سُڀاڻي جو سڌارٿ
انهيءَ لئه منتظر آهيان؛
جنم جيڪو وٺي پنهنجو چُڪو آهي،
مڪمل پر ٿيو ناهي،
اڃا هو دائرو رت جو،
ڪچو آ لوٿڙو ڪوئي،
بدن جي جستجو ۾ آ،
انهيءَ جا نيڻَ ٻُوٽيل ۽
اڃا هُو گرڀَ ۾ آهي!’
وڌي ٿو روزُ جيڪو جسم جي اندر،
حرارت ٿي ملي اُن کي،
الڳ سنسارَ جي رستي،
انهيءَ جي دل پئي ڌڙڪي.
انهيءَ جي لوڇَ پنهنجي آ،
انهيءَ جي ننڊَ پنهنجي آ،
انهيءَ جي جاڳَ،
ان جي ڊوڙَ پنهنجي آ،
انهيءَ جو سجُ پنهنجو آ،
انهيءَ جو چنڊُ پنهنجو آ،
انهيءَ جو دؤر پنهنجو آ،
انهيءَ جي سِرشٽي پنهنجي،
انهيءَ جي زندگي پنهنجي!
ڦُٽي ٿي واٽَ ان جي لئه،
اکين جي خشڪ صحرا مان،
ندي ڪنهن خوابَ مان جاڳِي،
لهي ٿي پئي سمندر ۾،
سُڪل وڻ جي صليبن تي،
کِڙن ٿا گُل،
مسيحا جي اَڇوتيءَ مرڪ جهڙا ڪئين،
انهيءَ جي راههَ جا ڪنڊا،
گلابن وانگيان،
ٽِڙندا رهن ٿا ماڪَ مهڪيل ۾،
صبح جي ويل،
مانارن منجهان وِگهري،
ڳڙي ٿي لارَ ماکيءَ جي.
ڇَمر ٿا ڇانوَ ڪن هُن تي،
سِپن جا قيمتي موتي،
اُڪنڍيا ٿا رهن هُن لئه!
هُما هُن لئه مسلسل آسمانن ۾ اُڏامي پيو،
سُنهرو سج پهاڙن تي،
ٿئي ٿو سر بسجدا ۽،
زمينون ٿيون صدائون ڏين،
رهن بي چينُ ساحل ٿا،
هوائون گيت ڳائن ٿيون.
اُهو جيڪو،
اڃا آيو به ناهي ۽،
اڃا موجود دنيا ۾،
ڪَچِي اک آ نه کولي، اُن،
سُڀاڻي جي سڌارٿ جي،
نئين نِرواڻ جي نغمي
ٻُڌڻ لئه منتظر آهيان.