شاعري

اوجاڳن جو انت

’اوجاڳن جو انت‘ غزل جي بادشاهه ’وفا‘ ناٿن شاهي جو شعري مجموعو آهي. وفا ناٿن شاهي سنڌي غزل جو خوبصورت شاعر آهي، ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي. غزل ۾ سندس اظهار بيان، موضوع جي چونڊ ۽ تخيل جي پرواز ڏاڍي اُتاهين پد تي پهتل آهي. سندس شاعراڻي جذبن جي شهزادي ڏاڍي چنچل ۽ شوخ آهي.

هي ڪتاب 2006ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو.
Title Cover of book اوجاڳن جو انت

غزل جو ارتقائي سفر ۽ ان ۾ وفا ناٿن شاهيءَ جو حصو

انسان پيدائش کان ئي پنهنجي دل تي گذرندڙ گهڙين ۽ انهن جي رد عمل طور پيدا ٿيندڙ ڪيفيتن جو اظهار پئي چاهيو آهي، پوء ڪڏهن مک – ورَنن رستي ته ڪڏهن پيشانيءَ تي پوندڙ پيرن ۽ پاڇن جي ڀاوَنن پرکڻ رستي پئي پراپت ٿيو آهي، ته ڪڏهن اهو اشارن رستي اظهاريو ويندو هو، ٻولين وجود ورتو ته اهي ماضيءَ جي مڙني اظهار جي ذريعن کان وڌيڪ اظهار جي نباهه وارو ذريعو بڻيون. جڏهن کين صورتخطي ملي ته انهيءَ رستي ان اظهار جو دستاويز به رکڻ ممڪن ٿي پيو ۽اهو انهيءَ اظهار جي تاريخ جو هڪ اهم ۽ واحد ماخذ بڻجي پيو.
اهڙي اظهار ۾ ڪم ايندڙ لفظن جي شدت ۽ موزنيت ئي ان اظهار جي اهميت، قدر ۽ معيار جو سبب بنبي هئي. ان ڳالهه تي اڃا به اختلاف هلندڙ آهي ته پهريان نثر لکيو ويو يا شعر، پر شعر جيئن ته وڌيل شعور، فن، سٽاءُ ۽ ڏانءُ گهري ٿو، ان ڪري ئي ٿي سگهي ٿو ته شروع ۾ ڪي فطري نثري ٻول ئي هجن، جيڪي لکيت ۾ آيا هجن، جنهن کان پوءِ تهذيبي ۽ تمدني طور ترقي يافته سماجن ۾ اهڙا فني ماڻ ۽ ماپا ٺاهيا ويا هجن، جن ۾ ڳالهه ڪرڻ سان شعر جڙي بيهندو هجي.
هن وقت تائين جنهن سنڌي شعر جو قديم ترين نمونو ملي ٿو، سو آهي ”گِنانُ“، جيڪي آغا خاني اسماعيلي مرشد جي ثنا ۽ ساراهه ۾ جوڙيندا هئا، جيڪو اڄ جي ڪافي، وائي ۽ گيت جو بگڙيل نمونو لڳي ٿو، پر ڪن جو چوڻ آهي ته ابوالحسن جي سنڌيءَ ۾ هڪ نظم نما نثر لکيو ويندو هو، جيڪو گهڻو ڪري قرآن شريف جي آيتن جو سنڌي زبان ۾ ترجمو هوندو هو يا ڪِن فقهي مسئلن جو اپٽار هوندو هو، جنهن کي ”الف اشباع“ وارو سنڌي شعر چيو ويندو هو، جنهن ۾ ڪنهن حد تائين ردم به هو ته جملي جي آخري لفظ سان ”الف“ ڳنڍي، اڳئين جملي جي آخري لفظ سان هم قافيه بڻايو ويندو هو، ان حوالي سان اگر ان نثر کي نظم ڪري وٺجي ته پوءِ اهو سنڌي نظم جو اوائلي نمونو چئجي سگهبو.
ان اظهار جي ذريعي اسان وٽ سهرن، لاڏن، نوحن، مولودن ۽ مداحن عوامي طرح انيڪ روپ ورتا، پر پوءِ به دوهي ۽ سورٺي جي پنهنجي جاءِ تي قدامت ڳاٽي ۽ اهميت واري آهي، جيڪا هندي، سنسڪرت، پالي ۽ پوربي وغيره ٻولين جي لهه وچڙ سببان مضبوط قدم ڄمائيندي وئي، جن کي وري ساموئيءَ جي بيتن، قاضي قاضن، شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي بيتن، مخدوم نوح رح جي بيتن وغيره ٿورو گهڻو ڦير ڦار ڪري، بيت جي صورت ۾ آندو، جنهن کي لطف الله قادريءَ، شاهه عنات نصرپوريءَ ۽ جلال فقير کٽي، ٻن سٽن مان وڌائي اَٺن اَٺن، ڏَهن ڏَهن سٽن تائين به آندو، پر انهن کي باقاعدي، پوري ضابطي ۽ سٽاءَ سان هڪ صنف طور جيڪا شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ سڃاڻپ ڏني، سا اڳي ڪا نه هئي ۽ جيڪا بلاشڪ تحسين جوڳي آهي.
