خُدا جا خليفا
وٺي ٿا سگهون سڀ،
وڻن ۾ پناهون،
وڻن تي نگاهون رکي ٿا سگهون پر،
وڻن سان مخاطب رهيو ڪيرُ آهي؟
ڪڏهن ڪنهن پڙهيو آ،
وڻن ۾ رسالت جا آثارَ آهن،
وڻن منجهه جوڙُون ۽ جنسارَ آهن.
کڻن ساهه وڻ ٿا،
وڻن کي ملي ڪا عجب دلڪشي آ،
نئين نغمگي آ.
وڻن تي لٿا رنگَ ملهارَ جا ڪئين،
وڻن سان هوا جي رهي گفتگو ٿي،
وڻن جي مٿان چاندني چنڊُ اوتي،
وڻن سان تکي اُسَ رهي روبرو ٿي،
وڻن منجهه ڪوئل پُڪاري، سنڀاري،
پُراڻين گهڙين ۾ رکي اک نهاري!
وڻن کي ٽُڪي ڪاٺ ڪُٺڙو،
ڪڻي مينهن جي ۽ تکي تِروري کان،
صبح شام محفوظ گهرجو هُو پهريون تصّور،
ٿو دنيا کي ارپي.
وڻن منجهه ڳيريون،
اُڻن خواب جا ٿيون گهروندا ڪکاوان.
ٿڪل ڪي مسافر وڻن هيٺ ويهي،
صدين جي سفر جي رکن ڳنڍُ کولي،
اکيون، پيرَ ويڙهي،
سُمهن ننڊ جي ٿا ٿڌي ڇانوَ ڳولي.
مقدس محبت جا خاموش پاڇا،
وڻن جي ٿُڙن تي لکي نانوَ پنهنجا،
رسيلن چپن سان،
چُمن چاهتون ٿا،
رکن دل جون دل تي،
سِڌيون آرسيون ٿا.
وڻن ڏي جُڳن جا خريدارَ نڪتا،
ڪي نِرواڻ خاطر طلبگارَ نڪتا،
وڻن تي لٿِي زندگيءَ جي بِشارت،
پکي هي خُدا جا خليفا،
امن آشتيءَ جي علامت!