شاعري

خواب آوارا پکي

هي ڪتاب اسان جي دور جي خوبصورت شاعر احمد سولنگيءَ جي شاعراڻي تخليقن جو مجموعو آهي. لڇمڻ ڪومل مهاڳ ۾ لکيو آهي:
”احمد سولنگيءَ کي مان هتي نئين نسل جي نئين شاعريءَ جي علامت (symbol) ڪري ٿو کڻان. ان ٽهيءَ جا اڪثر شاعر فئشن پرستيءَ طرف مائل ٿي Stream of consciousness (شعور جي ڌارا) بدران Mainstream (روايت پرست ڌارا) طرف لُڙهندا ويا. جتي شاعري خود شاعرن مٿان نازل ٿيڻ جو فطرتي عمل ٿيڻ جڳائي، اتي هُو پاڻ شاعريءَ مٿان نازل ٿيڻ لڳا ۽ اهڙي افراتفريءَ واري دؤر ۾ ڪيترن کي لُڙ ۾ مزو لڳي ويو ۽ هُو راتورات شاعر ٿي ويا، پر شاعريءَ لاءِ جيڪا اندر جي سُوجهه ٻُوجهه گُهربل آهي، ان تقاضا تي احمد سولنگيءَ جهڙا ڪي ٿورائي تخليقڪار کَرا ثابت ٿي سگهيا.“
Title Cover of book خواب آوارا پکي

تارو تارو ، تنها تنها

تارو تارو ، تنها تنها

مايا ڇايا موهه،
پهرين پارس پاڻ هئاسين،
هاڻي پٿر، لوهه.
خالي سکڻا خواب اکين جا،
ڳوڙهن سان ئي ڳوهه،
ڪنهن جو ڪونهي ڏوهه.

جيون بي ترتيب،
اڳڙيون اڳڙيون ڪنهن جو ٿي ويو،
جوڀن بي ترتيب،
پل پل جي رسوائيءَ پويان،
تن من بي ترتيب،
درپن بي ترتيب!

ٿَر ۽ روهيءَ وانگ،
ساهَه سرير سمايا ڪيڏا،
سُور اُڏوهيءَ وانگ.
وقت صليبن تي ٿو چاڙهي،
ڪنهن بي ڏوهيءَ وانگ،
سِڪَ ستوهيءَ وانگ.

سپنا سانڍيا تو نه!
پکيءَ پکيءَ کي سانجهيءَ ويلي،
آکيري جي اونَ.
گهر جو وکريل ڪَکُ پَنُ توکي!
ياد اچي ٿو ڪونه!
تون سارين ٿي ڇو نه؟

گُهٖلي گُهٖلي ڪاڇيلُ،
ڏينهن سڄوئي واءُ ٿڌيرو،
خواب خواب جو کيلُ.
سُتي سُتي سوَ سُور انگوريا،
مانَ ٿئي ڪو ميلُ،
ڪهڙو تيلُ ڦُليلُ!

دل اونداهو کنڊ،
تارو تارو تنها تنها،
ٽيڙو، ڪتيون، چنڊ.
رات اڌو اڌ، ڀاڱا ڀاڱا،
ويهي مون سان ونڊ،
هيءُ مانڊي جو منڊ!

اُڏر يا خواب، خيال،
روحُ رَمل سان، نينهن نظم سان،
تن من ۾ مشعال.
پير پدمڙا، چانديءَ هٿڙا،
چهرا جوت جمال،
سِڪَ سِجهايا سال!