مريم جي مٽي
چنڊُ هو رڻ ۾ ٻَريو؛
رات جنهن تي هئي ٺَرِي،
تون پئينءَ ڇو ڀاڪرين؛
چاهَه منهنجي ٿي چَرِي!
تو نه ڄاتو هي ڪڏهن؛
مان وڏو سيّاحُ هان،
ساحلن جي تڙپ هان؛
مان وڏو اوڙاهُه هان.
مون ۾ عربي سمنڊ جون؛
ڇيڪ ڇوليون ٿيون ڇُلن،
ڪي جزيرا جان ۾؛
ڇوڙ، ڇاڙهون ٿيون ڇُلن!
اڄ به ساڳيا سڙهه سنوان؛
من جي ٻيڙيءَ ۾ لُڏن،
بيرڪون ڪي بحر جون؛
مون کي ڏورانهون ڇِڪن.
اڄ به پوئي هار ڪي؛
هُو هوائون ٿيون هُلن،
جابلو جَرَ ساڻ هُو؛
پير منهنجا ٿيون ڌوئن.
ايئَن نه مون کي روڪ تون؛
لُڙڪ جي زنجيرَ سان،
پيار منهنجو پيار ناهه؛
راهه جي رهگيرَ سان.
منهنجي دنيا اُڀَ کان؛
۽ زمينن کان وڏي،
روح جي ڪن راحتن؛
بيقرارين کان وڏي.
هي جُهڙالو نينهن جو؛
چند گهڙين جي چوٽ آ،
مينهن جو آ معجزو،
پَلر جي پالوٽَ آ.
پوءِ به ٿي مون لئه لِکين؛
ڇو صحيفا سارَ جا؟
تاسَ جا تمثيل ۽؛
ڪي ديباچا دارَ جا.
مون ۾ جاڳٖي روز ٿِي؛
ڪارونجهر جي ڪورَ ڪا،
گوڙڌروءَ جي گونج ۽؛
ڪي ٽهوڪا مور جا.
۽ پريان ڪي ريت تي؛
هُو پکين جا پيرڙا،
ٿا اُڻن آوارگيون؛
ڄڻ سکين جا پيرڙا.
سُڃَ جي هر شام ۾؛
ويا نگاهن ۾ لهي،
تون نه سي سمجهي سگهينءَ؛
پيار منهنجي جا پَهي.
مان نه ڪو تبريز هان؛
۽ نه روميءَ جو ربابُ،
مان نه هان شيراز جي؛
ڪنهن به مٽيءَ جو گلابُ.
مان نه عيسيٰ جو صليبُ؛
تون نه مريم جي مٽي،
مان نه ڪرسمس جو قصو؛
تون نه گِرجا جي گهٽي.
سِجُ صوفيءَ جي مُنڊي؛
جنهن تي منهنجو آ جَڙاءُ،
آءٌ ڪرڻو سانجهه جو؛
منهنجو پاڻيءَ تي پَڙاءُ.
تون وڄائي ڇا ڪندينءَ؛
مون ۾ پيانو موهَه جو؟
آسَ پائي ڇا ڪندينءَ؛
آءٌ نه جهرڻو روهَه جو.