شاعري

خواب آوارا پکي

هي ڪتاب اسان جي دور جي خوبصورت شاعر احمد سولنگيءَ جي شاعراڻي تخليقن جو مجموعو آهي. لڇمڻ ڪومل مهاڳ ۾ لکيو آهي:
”احمد سولنگيءَ کي مان هتي نئين نسل جي نئين شاعريءَ جي علامت (symbol) ڪري ٿو کڻان. ان ٽهيءَ جا اڪثر شاعر فئشن پرستيءَ طرف مائل ٿي Stream of consciousness (شعور جي ڌارا) بدران Mainstream (روايت پرست ڌارا) طرف لُڙهندا ويا. جتي شاعري خود شاعرن مٿان نازل ٿيڻ جو فطرتي عمل ٿيڻ جڳائي، اتي هُو پاڻ شاعريءَ مٿان نازل ٿيڻ لڳا ۽ اهڙي افراتفريءَ واري دؤر ۾ ڪيترن کي لُڙ ۾ مزو لڳي ويو ۽ هُو راتورات شاعر ٿي ويا، پر شاعريءَ لاءِ جيڪا اندر جي سُوجهه ٻُوجهه گُهربل آهي، ان تقاضا تي احمد سولنگيءَ جهڙا ڪي ٿورائي تخليقڪار کَرا ثابت ٿي سگهيا.“
Title Cover of book خواب آوارا پکي

عشق جا رنگ

عشق جا رنگ


عشقُ پنهنجي تَنَ ڍڪڻ لئه، پيو ٿو ڪشميرو ڪَتي،
جيئَن لِيڙن کي لِڪائي، پنهنجي اوگهڙ کي ڍڪي.

عشقُ ڌوٻيءَ گهاٽ تي، من کي سَٽي صابڻ سوا،
۽ بدن کي سڄ جي هيٺان سُڪائي ٿي هوا.

عشقُ ٻارڻ ٿي ٻَري ۽ رنگ ريٽو ٿي رچي،
عشقُ رنگريزڻ جيان ٿو، دل پراڻيءَ کي رڱي!


عشق جو آ ڌار ڌاڳو، ڀرتُ ٿو اهڙو ڀَري،
هر ستارو ڄڻ سڳٖي ۾، چنڊ چوڏهينءَ جو ٻَري!

عشقَ جو آ سونُ پنهنجو، سَڃَ پنهنجي ۽ سُهاءُ،
عشقَ جي آ گهاڙَ پنهنجي، جوڙَ پنهنجي ۽ جڙاءُ!

عشقُ ڪارِيو، آڳ ٻارِيو ۽ پگهارِيو ٿو رکي،
عاشقن جا سِرَ سٽٖي، سانداڻِ تي ويٺو ڌڪي!

عشقَ جو آ ڏينُهن پنهنجو، رات پنهنجي، پنهنجي تات،
عشقَ جي آ ريت پنهنجي، جيت پنهنجي، پنهنجي مات.

عشقُ آويءَ ۾ رسائي، ٿو رَچائي خيال کي،
عشقُ ڄڻ چيڪي مٽيءَ جئن، ٿو پَچائي خيال کي!