اوڀر جي آرسي
رات جي منحوسُ ۽ ڪاري هوا،
شهر جي روشن ڏيئن کي؛
ٿِي وڪوڙيندي رهي.
ڀوڳنائن جي سفر جا پيچرا،
پيرَ پنهنجا؛
ڄڻ چَٽيندا ٿا رهن!
وقت جا پاليل ڪُئا،
ديوتائن، انبيائن،
شاعرن، صوفين ۽ سنتن جي مٽي،
روزُ کوٽيندا رهن ٿا،
۽ ٿا ڪُتريندا رهن،
قيمتي زربفت جهڙي ديسَ جون،
چارئي ڪنڊون!
ڪالهه سورجَ، چنڊَ جيڪي،
هُئا ڦُٽا اوڀر منجهان،
اڄ انهن جي روشني ۽ چاندني ممنوع آهه،
فڪر کي ٻئي دور جو رائج سِڪو سمجهي ڪري،
ڄڻ عجائب گهر اندر تشهير لـئه سانڍيو ويو،
ڄاڻ ڄڻ ڪوريئڙي جي ڄارَ ۾ ڦاٿي پئي آ،
وقت جي اڀياس بابت،
ڪنهن به پنهنجيءَ کوجنا کي ڪو نه ٿو ليکيو وڃي!
شاعري،
انمول تحفو،
گفتگوءَ جو،
ڪو صحيفو،
ڌوڙ وانگي ڄڻ ته ڌرتيءَ تي لٿو،
ڪوڙ سان ميٽيو وڃي ٿو،
سچ جو چهرو سڄو.
سنگ تراشي پٿرن ۾ اڄ رهي روپوشُ ٿي،
آڱريون فنڪار جون پڻ،
برف وانگي ويون ڄمي،
سچ اجنتا ۽ اِلورا منجهه ڳوليندو به ڪيرُ؟
ڪامَ جو؛ مندر جي اندر ڪيرُ ڳوليندو به پيرُ؟
رقصُ گهايل،
زندگيءَ جي چور دروازن اندر،
هر نظر کان بي نيازُ،
هر خبر کان بي خبر،
چِترڪاريءَ منجهه ليڪيل ڪا لڪيرَ،
ڪو تصّور سوچ جي تجريد جو،
بُرش جي خاموش ڪنهن گفتار سان،
فن نَقاشي جي وسيع معنيٰ اندر،
پنهنجي خنجر سان ڪري ٿو خودڪُشي!
ملڪ اولهه جا سڀئي،
اوڀر تي مڇريا ٿا گهُمن،
دشمنيءَ جي دائمي آڙاهه هيٺان،
ڪيتريون ڌرتيون سَڙن.
پو به دنيا جي ڌڪاڻيل،
دُور هڪڙيءَ ڪُنڊَ ۾،
آشتيءَ ۽ امن جو اهڃاڻ بڻجي،
ڪالهه وانگي،
اڄ به آهي،
سنڌ بيٺي!
اڄ به آهي،
سنڌ بيٺي،
سنڌ بيٺي!