شاعري

اوجاڳن جو انت

’اوجاڳن جو انت‘ غزل جي بادشاهه ’وفا‘ ناٿن شاهي جو شعري مجموعو آهي. وفا ناٿن شاهي سنڌي غزل جو خوبصورت شاعر آهي، ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي. غزل ۾ سندس اظهار بيان، موضوع جي چونڊ ۽ تخيل جي پرواز ڏاڍي اُتاهين پد تي پهتل آهي. سندس شاعراڻي جذبن جي شهزادي ڏاڍي چنچل ۽ شوخ آهي.

هي ڪتاب 2006ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو.
Title Cover of book اوجاڳن جو انت

وفا: درد، ديس ۽ دل جي ايمان جو شاعر

وفا ناٿن شاهي، سنڌي غزل جو خوبصورت ۽ امر آواز آهي، جنهن جي اظهار ۾ جنم جنم جون ڳولائون آهن، جن جي سڃاڻپ صرف اهي اکيون ئي ڪري سگهن ٿيون، جن اکين جي ازل ابد جي پيچرن سان دوستي هوندي آهي. وفا غزل جي رنگين سفر جو اهو پانڌي آهي، جنهن زندگي جي ڪيترن ئي ذائقن کي چکي ڏٺو آهي، جنهن کي خبر آهي ته ثواب جيان گناهه به زندگيءَ جو لافاني سواد آهي ۽ جنهن جي چکڻ کان پوءِ ئي ماڻهو زندگيءَ کي سمجهڻ جي اهل ٿي سگهندو ۽ وفا ان کي سمجهي، پنهنجي شاعريءَ ۾ جيڪي احساس اوتيا آهن، تن هن جي شاعريءَ کي زندگيءَ جي هڪ اجري آرسي بڻائي ڇڏيو آهي. وفا ناٿن شاهيءَ جي ڊول ۽ بيهڪ کي ڏسي، واقعي به پڪ ٿي وڃي ٿي ته هي امرتسر جي ڀرسان واقع هڪ ڳوٺ ڪڪڙان والا بنديالا ۾ ئي ڄائو آهي. رنگ جو پڪو ڪار سرو، اڻ ويٺل مٿو، هٿ پير آزاد، لڳي ٿو ماءُ هن کي تنجڻن ۾ ٻڌو ئي ڪو نه! شايد ننڍپڻ کان ئي هن ٻنڌڻن کي قبول نه ڪيوآهي، اهو ئي سبب آهي جو هو پنهنجيءَ دل جي رياست جو اهو آزاد شهزادو بڻجي ويوآهي، جنهن وٽ سرحدن جو تصور بي معنيٰ هوندو آهي. جيڪڏهن ننڍي کنڊ جو ورهاڱو نه ٿئي ها ته هي امرتا پريتم جو هم وطن ۽ همز زبان/ امرتسر جي هوائن جو شهزادو هيئن دربدر به نه ٿئي ها. هو صرف چئن سالن جو هو ته اوچتو ورهاڱي جي وٺ وٺان ۾ سندن ڳوٺ وارن کي خبر ملي ته هي ڳوٺ هندوستان جي ورهاست ۾ آيو آهي، ان ڪري کين هي ڳوٺ خالي ڪرڻو پوندو. هن جو پيءُ خيرات علي، جيڪو مڻهيارو هو، جنهن امرتسر جي آس پاس وارن ڳوٺن ۾ بولا، بينسريون، چوڙيون، ڪجل، مساڳ وڪڻي پئي سماجي رشتن ڳنڍڻ جوجيون گهاريو، جنهن کي گرمکيءَ ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ ايندو هو، جنهن کان ئي وفا ناٿن شاهيءَ هير وارث شاهه ٻڌي هئي، ان کي اوچتو جڏهن ڄاڻ پئي ته کين پنهنجو ڳوٺ خالي ڪرڻو پوندو ته هو پڪ سان ٻارن وانگر روئي پيو هوندو. ان سمئه هن جي اها پيتي، جنهن ۾ ڪيترائي رشتا، جيڪي ڇلن، منڊين، چوڙين ۽ نڪ جي ڪوڪن جي شڪل ۾ موجود هوندا، اهي به هن کي سڏڪندي محسوس ٿيا هوندا ۽ هن تصور ۾ اهي ڀڄي ڀري رهيا هوندا. نيٺ پنهنجي پيءُ خيرات علي ۽ ٻين ڀاتين سان چئن سالن جو مشتاق علي يعني اڄوڪو لاڏلو شاعر وفا، نئين وجود ۾ آيل پاڪستان ۾ اچي ويو. پهرين يونين ڪائونسل گوزي ۽ پوءِ خيرپور ناٿن شاهه ۾ اچي رهيا، جتي هنن جي پنهنجي اباڻي ديس سان گڏ اباڻي ٻولي کي به ذري گهٽ وساري سنڌي ڳالهائڻ شروع ڪيو۔
