دل جو خيال
آخوند گل محمد هالائيءَ کان نماڻي سنڌيءَ تائين جن به صاحبِ ذوق سنڌي شاعرن غزل لکيا آهن، تن مان گهڻائي اهڙن غزل گو شاعرن جي آهي، جن غزل ۾ به نواڻ پيدا ڪري شوق ۾، ان ۾ نوان تجربا ڪيا آهن. محترم رام پنجواڻي غزل بابت راءِ ڏيندي لکيو آهي ته، ”مون کي افسوس آهي ته غزل جي نالي ۾ ويچاري غزل سان جيڪي زيادتيون ڪيون ٿيون وڃن، سي فن ۽ ادب جي بي حرمتي ۽ ارهه زورائيءَ جي برابر آهن“.
هتي هڪ اهڙي شاعر جي غزلن جو جائزو وٺجي ٿو، جنهن غزل کي اصلي معنيٰ ۾ غزل رهڻ به ڏنو آهي ته مواد جي لحاظ کان اها دلڪشي به پيدا ڪئي آهي، جيڪا غزل جي جان هوندي آهي.
”وفا“ ناٿن شاهي سنڌي غزل گو شاعرن جي صفِ اول ۾ شمار ٿيندڙ شاعر آهي، جنهن غزل جي سڀني پهلوئن سان خوب نباهيو آهي.
اچو ته وفا جي غزل ۾ تشبيهون ڏسون:
ڪو چين سزا وانگر
ڪو درد دوا وانگر
--
ڪافر ٿو ٿيان شايد،
ڪو شخص خدا وانگر
--
برسيو هان سرابن تي،
سانوڻ جي گهٽا وانگر
--
تنهائيءَ ۾ ساروڻي
ڪاڙهي ۾ هوا وانگر
--
گلشن ۾ وفا آهي
صحرا ۾ صدا وانگر
هن غزل ۾ ڏسبو ته ٻن جدا جدا لفظن يا شين جي هڪ ٻئي سان ڀيٽ ڪري تشيبهه يا تمثيل جا مثال ڏنا ويا آهن. هڪ ٻئي غزل جا چند بند به پيش ڪجن ٿا، جن ۾ مشبهه، مسبهه بهه ۽ حرف تشيبهه جي سمجهاڻي آهي:
ڪجهه سوالن جيان، ڪجهه جوابن جيان،
زندگي آهه انگي حسابن جيان.
--
منهنجا جذبا نون مئڪشن جان صنم!
تنهنجا جلوا پراڻن شرابن جيان.
--
حسن وارن جا رنگين ڪومل بدن،
عشقيه شاعريءَ جي ڪتابن جيان.
--
منهنجا ڳوڙها عوامي سماعت وفا،
هن جون مرڪون سياسي خطابن جيان.
وفا جي جي شعر ۾ ”ڪنايه“ جو استعمال:
وئين جڏهن کان پير پائي باغ ۾،
باغ ٿو پاسا ورائي باغ ۾.
--
رنگ ۽ خوشبوءِ جي پويان رُلي،
پاڻ کي ويٺس وڃائي باغ ۾.
--
بند اکيون موسمِ گل جون وفا،
ڪير ٿو ڪپڙا مٽائي باغ ۾.
يا
روز لٽجن ٿيون نيون اميدون،
دل وڏيري جي حويلي آهي.
مٿين بندن ۾ ”باغ ٿو پاسا ورائي باغ ۾“، ”پاڻ کي ويٺس وڃائي باغ ۾“، ”ڪير ٿو ڪپڙا مٽائي باغ ۾“ يا ”دل ڄڻ ته وڏيري جي حويلي آهي“ ڪنايه جا عمدا مثال آهن. اهي رمزون ۽ اشارا، ڪنايه طور ڪتب آڻي، غزل کي سونهن بخشي سگهارو بڻايو ويو آهي.
هيٺ وفا جي غزل ۾ ”مجاز مرسل“ جو نمونو پيش ڪجي ٿو:
ناخدائن کان بچي ويو هين وفا!
تنهنجي قسمت ۾ ڪنارا هوندا.
--
تنهنجي نيڻن جي افق مان جي ٽٽا،
منهنجي قسمت جا ستارا هوندا.
مجاز مرسل جو مطلب آهي ڪنهن لفظ جي سچي معنيٰ کي ڇڏي، نئين مجازي معنيٰ ڪڍڻ، مٿئين غزل ۾ ناخدا جو ٻوڙڻ وارو تصور ۽ ستارن جي ٽٽڻ جي مجازي معنيٰ وٺڻي پوندي، جيڪو مجاز مرسل جو هڪ نمونو آهي.
وفا جي غزل ۾ صنعت سوال جواب جو مثال:
هن صنعت ۾، شاعر سوال به پاڻ ڪندو آهي ۽ جواب به پاڻ ڏيندو آهي. وفا جو ان بابت شعر ڏسو.
ڇو ٿا مون کي ڦاهيءَ چاڙهيو؟
ايڏو حق آگاهه ته ناهيان.
