پنهنجي پاران
تُنهنجي خيال کان خالي ساھَ نه ڪو، قربان هزارين مان نه رُڳو.
اُن مالڪَ مهربانَ جا لکين ٿورا ۽ ڪروڙين ڪَرم آهن، جنهن مون جهڙي ناچيز، ادنيٰ انسان کي هن ڪتاب “ڪلامِ جمال” ڇپرائڻ جي توفيق عَطا فرمائي. هن کان اڳ منهنجا ٻه ڪتاب “پَلٽيا پُورَ پرين جا” ۽ “نياپو نينهَن جو” ڇپجي منظر عام تي اچي چُڪا آهن. جيڪي علم دوستن، گهڻ گُهرن، اهلِ ذوق حضرات، ساڃاهَ وندن، اديبن ۽ شاعرن ۾ مقبوليت ماڻي چُڪا آهن. اِنهيءَ حوصلا افزائيءَ جي ڪري، دل ۾ ويهي ويچار ڪيم ته ڇپيل مواد مان چونڊ ڪري، نئون مواد مِلائي، ان کي ڇپرائي منظر عام تي آڻڻ گُهرجي. مونکي اميد آهي ته هي منهنجو اَڀرو سَڀرو پورهيو، اوهان دل گهُرين دوستن کي پسند پَوندو.
انتظاري، بيقراري، شرمساري، ناخوشي،
عشق عاشق ساھَ سان، سانڍي رکن هي چار چيز.
شاعري هڪ لطيف فن آهي، جيڪو هر انسان جي دل ۽ دماغ تي، وجداني ڪيفيت طاري ڪندو آهي. شاعري نه صرف جوانن ۽ ٻُڍن ماڻهن جو ڪم آهي، پر ٻارن جي دلين تي به جادُوءَ جو اَثر رکي ٿي. نثر جي بار بار پڙهڻ سان، انسان جي دل کٽي ٿي پوندي آهي. ان ڪري نظم کي جيترا دفعا پڙهبو، ان مان هر ڀيري نئون حظ ۽ لُطف ملندو آهي. اڪثر ڪري ڏٺو ويو آهي ته نظم ۾ ڪيل ڳالهيون، وڏن توڙي ٻارن جي دلين تي آسانيءَ سان نقش ٿي وينديون آهن. منهنجي هن ڪتاب ۾ حمد، نعتون، غزل، مثلث، مُخمس ۽ مسدس شامل آهن. جن ۾ حسن و عشق جي لوازمات، ڀرپور انداز ۾ موجزن آهن.
زرخريد و يا ڪِ عاشق يا گدا، احسان مند،
عجز ۽ آزي ڪري، يڪدم نمن هي چار چيز.
جذبات، احساسات ۽ مشاهدات جو نمونو پڻ پيش ڪيو ويو آهي. عيش عشرت ۽ دنيا جون سڀ لذتون ترڪ ڪري، عمر جون جُدا جُدا موسمون ۽ انهن موسمن جون بَهارون، ڏينهَن جون عيدون ۽ راتين جون شبِ براتون، دل جو آرام ۽ من جون خوشيون ۽ طبيعت جا رنگ رُوپ ڇڏي، الله تعاليٰ جي ذڪر فڪر ۾ گذارڻ ۽ ان جي تعريف ڪرڻ کي نهايت نعمت سمجهان ٿو. هي منهنجا شعر جذبات جي ڀڙڪندڙ شعلن تي پچي راس ٿي، عالمِ وجود ۾ آيا آهن ۽ سندن سوز و گداز جي تاثير کي پُر سوز دليون ڪڏهن به وساري نٿيون سَگهن.
توتان جان فِدا، ڪن شاھ گدا، ري ناڻي ٻانها ٻيل ٻڌا،
ٿيا خادم تنهنجي خلق سندا، خاقان هزارين مان نه رڳو.
جنهن ماڻهوءَ جي دل درد سان ڀريل نه آهي، سو بُلند درجي تي پهچي نٿو سگهي. اُهو درد ئي آهي، جيڪو انسان جي رڳ رڳ کي ساز جي تارن وانگر ڇيڙي، عشق ۽ مُحبّت جو نغمو بنائي ٿو. جنهن شاعر جي ڪلام ۾ انساني زندگيءَ جي عڪاسي ۽ ترجماني موجود نه آهي، ان کي شاعر چوڻ، خُود صنفِ شاعريءَ جي توهين آهي.
مَٽ نه تنهن محبوب جا، مرجان، موتي ۽ مَڻيان،
”ڪوهنورن“ کان ڪثر، تنهن يار جون ڳالهيون ڪريون.