ان وقت ڪافي، لاڏي، سهري، مولود، مداح وغيره به پنهنجي چڱي خاصي صورت اختيار ڪري ورتي ۽ اهي صنفون ڀڳتين، ڏڻ وارن، ريتن رسمن وقت ڀَٽَنِ ۽ ڀانَنَ خوب ڳايون ۽ وڄايون، جن جو سٽاءُ، لب – لهجو، مواد ۽ ٻولي توڙي تشبيهون ۽ محاورا نج عوامي هئڻ ڪري انهن عوام ۾ جڙون پڪڙي ورتيون ۽ سالن جا سال پنهنجو ڌاڪو ڄمايو، جنهن کان پوءِ گيت سرجيو ويو پر ان ۾ به وائي ۽ ڪافيءَ جيان وراڻيءَ جو دهراءُ ۽ دوهي جيان ٻن سٽن جو بند وغيره هئڻ واريءَ هڪجهڙائيءَ ڪري هن صنف کي به عوامي مقبوليت ماڻڻ ۾ ڪا خاص دقت درپيش ڪانه آئي.
جڏهن هتي سنڌ ۾ مٿي بيان ڪيل صنفون شاعريءَ جي اظهار تي حڪمراني هلائيندي، ان وقت ٻين ترقي يافته (ادبي لحاظ کان) قومن ۾ ايراني، عرب ۽ يورپي قومون پيش پيش هيون، انهن مان ايراني ۽ عربي ٻوليءَ ۾ وڏا وڏا قصيدا، مثنوي، غزل، رباعي، قطعا، مسدس، مخمس، وغيره هلندڙ هئا. انگلينڊ ۾ سانيٽ ۽ فرانس ۾ ترئيل جو دور هو. اڳتي مغلن ۽ عربن جي دور ۾ سنڌ ۾ غزل لاءِ ماحول هموار ٿيو ۽ غزل جي شاعري ڪندڙن کي وڏا لقب القاب، مانَ ۽ مرتبا مليا، اهڙي طرح هن صنف به سنڌ اندر پنهنجو وجود مڃاڻڻ جا جتن ڪيا. سنڌ تي انگريزن جي حڪمرانيءَ دوران سنڌ ۾ سانيٽ، ترائيل ۽ نظم لاءِ راهون هموار ٿينديون رهيون، جن صنفن پڻ پنهنجو وجود مڃائڻ لاءِ سنڌي ادبي کيتر ۾ پنهنجون پنهنجون ڪوششون ۽ محنتون جاري رکيون.
جيستائين غزل جو سوال آهي ته ان تي مغلن ۽ عربن جي دورِ حڪومت تائين ته مواد، سٽاءَ ۽ ماحول جي لحاظ کان ايراني ۽ عربي رنگ ئي قائم رهيو، جنهن ڪري اها صنف عام بجاءِ خاص لاءِ وڃي رهي، جنهن کي چند ماڻهو پڙهي يا ٻڌي يا ڳايل صورت ۾ سمجهي پئي سگهيا. باقي عام ماڻهن لاءِ اها صنف پوءِ به ڳجهارت بني رهي، پر جڏهن ايراني ۽ عربي حڪمرانن سنڌ ڇڏي، تڏهن به سندن باقيات واري نفسيات ان ساڳئي لب لهجي ۽ ٻوليءَ توڙي محاورن واري غزل کي هڪ مقدس امانت سمجهي چهٽي رهي.
هالا جي هڪ غزل گو شاعر گل محمد ”گل“ هالائيءَ غزل ۾ ديسي ماحول، ٻولي ۽ مواد آڻڻ جي زبردست ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ قافيو تمام نرم ۽ نازڪ ڪم آندائين. ٻولي سنڌي جاگيرداري سماج جي کيتي باڙيءَ واري ۽ مواد تصوف جو ڏنائين، پر تصوف تي ٻڌل مواد ۽ بندن جي باهمي تسلسل جي ڪري سندس غزل، غزل گهٽ، نظم وڌيڪ ليکجڻ ۾ آيو، جنهن سبب ان جي غزل واري حيثيت نمايان نه ٿي سگهي.
ان جي جاءِ تي مصري شاهه ۽ صوفي خير محمد هيسباڻيءَ جون ڪي ڪافيون ڏسبيون ته اهي علم عروض تي، مطلع مقطع سان ڏسڻ ۾ اينديون ۽ منهنجن غزل وانگر باقاعده قافيو ۽ رديف ڪم آيل نظر ايندو.