--
ايڏو ڇا ٿا ڇرڪو مون کان؟
دوزخ جو آڙاهه ته ناهيان.
يا
ناخدائن کان بچي ويو آهين وفا!
تنهنجي قسمت ۾ ڪنارا هوندا.
هتي صنعت مراعات النظير جو به مثال پيش ڪجي ٿو. هن صنعت موجب شاعر جڏهن ڪا ڳالهه بيان ڪري ٿو ته ان سان واسطورکندڙ ٻين شين جو به ذڪر ڪري وڃي ٿو. ڏسو ته وفا، باغ جي ڳالهه ڪندي گلن، مالهي، آس جي چادر باغ ۾ وڇائڻ وغيره جو ذڪر پنهنجي غزل ۾ پيش ڪري صنعت مراعات النظير جو ڪهڙو نه نمونو ڏيکاريو آهي!
شهر تنهنجي ۾ ائين منهنجو وجود،
جيئن ڪو مالهي پرائي باغ ۾.
--
تنهنجي وعدن سان ڪچهريون ٿو ڪيان،
آس جي چادر وڇائي باغ ۾.
--
تون به وئين، گل ڀي ويا هاڻي مٺا،
ڪير ويٺو ڌوڙ پائي باغ ۾.
صنعت اسماءِ: هن صنعت موجب شاعر پنهنجي شعر ۾ ماڻهن، پکين، جاين، جانورن يا ٻين شين جا نالا ڪتب آڻيندو آهي. هيٺ ڏسو ته وفا، ماڻهن جا نالا، پنهنجي شعر ۾ ڪم آڻي صنعت اسماءِ جو مثال ڏنو آهي:
جاڳو ٻيلي مڙس ٿيو،
مانجهي، پانڌي گاهي ڙي.
صنعت ضرب المثل: هن صنعت ۾ شاعر، شعر ۾ ڪو پهاڪو، چوڻي يا قرآن شريف جي ڪا آيت ڪم آڻيندو آهي. اچو ته ڏسون ته هن صنعت سان وفا ڪيترو نباهيو آهي:
پنهنجي هوندي تنهنجي چاهت ۾ چريو،
ڄڻ ”امانت ۾ خيانت“ ٿو ڪيان.
--
هي گهُر ٻار وفا جو آهي،
دنيا ڌوڙ نه پائي دل ۾.
--
”مطلب جي محبت“ آ،
بي فيض دعا وانگر.
--
هر سوچ منافق جي،
”جوتي ۾ بلا“ وانگر.
هاڻي اچو ته ڏسون ته وفا صاحب سينيئر شاعر آهي، هن بحر وزن سان ڪيترو نباهيو آهي.
بحر متدارڪ مثمن سالم جو مثال:
ڪجهه سوالن جيان ڪجهه جوابن جيان،
زندگي آهه انگي حسابن جيان.
فاعلن فاعلن فاعلن فاعلن
ڪجهه سوالن جيان ڪجهه جوابن جيان
زندگي آهه ان گي حسا بن جيان
بحر متدارڪ مثمن مخبون مسڪن محذوف جي مثال:
سنڌڙي سور الاهي ڙي
ڏيندا ڏيهه گواهي ڙي
فعلن فعلن فعلن فع
سنڌڙي سورا لاهي ڙي
ڏيندا ڏيهه واهي ڙي
بحر متدارڪ مثمن مجذوف جو مثال:
ڀيليو ڇو ٿا گاهه ته ناهيان
نرم سهي بي ساهه ته ناهيان
فعلن فعلن فعلن فعلن
ڀيليو ڇوٿا گاهه ته ناهيان
نرم س هي بي ساهه ته ناهيان
بحر رمل مسدس مخذوف جو مثال:
موت جي ڊپ کان عبادت ٿو ڪيان،
زنگي تنهنجي وضاحت ٿو ڪيان،
فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن،
موت جي ڊپ کان عبادت ٿو ڪيا،
زندگي تهه جي وضاحت ٿو ڪيا.
ائين به ناهي ته وفا صاحب عام مروج بحرن تي شاعري ڪئي آهي پر هن نوان تجربا پڻ ڪيا آهن، جيئن:
سڄي جهان جا جهنڊا کڻي بلند هئا
مگر صليب تي تنهنجا نيازمند هئا
يا وري هي شعر:
ڪو چين سزا وانگر،
ڪو درد دوا وانگر.
مٿيان چند شعر، نموني طور پيش ڪيا ويا آهن. غور سان ڏسبو ته وفا جي سڄي شاعري، اها ڇپيل هجي يا اڻ ڇپيل هر طرح جي خوبين سان مالا مال نظر ايندي. سندس شعر ملائم ۽ آسان آهي، جيڪو سولائيءَ سان سمجهه ۾ ايندڙ آهي، پر پوءِ به منجهس فڪري مواد موجود آهي. آخر ۾ وفا جي ئي شعر سان پڄاڻي ڪجي ٿي:
توکي آيو آ تڏهن دل جو خيال،
غم جڏهن موڙ ڪٽي ويو آهي.
[b]راشد مورائي
[/b]