ڪارو پاڻي
ڪجهه وڻي ۽ ڪجهه سُجهي ئي ڪين ٿو،
گهر جي ديوارن سان خالي گفتگو،
روزُ جو معمول آهي!
بيقراريءَ جو پکي ٿو روح کي چُڳندو وتي،
درد جو ڌاڳو کڻي دل سورَ ٿي سِبندي رهي،
روز اُڀري سجُ ٿو ۽ روز ٿو اُلهي وڃٖي،
شهر جي اوچن مڪانن کي وليون ويڙهي ويون،
اُس چانديءَ جون ڳليون، ناسي لڪيرون خواب جون،
گرم لڙڪن ساڻ اکين ۾ ويون ڌنڌلائجي.
روز هُو رُسوا ڪري، نئين ڪا نه ڪا تهمت
گهڙيو ويٺا گهڙن،
روز شيشي جي گهرن مان پاڻ پٿر ٿا هڻن،
پر نٿا ڄاڻن ته شيشي – گهرُ سندن،
ڪيترو ڪمزور آهي؟
نيٺ شيشو ئي ته آهي!
ڪنهن گلن تان آ چکيو نمڪين سُرهي ءَ ساٽَ کي!
ڪنهن ڪيو محسوس منهنجي درد جي احساس کي!
ڪنهن چکيو پاڻي اکين جو، لڙڪ جي لُوڻاٺ کي!
ڪير ڳوڙهن کي ڳڻيندو؟
وقت جي هيءَ ڌوڙ سڀني جي مٿان وسندي رهي،
ڪير ٿيو بدنام آهي،
ڪير ٿو سوچي اهو،
ڪنهن خواريءَ جو کنيو هي پاڻ تي الزام آهي!
شهر ۾ آ شور ڪيڏو، ڪيرُ ٿو ڪنهن جي ٻُڌي،
ڪيرُ آ ڪوڙو ٿيو ۽ ڪير ٿو سچ کي سڏي،
ڪنهن ڏٺو هي ڀونئر ڪارو، ٿو ڀِري ڪنهن جي مٿان؟
ٿو ڀَڃي آرسُ ڪٿي ۽ لارَ ڪنهن جي ٿو لڳي.
ڪنهن ٻُڌي هيءَ ڪانهن- ڪاني،
رات ڀر ڪنهن لئه رُني؟
چنڊُ ڪنهن جي لئه کِڙيو،
۽ رات جي راڻي ٽِڙي،
ڪنهن ڪڏهن اپريل ۾،
گُل مهر جو آ رتوليءَ لاک ۾ جوڀن ڏٺو؟
دور گرجا جي گهٽيءَ ۾،
ڪنهن جلادن جي هٿان مصلوب ٿيندي،
مُک مسيحا جو ڏٺو؟
ڪنهن ڏٺيون پاتال ۾ پاڙون پپر جون،
۽ هوا جو راڳُ پَنَ پَنَ مان ڏکارو
ڪنهن ٻُڌو آڪاس ۾،
۽ ابابيلن جي آڏو،
شهر جا مينار اوچا ڪنهن ڏٺا؟
شهر ۾ آ شور ڪيڏو، ڪير ٿو ڪنهن جي ٻُڌي؟
ڪير ٿو ڪنهن کي ڏسي،
زندگيءَ جو زهر قاتل،
ڪير پيو ڪنهن لئه پِئي،
ڪير پيو ٿو
ڪاري پاڻيءَ جو، اڪيلو قيد ڪاٽي؟