جيئن:
وسري ويا ٻئي جڳ جڏهن دِلِ جان سان دلبر ڏٺم.
مهتاب مُنهن محبوب جو محراب ۽ منبر ڏٺم!

(مصري شاهه)

اهڙي طرح اهو فارسي رنگ ڍنگ وارو غزل ئي، غزل جي صحيح صنف بڻجي لکبو رهيو، جنهن کي ڪنهن حد تائين سولي ٻوليءَ وسيلي مجازي عشق ۽ محبوب جي سونهن ۽ ماڻن جي چاشني مير عبدالحسين خان سانگيءَ ڏني، پر پوءِ به ان مان سنڌ ڌرتيءَ جي مٽيءَ جي بوءِ ۽ ماحول جي مهڪ بدران ايراني ۽ عربي ٻوليءَ جي دقيق لفظن جي ڀرمار، زيِر اضافت جو آزادانه استعمال ۽ ساغرو مينا ۽ گل و بلبل جو غل، هوءَ هُلاچو هُل ضرور ڏسڻ ۾ پئي آيو، جنهن جا پوءِ نمائنده شاعر بڻيا: غلام محمد گدا، مرزا قليچ بيگ، ابراهيم خليل، احسن چنا، عبدالله حيدرآبادوي، فيض بخشاپوري، شيخ عبدالحليم جوش، اياز قادري، شيخ عبدالرزاق راز. شيخ اياز جا ڪجهه غزل جيڪي سندس ڪتاب ”ڀونئر ڀري آڪاس“ ۾ ڇپيا ۽ غلام محمد گرامي صاحب جا غزل پڻ ان رجحان ۽ لاڙي جي عڪاسي ڪن ٿا.
ان طريقي سان هندوستان جي ورهاڱي تائين غزل پنهنجون منزلون طئي ڪندو آيو، جنهن کي ڪنهن حد تائين سهل ۽ سليس ذوالفقار راشديءَ، ايم. ڪمل، عبدالحڪيم ارشد، ارجن حاسد ۽ تنوير عباسي بنائڻ جي ڪوشش ڪئي،گڏوگڏ غزليت به قائم رهي. ان ۾ عوامي ٻوليءَ جو استعمال ۽ روز مره جي واقعن جو ذڪر وري استاد بخاريءَ ڪمال ڏاهپ سان آندو جو غزل جي اصليت بحيثيت غزل جي بحال رهندي آئي. پوءِ سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان شعوري طور تي ڪجهه اديبن طرفان انفرادي طرح اها مهم شروع ٿي ته ٻولي نج ۽ نبار استعمال ٿيڻ گهرجي. شيخ اياز جو ”ڪلهي پاتم ڪينرو“ نياز همايونيءَ جو ”ڌرتيءَ جا گيت“، تنوير عباسي جو ”رڳون ٿيون رباب“، شمشير الحيدريءَ جو ”لاٽ“ ان جا اهم مثال آهن. ان ڪري هڪ اهڙو ماحول اڀري آيو جو ان ادبي لهر جي سرواڻ لاءِ واجهائڻ لڳو ته ان کي ڪير ٿو عملي طور سان کڻي ۽ نئين ٽهيءَ کي اڳتي وٺي هلي. اها ذميواري امداد حسينيءَ پنهنجي ڪلهي تي کنئي، جنهن جون مکيه ڳالهيون هيون ته، ”ادب ۾ تڪلف ۽ حجاب وارو پهلو ڇڏي ۽ ڳالهه صاف سٿري ڪجي. ان ۾ ٻولي ڪردار جي سطح واري ڪم آڻجي، سلاست ان جي جانِ هجي. ٻين ٻولين جي لفظن جو استعمال نه هجي، جتي اهي ادبي شيون پروپئگنڊا ۽ هلڪڙائيءَ جو شڪار ٿيڻ نه گهرجن، اتي ان ۾ پابندين جو زنجير مضبوط ڪري ۽ خيال جي اظهار کي ضرب نه پهچائي وڃي.“
