نئون گهاٽ!
رکيون سين دلين جون هزارين طمعائون،
قبوليون زماني نه پنهنجون ڪٿائون،
“هوائون هندورا اسان لئه نه بڻيون،
گهڻيون ئي گهرن تي گجيون ڪي گهٽائون”
۽ عُريانين جا رڳو خوابَ لهندي،
ڪپاهين بدن کي تراشيو نگاهن،
سدا دل هي پنهنجي رهي طور سينا،
جتي نور نرمل پکيڙيو نگاهن،
۽ ساحل سمندر پکين جون اُڏارون،
قطارون وڻن جون نگر جون نهارون،
۽ پلڪن ڪناري ڪي شامون سُنهريون،
لُٽايون جوانيءَ انهن ۾ بهارون،
۽ ناياب گَهرِيءَ اَڇوتي چُميءَ سان،
جوان جسم جا ڪي ٿيا راز افشان،
رهي ڪين ڪائي به محدود حد ۽،
اسان ئي اورانگهيو مڪان لامڪان کي،
زهر منجهه ڌوتل ڪي سونا ڪٽورا،
فريبي ادائن ڏنا ڪي اسان کي!
وري ڪوئي سُقراط ويو نيڻَ ٻُوٽي،
ڪئي سنگباري زماني اسان تي!
وري ڪن ونين جا ڀنا نيڻَ نرگس،
سَڌن جا ڪي ساندهه ڏيئا تيل ٻاري،
ڪيو تن اُجالو انڌيرن ۾ جاڳِي،
ڪليون چار پنهنجي چُني ۾ ٻَڌي ڪي،
تڪِي تِن ويچارين رڳو ڌوڙ ڌرتي،
ڪٿان ڪوبه گوتم نه عيسيٰ وريو ڪو،
ڪٿان نوح ٻيڙو، نه موسيٰ وريو ڪو،
وري ڪنهن گِرهڻ ۾ ٿيو چنڊُ قابو،
سلاسل ۾ سارا ستارا سُمهي پيا،
وري ڏاگهه تي ڪا چڙهي آ ڏهاڳڻ،
ستيءَ جا پَويتر، ٿيا چاڪ پردا،
۽ ٿاڻن تي جاڙن ڀِرنِ سان جوانيون،
زناڪار ديدن جي گهيرن ۾ گهيريون.
وري ڪربلا جون ڪُٺيون ڪي ڪنيزون،
اُڏاڻيون رِدائون، ڪڪر جي نموني،
اجهن کي اُماڙيون ڏنيون ڪنهن اچانڪ،
لڙي شام آئي قهر جي نموني،
وري دارَ جا ڪي، کُلي پيا جهروڪا،
ٿيا گهوٽَ گهوڙا، رڻن جا مسافر،
سِسين جي سِرن تي، کڻي ڪوٽ اوچا،
ديارِ حسن جي اڏي تن عمارت،
ڪٿي سُرخ سُرخي، ڪٿي رنگ گهرو،
ڪٿي زلف سرڪش، ڪي وکريا هوا ۾،
گناهن جي بارش، وُٺي ايتري جو،
دلين جا وري داغ ڌوپيا، گهٽا ۾،
۽ اوڀر جي نئين ‘جُون آرڪ’ آ جاڳي،
مُهن جي دڙي جي دراوڙ نياڻي،
انهيءَ جي هڪل سان ويون ڪيئي لرزي،
ڪٿي مسندون ۽ ڪٿي تخت گاهون،
۽ ارضِ وطن جا سمورا انڌيرا،
مُهابي انهيءَ جي ٿيا سڀ مُنور،
صداقت سندا ڪي سفينا سنباهي،
ڪيو جنهن ستارن منجهان ڪو سفر آ،
۽ مُفلس گهرن جي، اُجهاڻيل بتين ۾،
نڪي روشنائي، نه بُکَ جو ازالو،
هي غربت جي دوزخ ۾ سڙيل مهانڊا،
اگهاڙپ جنين جي، ڍڪي ڪين انبر،
انهن جي سَترُ لاءِ ستار هوءَ آ،
خدا جي جهان ۾ گنهگار چهرا،
انهن لاءِ آٿتُ ۽ آڌار هوءَ آ،
اُنهيءَ جي اورانگهيو اڙانگن تڙن کي،
ٻُڏيءَ جي به دانهنِ سندو دادُ ٿيندو،
لُڙهيا ونجهَه ڪشتيون، ڪنارا جي ٻيهر،
نئون گهاٽُ ڪو، نيٺ ايجادُ ٿيندو.