وفا ننڍپڻ کان فطرت پسند ماڻهو هو، ان ڪري سنڌ جي فطري سونهن هن کي پنهنجي درد سميت پنهنجي ڀاڪر ۾ آڻي ڇڏيو. هي پنهنجي مٺي آواز سان جهونگاريندو، وطن جي وڻن ٽڻن جو اڀياس ڪرڻ لڳو. ميلا ملاکڙا هن کي تمام گهڻا موهيندا هئا، ان ڪري هوآوازن کي وڌيڪ ويجهو ٿيندو ويو. ميلن ملاکڙن جي موقعي تي جيڪي ڳائڻا ۽ ڳائڻيون اينديون هيون، هي انهن جي صحبت ۾ پاڻ کي هلڪو محسوس ڪندو هو ۽ خاص طرح ڳائڻين کي هي پنهنجي دور جا هٽ فلمي گانا ياد ڪرائيندو هو. ڇو ته هن کي پنهنجي دور جا سڀ هٽ فلمي گانا ياد هوندا هئا. دراصل وفا پنهنجي نوجوانيءَ واري زماني ۾ ئي هڪ خيالن جي دنيا جوڙي ورتي هئي، جنهن جي تعمير هن جي آوازن ڪئي هئي. فلمون ڏسڻ به ان تعمير جو هڪ پاسو آهي. هو جڏهن خواب ڏسندو هو ته انهن ۾ اڪثر هن کي فلمي اداڪارائون ملنديون هيون، پر حقيقت هيءَ آهي ته هو پنهنجيءَ زندگيءَ جو هيرو بڻجي نه سگهيو. هن جنهن کي، ڪڏهن فردوس ڪڏهن مسرت نذير جي صورت ۾ ڏٺو، افسوس ان کي ماڻي نه سگهيو ۽ هن جا نصيب وڃي هڪ اهڙي عورت تي نيهن ۾ اٽڪيا، جنهن سان هن جوانيءَ جي بي پرواهيءَ وارا لاڳاپا جوڙيا هئا. هن اهو جهنم خريد ڪري ورتو، جنهن ۾ هو اڄ به جلي رهيو آهي. هو ڪيئن جلي رهيوآهي، اهو صرف هن جي شاعري ٻڌائي ٿي، ۽ سندس اهي ساٿي ئي ٻڌائي سگهن ٿا، جيڪي بي خبر ۽ بيباڪ ٽهڪن تائين هن جي سفر ۾ گڏ رهيا آهن. هن جا ٽهڪ سکڻا نه هوندا آهن. هو جڏهن ٽهڪ ڏيندو آهي ته انهن ۾ سندس جگر به شامل هوندو آهي. هن جي اندر جي سموري خوبصورتيءَ کي سندس شاعريءَ ۾ ڏسي سگهجي ٿو، جا هن جي سموري ناڪام زندگيءَ جو ناز آهي، جنهن کي هن ڪيترن نه ڏکين ۽ ڪرب وارين حالتن ۾ تعمير ڪيو آهي، ان جي سونهن ۽ سلوڻائپ جي ڳولا ۾ هو شعور سان گڏ لاشعور جا رستا به ڀٽڪندو رهيو آهي ۽ هن پنهنجي شعور کان لاشعور ڏانهن سفر هميشه کيپن ۽ خمارن ۾ ڪيو آهي، هن جا سمورا کيپ ۽ خمار هن جي ذات جي درد جو حصو آهن. سچ پچ ته هن جي درد وٽ اهي اکيون آهن، جيڪي اونداهين ۾ سوجهرو ڳولي وينديون آهن. مان هن کي سقراط جهڙو ٿو سمجهان، جيتوڻيڪ مقدار جي اعتبار کان زندگيءَ جو زهرجيڪو وفا پيتو آهي، اهو سقراط پئي ها ته جسم مان شعلو بنجي وڃي ها، پر پوءِ به وفا سقراط نه آهي، ڇو ته هو وفا آهي. حقيقت هيءَ آهي ته وفا پنهنجي سڃاڻپ پاڻ آهي، سادڙو ۽ سٻاجهو. مون جڏهن هن کي پهريون ڀيرو ڏٺو هو ته، مون کي هن جي بي ڊولائي تي کل اچي وئي هئي، پر پوءِ آهستي آهستي مون هن جي اندر ۾ ان حسين انسان کي ڳولي ورتو هو، جنهن جي آڏو ظاهري سونهن ۽ سينگار ڪا اهميت نه رکندا آهن. وفا ناٿن شاهيءَ جو عروج، منهنجي شاعريءَ جي وکن کڻڻ وارو زمانو آهي، پر ٻنهي ۾ هڪ عجيب مماثلت آهي ته اسان ٻنهي نائين درجي کان شاعري شروع ڪئي ۽ ٻنهي جي شادي ڪچيءَ وهيءَ ۾ ئي ٿي گذري. ٻنهي گهڻي ۾ گهڻيون فلمون ڏٺيون، ٻنهي کي گهڻي ۾ گهڻا فلمي گانا ياد رهيا. بهرحال منهنجو هن سان جيڪو شاعراڻو رشتو جڙيو آهي، هن، سڀ کان مٿانهون آهي، جنهن رشتي ئي مون کي هن جي ويجهو آندو آهي. هو جنهن خيرپور ناٿن شاهه کان جاتيءَ تائين زندگيءَ کي رلندي گذاري ڇڏيو، پر هن کي ڪٿي جي به هوا گهڻو ترسائي نه سگهي. جڏهن به آءٌ سندس شاعري پڙهندو آهيان ته منهنجو درد، ديس ۽ دل تي ايمان وڌيڪ پختو ٿي ويندو آهي. اصل ۾ وفا درد، ديس ۽ دل جي راهن جو ئي شاعر آهي، هن جي شاعري لفظن جو ورجاءُ نه آهي، بلڪ اها زندگيءَ جي مشاهدن جو نتيجو آهي. هن جي شاعري جو ٻرڻ، دراصل هن جي پنهنجي اندر جو ٻرڻ آهي، جنهن جا شعلا ڪنهن جي اکين کي پنهنجي حصار جي والار هيٺ آڻيندي دير نٿا ڪن.
وفا ناٿن شاهي مسلسل ۽ مڪمل شاعر آهي، هن جي اظهار جي پُورنت مون کي ڪٿي به نٿي کٽڪي، اها هن جي فن جي عظمت ئي آهي جو هو عام واقعن ۽ حادثن کي جڏهن پنهنجي شاعراڻي حسن سان ڇهي ٿو ته اهي واقعا ۽ حادثا عظيم بڻجي وڃن ٿا. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ لکايو ته ائين ويو آهي ته هي اسان جو لاڏلو شاعر وفا ناٿن شاهي غزل جو ئي شاعر آهي، پر حقيقت رڳو ائين به نه آهي. هن غزل کان وٺي هائيڪي تائين شاعريءَ جو جيڪو ڊگهو ۽ بامقصد سفر ڪيو آهي، ان سڄي سفر کي هڪجهڙي معنيٰ آهي. وفا ناٿن شاهيءَ جو نالو خيرپور ناٿن شاهه جي نالي سان منسوب آهي. ائين ڪجهه ٻيا نالا: نشتر ناٿن شاهي، راز ناٿن شاهي ۽ آثم ناٿن شاهيءَ جا به مشهور آهن، پر هي ڪو شاعريءَ جو مخصوص مڪتبئه فڪر به ناهي، بلڪه هيءَ ته ڌرتيءَ سان لاڳاپي جي هڪ نسبت آهي، جا خوشبو ٿي هر هنڌ ڦهلجي وڃي ٿي.
وفا جي شاعريءَ جو اسلوب اوپرو نه آهي، بلڪه اهو ڄاتل سڃاتل آهي، هن جو سنڌي شاعريءَ جو تسلسل سان جڙاءُ آهي، جنهن ڪري وفا جون تشبيهون، ترڪيبون ۽ اهڃاڻ يا علامتون مقامي آهن، ان ڪري ئي انهن ۾ مٽيءَ جو هڳاءُ آهي. وفا جي مادري زبان ته پنجابي آهي پر ڇا ته وٽس سنڌي ٻوليءَ جونجپڻو آهي، جيڪو شهرن ۾ وسندڙ سنڌي شاعرن وٽ به نه آهي، جيڪي واحد ۽ جمع جي صيغن جون به ٽنگون ڀڃند آهن، پر وفا جي نج سنڌي ٻوليءَ جي ترڪيبن ۽ محاورن يا انهن جي ڀرپور استعمال تي هروڀرو حيرت به نه کائڻ گهرجي، ڇو ته وفا جي پالنا سنڌ جي هوائن ۾ ٿي آهي، هُن يا عمر سنڌي ماڻهن جي ڳوٺاڻي ماحول ۾ گهاريو آهي. ان ڪري هن سنڌي سريلي ٻوليءَ کي ميڙي پنهنجي شاعري کي سورنهن سينگار ڪرايا آهن. اچو ته ڪجهه سندس شاعريءَ جو نظارو ڪريون:

ڀيليو ڇو ٿا گاهه ته ناهيان
نرم سهي بي ساهه ته ناهيان.
-
مان ٻڏي ويس ته پرواهه ناهي،
تنهنجو ٻيڙو ته تاري ڇڏيو مون!

هي سڀ شعر بنهه ٿورا مثال آهن آهن، پر انهن ۾ نج سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ماحول جي خوشبوءِ آهي، جنهن کي محسوس ڪري وفا جي سنڌيت واري شعور تي فخر اڃان به وڌي وڃي ٿو.

[b]وسيم سومرو[/b]