جُدائيءَ جا شوالَ
رنگ رنگ ڌاڳا رِٿي،
پورَ ۽ ڇاپا ڇُري،
ڀرتَ معنيٰ جا ڀَري،
جيئن به تو سوچيو هجي،
پنهنجي اکڙين سان سڀن کي،
تون ته ڏيکاري سگهين ٿي!
صبح جا رنگين پاڇا،
۽ وڻن جي ٽارڙين ۾،
جهولندڙ ڪا نرم ٿڌڙي روشني،
آبشارن جو ٿڌو پاڻي سفيد،
ڄڻ پرينءَ جي پيرَ ۾ پازيب چانديءَ جا ٻَڌل،
تون ته ڏيکاري سگهين ٿي!
زرد پٿر،
قيمتي پکراج، نيلمَ،
سُرخ ڪي ياقوت ۽ مرجانَ،
فيروزا ڪئين،
۽ ڍنڍون ٽُٻٽار نيريون،
ڄڻ زميني آرسيون،
جن مٿان آڪاسُ،
ناسي بادلن جون،
ڪاغذي ٻيڙيون، مهاڻا ۽ پکي،
تون ته ڏيکاري سگهين ٿي!
هي ڪنول جا گل، هيرون صبح جون،
ڏينهن جو سورج مُکين جي جوان چهرن جا جمال،
اُسَ ۾ بادام جون ٽاريون ڪچيون ۽ ڦول ڳاڙها،
ڪُوڪَ ڪوئل جي ڪٽارَ،
۽ ڪبوتر جي اکين ۾ ڪا عقابن جي اُڏارَ،
زندگيءَ، تمثيل ۽ تشبيهه جي دنيا سڄي،
تون ته ڏيکاري سگهين ٿي!
بس رڳو تنهنجين نگاهن کان پري،
منهنجي دل جو ديس مُفلس ٿو رهي،
جنهن جي ڳلن تان تو ڪڏهن ڳوڙها اُگهيا،
۽ نه اُن ۾ تو ڪڏهن ڳولي لڌا،
سُورَ سپنن جا سراب!
دل جي زخمن جا ٽڙيل تازا گلاب،
چنڊ راتيون، آڳ عيدون،
۽ جدائيءَ جا شوال!
ياد جا ڪي نانگ ڪاريهر اصيل،
۽ وِڇون سارا ورهه جا موتمار،
نيل ڪارا، بيقرارين جا نِشانَ،
چهڪ، چِيرا چاندنيءَ ۾ ،
رات جي راڻين سندا!
تو ڪڏهن ناهن ڏٺيون،
هي وڇوڙن جون وليون،
عشق اوڇڻ، پيار پٿراڻين مٿان
هي وڇاڻن تي وهاڻا ورهه جا،
۽ اکين ۾ ننڊ ڪُوڙي،
خوابَ، جنهن ۾ ڄڻ اَڪن جي کير جهڙا،
پل سمورا،
هيڪلائيءَ ۾ جوانيءَ جا امُل ڳوڙها ڪَڙا!
بس رڳو تنهنجين نگاهن کان پري
منهنجي دل جو ديسُ مُفلس ٿو رهي،
تو ڪڏهن جيڪو مُڙي ناهي ڏٺو!