شاعري

خواب آوارا پکي

هي ڪتاب اسان جي دور جي خوبصورت شاعر احمد سولنگيءَ جي شاعراڻي تخليقن جو مجموعو آهي. لڇمڻ ڪومل مهاڳ ۾ لکيو آهي:
”احمد سولنگيءَ کي مان هتي نئين نسل جي نئين شاعريءَ جي علامت (symbol) ڪري ٿو کڻان. ان ٽهيءَ جا اڪثر شاعر فئشن پرستيءَ طرف مائل ٿي Stream of consciousness (شعور جي ڌارا) بدران Mainstream (روايت پرست ڌارا) طرف لُڙهندا ويا. جتي شاعري خود شاعرن مٿان نازل ٿيڻ جو فطرتي عمل ٿيڻ جڳائي، اتي هُو پاڻ شاعريءَ مٿان نازل ٿيڻ لڳا ۽ اهڙي افراتفريءَ واري دؤر ۾ ڪيترن کي لُڙ ۾ مزو لڳي ويو ۽ هُو راتورات شاعر ٿي ويا، پر شاعريءَ لاءِ جيڪا اندر جي سُوجهه ٻُوجهه گُهربل آهي، ان تقاضا تي احمد سولنگيءَ جهڙا ڪي ٿورائي تخليقڪار کَرا ثابت ٿي سگهيا.“
Title Cover of book خواب آوارا پکي

دار جي جهروڪي مان

دار جي جهروڪي مان

لمحي لمحي جي پيڙا ۾؛
مُنهنجو سَتُ سُڪو ئي ناهي،
سِرَ جي سوڙهيءَ سرڪڻ کان هِي؛
جانٺو جيءُ ڊنو ئي ناهي!

هُو سڏُ ڪري پيو ڪالاڻي؛
ڏِسُ مون کي اوچي تختي تان،
۽ ويڙهي مُرڪ کٿوريءَ ۾؛
ٿو آڇي دار جهروڪي مان!

ٿي راکي رات ٻَڌي مون کي؛
۽ ڳاڙهو تِلڪُ لڳائي ٿي،
هُوءَ ڪيئي لُڙڪ ستارن جا؛
ڄڻ پنبڻين ۾ اٽڪائي ٿي.

۽ کوليءَ ۾ هُو چندرما؛
پيو پير ڪڙين کي کولي ٿو،
مشڪُوڪ هوائن ۾ مون لئه؛
ڪيئن جلادن کي ڳولي ٿو.

۽ مون کي ٻهر اُماڻي اڄ!
ڏِسُ رستو پار اُڪاري ٿو!
هُو ڦرهو ڦاهيءَ گهاٽ ڏَسٖي،
۽ بيٺو دُور نهاري ٿو!