مائيڪل اينجلو
ديس هر هڪ جي مٽي،
مون ته ڌرتيءَ جي دونهاٽيل،
سُرخ گولي تان کڻي،
پنهنجي خوابن ۾ سنڀالي آ رکي!
منهنجي اک جي دائري جي ويجهڙو،
زان ڪازاڪس، ٿو رهي؛
۽ پکي پنهنجي پرن ۾،
جئن لڪائي ٿو رکي پنهنجا ٻچا،
سوچ منهنجيءَ ۾ ائين محمود جي ڌرتي رهي:
جا ٽُٽل ڪشڪول ۾ ڪنهن ماءُ جي ڳوڙهن جيان،
يا نديءَ تي بُوند- بادل جو لڳي ٿو نقش ڪو؛
عشق مون لئه ٿو اُڻي ڄڻ شبنمي ڪا شاعري؛
ساحلن تي، ريگزارن جي مٿان،
۽ وڻن جي جُهنڊ ۾،
آ خُدا جي جُستجوءَ بيگانگي مون لئه لکي!
دُور آلندي، نرودا جي چِلي،
باک پنهنجي لاک برسائي جڏهن ٿي اُن مٿان،
سجَ ازل جي ديوتا سامهون سڀئي،
صبح جا سورج مُکي ڪن ٿا سجودُ؛
۽ جڏهن ٿي شام نارنگي لهي،
ڪنهن جي رَت جي ٿي مٿان ڪَڻِ ڪَڻِ وسي،
ڪو صليبن تان لهي ۽ ڪو صليبن تي چڙهي،
بدحواسيءَ جو نئون اتهاسُ ٿو لکبو رهي!
آءٌ آوارا پکي،
مون کي آهن ڇو مِٺيون،
پيار جون گهيريل گِهٽيون!
ڀٽ ڌڻي، ٽئگور، ميران ۽ ڪبير،
آتما جي اَئٽ تي ڌاڳو ڪَتي،
سُور جو سوگهو سڳو ڇو ٿا ٻڌن؟
۽ وري هُو ڪي گلابي ڇوڪريون اسپين جون،
مون لئه ڇو ٿيون خواب آوارا ڏسن!
۽ مصر جي چنڊ جي ڪائي ٿڌيري چاندني،
ڇو اکين جي ٿي سَرابن ۾ سُمهي؟
سڀ انڌيرا، چاندنيون مون تن اندر سانڍي رکيون،
ديس هر هڪ جون گهٽيون مون من اندر سانڍي رکيون،
پوءِ به منهنجي انت لئه،
ٿيون خدا تخليق ڪن،
اينجلو جون آڱريون!