اهڙي طرح منظرنامي تي اهڙا غزل اچڻ لڳا، جن ۾ تسلسل به اچڻ لڳو. هڪ سٽ کان پوءِ ٻيءَ سٽ وارو تجسس، جيڪو غزل جي جان سمجهيو ويندو آهي، اهو غائب ٿيڻ لڳو. ان دوران جن چڱا غزل لکيا، اهي هئا: محسن ڪڪڙائي، نشتر ناٿن شاهي، احمد خان مدهوش، راشد مورائي، اسحاق راهي، راز ناٿن شاهي، آثم ناٿن شاهي، خاڪي جويو، مير محمد پيرزادو، وفا ناٿن شاهي، تاج جويو،اياز گل، ادل سومرو، منير ٻٻر وغيره. هندستان مان ايم ڪمل جو غزل ۽ جديد غزل بابت سندس ويچار جڏهن سامهون آيا ته هتي جي غزل لکندڙ شاعرن کي هڪ دفعو پنهنجي غزلن تي سوچڻو پيو. مون ماضي قريب جي مٿين شاعرن جي غزلن جو نئين سر جائزو ورتو ته انهن مان ڪهڙن شاعرن غزلن جي اصليت، غزليت ۽ شڪل صورت بحال رکندي منجهس تجربا ڪيا آهن ته مون کي راشد مورائي ۽ سرڪش سنڌيءَ سان گڏ جيڪي ٻه اهم نالا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، سي آهن:
وفا ناٿن شاهي ۽ اياز گل، جن عزل ۾ نواڻ، جدت، سلاست ۽ عام فهمي آڻيندي به ان جي اصليت ۽ تغزل بحال رکڻ جو عمل سرانجام ڏنو.
وفا کي سنڌي غزل سان گڏ اردو جي قديم ۽ جديد غزل گو شاعرن جي مطالعي جو اهم فائدو ضرور ٿيو ته سندس هٿن مان غزل ڪڏهن به کسڪي ”نظم“ يا ”فرد“ جي خاني ۾ نه هليو ويو. پاڻ وفا غزل ۾ جديد سماجي وارتائن۽ روين کي ايم ڪمل جيان جوڳي جڳهه پڻ ڏني ۽ ان جوخيال، معيار، ٽيڪنڪ ۽ تجسس بحال رکڻ ۾ به ڪامياب رهيو، سندس غزلن جا ڪجهه اهم بند آهن:

خالي گلاس آهين،
ڪيڏو اداس آهين.
--
روز لٽجن ٿيون نيون اميدون،
دل، وڏيري جي حويلي آهي.
--
اسان جو عشق ته چريو هو، ٿي ويو برباد،
اوهان جي حسن جا جلوا ته هوشمند هئا.
--
هر پاسي اعلان ڦري ويو،
هر ڪوئي ڳالهائي دل ۾،

وفا ڪٺن ڏينهن به ڏٺا هوندا، ماڻهن جو تترن جيان شڪار، چاڪيءَ جي ڏاند جيان ڪوڙن جو وسڪارو، جيلن ۽ رڍن ۽ ٻڪرين جيان واڙجڻ، پيار تي پهرن، حقن جي لتاڙ ۽ ٻيون انيڪ اهڙيون اذيتون اکئين ڏٺيون هونديون، جيڪي ان نظام جي وصفن ۾ شامل آهن، ته سندس اندر جي حساس فنڪار ضرور انهن جو ڪو رد عمل اظهاريو هوندو، جيڪو سندس شاعريءَ ۾ ڏسبو ته بلڪل واضح ۽ چٽو پٽو نظر ايندو:

کُٽي پيا تنهنجا استبداد لکندي،
مسون، ڪاڳر، قلم افسوس آهي،
کِلڻ تهمت، روئڻ الزام وانگر،
ڏسي ڪاتب جا ڪم، افسوس آهي.