زماني جي علحدگي، انقلاب ۽ ان جي لاڙهن چاڙهن ۾ اچي، هلندڙ رسم مطابق، مونکي به مجموعو لکڻو پيو، جنهن جا آشڪار الفاظ اوهان سڄڻن جي سامهون آهن. آئون پاڻ کي عظيم شعراءَ جي هام هَڻي، شامل ڪرڻ مُناسب نٿو سمجهان، پر ايترو ضرور چوندس ته شاعري منهنجي طبيعت ۾ رچيل آهي. شاعريءَ جي لاءِ جيڪا حساس دل گُهرجي، اهائي دل منهنجي سيني ۾ موجود آهي. دل جا جذبا، واقعن ۽ حادثن جو مشاهدو ڪري، وارداتِ قلب جو روپ اختيار ڪرڻ کانپوءِ، شاعريءَ جي موجن ۾ تبديل ٿي، محَو ۽ مست ٿين ٿا، انکي شاعري چئبو آهي. شاعر ڪهڙو نه سُهڻو خيال پيش ڪيو آهي.
ماڪَ جا مِٺڙا موتي ميچُو، مصريءَ کي ڪن ماند مِٺا،
چاھَ منجهان اڄ چونڊي ڀَريون، پيرن جا ڪي پاند مِٺا،
پيار بِنا ڇو پاڻ وڃايون، وقت مڙيئي وِڻواند مِٺا،
پنهنجي اکين ۾ پاڻ لِڪُون، ٻئي اهڙي رَهوُن ڪا راند مِٺا،
ڳَلَ ڳَلَ لائي، ڀاڪَرَ پائي، هيڪندا ٿي پاڻ هَلئُون،
پرت پَڪيءَ جا پيوند پائي، جُهولا جوڙي پاڻ جُهلئُون.
مُقدس ۽ مذهبي ڪتابن جو وڏو حصو شاعريءَ تي ئي مُشتمل آهي. “انجيل”، “سام ويد” ۽ “گيتا” شاعري آهي. “سعدي”، “رومي”، “جامي”، “حافظ”، “فردوسي”، “ڀٽائي”، “احمد ملاح”، “سچل”، “سامي”، “فيض بخشاپوري”، “اقبال” ۽ “غالب” وغيره.
ٻڌل ڪنهن ذات تي ناهي، طبيعت ڏات موليٰ جي،
فڪر ناهي جي ”واصف“ ڪو، ٿيس پيدا لُوهارن ۾.
شاعري هندي توڙي سنڌي هُجي، فارسي يا عربي هُجي، انگريزي يا بنگالي هُجي، پنجابي يا سرائڪي هُجي، شاعر ڪڏهن رقيب رُوء سياه جي آڙ ۾، ڪڏهن مذهبي تقدس جي آڙ ۾، ڪڏهن محبوب ۽ معشوق جي جفا شعار رَوش جي آڙ ۾، ڪڏهن باغبان ۽ صيّاد جي آڙ ۾، پنهنجي ذهني بغاوت کي ظاهر ڪيو آهي. شاعر جي ذهني ۽ فڪري بغاوت جي عنصر کي عشق چئبو آهي. “عشق هڪ آتش فَشان پهاڙ آهي”، جنهن جي صحبت ء۽ سِتم جي معيار کي شعر چئبو آهي.
تنهنجون مونسان ڪيئن ٺهن ٿيون، هوڏ ۽ هستيون رُوپ ۽ رنگ،
من جون مستيون، بالا دستيون، تيز طبع تون شوخ ۽ شنگ،
آئون ته ازل کان تنهنجو آهيان، عاشق عابد مست مَلنگ،
ميڻ بتيءَ جيئن پاڻ پَچين ٿو، پِرھ تَلڪ آئون تنهنجو پتنگ،
پاڻ جَليو ٿو مونکي جلائين، جذبي ۾ ٿا پاڻ جَلئُون،
پرت پَڪيءَ جا پيوند پائي، جُهولا جوڙي پاڻ جُهلئُون.
منهنجو والد صاحب تمام غريب ماڻهو هو، تنهنڪري ننڍي هُوندي کان ئي، غربت واري زندگي گُذارڻ لڳس. پرائمري تعليم پُوري ڪري، هاءِ اسڪول ۾ داخلا وَرتم، جتان 1982ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيم.
غربت جي ڪري اڳتي پڙهي نه سگهيس !! ڪجھ عرصو ايريگيشن کاتي ۾ به نوڪري ڪيم. 1984ع ۾ مونکي ماستريءَ جي نوڪري ملي. ان کان پوءِ نوڪريءَ دوران انٽر، بي اي ۽ بي ايڊ به ڪري وَرتم.
