهنجون سِيمائون،
پنهنجا پنهنجا حصا ۽ -
پنهنجون ڏندڪٿائون ڪئين،
پنهنجا پنهنجا قصا ۽ -
پنهنجي پنهنجي حرم سراءِ،
پنهنجا پنهنجا ديرا ۽-
پنهنجا پياسا پياسا پَٽ،
تاسا تاسا صحرا ۽ -
پنهنجا جَهر جَهر جهرڻا ڪئين،
پنهنجا جهلمل تارا ۽-

پنهنجن پنهنجن پيرن ۾؛
پنهنجي پنهنجي دلدل آ،
پنهنجو پنهنجو رستو ۽
پنهنجي پنهنجي منزل آ،
سبز جزيرا پنهنجا ۽-
پنهنجو پنهنجو ساحل آ،
سڀ کي پنهنجي ميگها رُت،
پنهنجو پنهنجو بادل آ،
پنهنجي پنهنجي عصمت ۽-
پنهنجو پنهنجو آنچل آ.

سڀ کي پنهنجو پوربُ ۽-
پنهنجو پنهنجو پڇم آ،
سڀ کي پير رقاصا جا،
پنهنجي ڇيرِ ۽ ڇَم ڇَم آ،
سڀ کي پنهنجا ساز ۽ سُرَ،
سڀ کي پنهنجو سرگم آ،
سڀ کي پنهنجا پنهنجا گهاءَ،
پنهنجو پنهنجو مرهم آ،
سڀ کي پنهنجو گوتم آ،
سُرَوم دُکمُ دُکمُ آ.