سورٺ نيڻ نگينا
چارڻ !
تنهنجو چنگ نه اهڙو،
جهڙي سورٺ سونهن!
تو وٽ اهڙي تند ڪٿي آ؟
جهڙا هُن جا وار.
چريا! تو وٽ چاهه نه اهڙا،
جهڙا هُن جا پيار.
تو وٽ اهڙو ساز ڪٿي آ؟
جهڙي هُن جي ڇير.
سورٺ ڪجري،
من جي اُجري،
تنهنجي من ۾ ميرُ!
تنهنجي مُٺ ۾ ماڻڪ موتي،
هيرا، لعل هزار.
هُن جا نيڻ، نگينا نوري،
حيرت ۾ وينجهار!
تو وٽ سُر جو مانُ ڪٿي آ؟
توکي سِرَ جي لوڙ.
هُن جي چوڙين ۾ سَو سرگم،
جُهوناڳڙهه جي جوڙ.
تون پينارُ ڳلين ۾ ڳائين،
تنهنجو ڪهڙو مُلهُه؟
سورٺ سون-سريکي ساري،
آهي پاڻ اَملهُه!