-

مان بي زبان آهيان،
تون بي قياس آهين.

-
رڃ سان ڪاٿي اڃ لهي ٿي، خشڪ چپن جي پيارا!
توسان ڪهڙا درد ونڊيندا پاڇا پاڇا ماڻهو!
-
منهنجي دل آهه ڪبوتر ڪارو،
تنهنجي اک ڄڻ ته گليلي آهي.
-
ڀيليو ڇو ٿا گاهه ته ناهيان
نرم سهي، بي ساهه ته ناهيان،
-
ڪيسين چپ ڀڪوڙي ويهون،
دل جو درد دٻائي دل ۾.

محبوب جي حسن جي ساراهه، پنهنجي وفائن جو ذڪر ۽ ان جي عيوض هڙ پلئه پوندڙ ناڪامين جي انبارن جون شڪايتون، جيڪي غزل جي جان ۽ ان جي تاڃي پيٽي جون تندون هونديون آهن، سي وفا جي غزل ۾ نمايان نظر اچن ٿيون:(الف) حس ن جي واکاڻ جو ذڪر:منهنجي ڳوڙهن جو ڀلا وس ڪهڙو؟
تنهنجي ڇاتي ئي ٿريلي آهي.

-
سندس بي هوش رخسارن تي روئي،
ستل جذبن کي جاڳائي ڇڏيوسين.

-
منهنجا ڳوڙها ته سِر کان تتل ها،
تنهنجا رخسار ڇا لاءِ ٺري ويا.

(ب) پنهنجي وفائن ۽ قربانين جو ذڪر:
آءٌ حالات جي منهن ۾ آهيان،
شينهن جي وات ۾ ڇيلي آهي،

-
هڻي ويو هو نڙيءَ ۾ ڪو چڪ ننڊ پئي،
اکيون کليون ته ڏٺم دوستيءَ جا ڏند هئا.

-
پهڻ سڏڪن سان پگهرائي ڇڏيوسين،
رٺل محبوب پرچائي ڇڏيوسين،
وساڻل مشعلن تي رَتُ روئي،
ڦِٽل ٿاڪن کي چمڪائي ڇڏيوسين!


(ت) وفائن ۽ قربانين عيوض ملندڙ دئونسن، ناڪامين ۽ ناڪاميابين جو ذڪر:
ڪچيءَ ڀت کي ٽيڪ لڳائي روئندڙ ڦوهه جواني،
توکي ڪيڏا سور ڏئي ويا تنهنجا پنهنجا ماڻهو!

-
سٺي جهان جا جهنڊا کڻي بلند هئا،
مگر صليب تي تنهنجا نيازمند هئا.

-
تو ۾ پاڻ لڪائڻ وارو،
توکي ڪيئن لڪائي دل ۾.

-
وري پيتوسي قاتل زهر مرڪي،
وري رندن کي شرمائي ڇڏيوسين

نازڪ جذبن جو شاعر وفا ناٿن شاهي مسلسل غزل لکي رهيو آهي، پر سندس فقيراڻو ڪشڪول خالي ئي رهيو آهي. نه ڪا شام، نه ڪا تنقيدي نشست، نه ڪوئي مجموعو وغيره، آخر اسان جي اها بي حسي ڪيستائين رهندي. ان سوال اڳيان جوابن لاءِ سنسان رستا ئي ڇڏجن ٿا:جڏهن اسان خاڪ ٿي وياسي، تڏهن اُٺي ماڪ مئڪدن تي،
رُنو صراحيءَ، ڏٺو نه ساغر، پياڪ پنهنجي خمار ۾ ها.

(اياز)
[b]مير محمد پيرزادو
[/b]