جڏهن هو ساٿ قسمت جو، تڏهن ساٿي هزارين هُئا،
مُقدّر جي بدلجڻ سان، زماني جي هَوا بَدلي.
2016ع جو سال مونکي اهڙو ته ڏکيو لڳو، جو (55) سالن جي عمر ۾ مونکي نوڪريءَ تان، پنج سال اڳ ۾ ئي رٽائرڊ ٿيڻو پيو.
آسرو جن تي رکيئي، “حامي” انهن تختا ڪڍيئي،
سادگيءَ آخر انهيءَ، منزل تي پهچائي ڇڏيئي.
رٽائرڊ ٿيڻ جو سبب هي هو ته، مين پرائمري اسڪول ميرپور ساڪري ۾ آئون سڀني ماسترن کان سينيئر هُئس. هيڊ ماستريءَ جو حق منهنجو هو. مون کي (33) سالن جي سروس ۾، ڪنهن به آفيسر نه غير حاضر ڪيو ۽ نه وري ڪڏهن پگهار بند ٿي. پنهنجي ڊيوٽي سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ سان سر انجام ڏنم.
جلالِ بادشاهيءَ کان، بُلند آ حالِ درويشي،
شهنشاهيءَ، فقيريءَ جي، ڪئي آ ناز بَرداري.
(فيض بخشاپوري)
اهي ماستر جيڪي هَميشه دير سان ايندا هُئا، يا وري موڪل جو فارم ڇڏي ويندا هُئا، ٻئي ڏينهن تي اچي فارم ڦاڙي صحيح ڪري ڇڏيندا هُئا. ڪي ماستر اهڙا به هُوندا هُئا جن جي حوالي ڪو به ڪلاس نه هُوندو هو، فقط امتحان واري ڏينهن اردو ڪلاسن ۾ پنهنجو نالو لکائي، رزلٽ شيٽ ۾ پاڻ کي ڳڻائي، نتيجو ڏيکاريندا هئا، ڪيترا ٻار پرائيوٽ اسڪولن مان آڻي، اُنهن جو امتحان ڪرائيندا هُئا، غير حاضر ٻار پاس ڪرائڻ ۽ ماسترن جون ڪوڙيون صحيحون ڪرڻ، سندن مشغلو هوندو هو.
بقول شاعر جي؛
مَتان سمجهين مَٿان ڪونهي، چَٻيو جيڪو ڦٻيو مونکي،
بَديءَ جو بدترين بدلو، وٺڻ وارو خُدا آهي.
انهن سَببن جي ڪري، حد جي سُپروائيزر، ماسترن ۽ ٻين مَٺ گهرن منهنجي اندروني طرح مخالفت ڪئي، ته جيڪڏهن مين پرائمري اسڪول جو هي هيڊ ماستر ٿي ويو، ته پوءِ اسان جي هڪ هَٽي ختم ٿي ويندي.
نه درياءِ مُحبّت ۾، ڪئي تن صاف دل ڌوئي،
ڦِرن ٿا بي وُضو، احرام ۾ ڪعبي جي چوڌاري.
(فيض بخشاپوري)
اِن ڪري پ ٽ الف وارن ضلعي جي صدر کان وٺي، تعلقي جي صدر تائين، پنهنجا نوازيءَ تحت، سندن پنهنجو پ ٽ الف جو خزانچي، اسڪول ۾ هيڊ ماستر مُقرر ڪرايو، جيڪو تمام جونيئر هو. اِنهيءَ ناانصافي ڪرڻ تي، مونکي تمام گهڻو ڏُک پُهتو !!!. بقول فيض بخشاپوري جي؛
کافر نمازیوں نے، نبی کو کیا شہید،
فرمانِ مصطفیٰ ہے، میری جان حسین ہے۔
خير !مون خدا تي ڀَروسو رکي، پنج سال اڳ ۾ ئي، رٽائرمينٽ وٺي ڇڏي ۽ هي شعر دُهرائيندو رهيس !!!
ڏِٺاسون عابد و زاهد، سڀيئي زَر پرست آهن،
اسان مستن جي محفل ۾، نه لائق آهن پائيءَ جا.
(مير عبدالحسين سانگي)
منهنجي پڙهندڙن کي، تخليقات ۾ سادگيءَ جي سُڳند ضَرور ملندي، سرزمينِ سنڌ ۽ اهلِ زمين وارن سان ٿيندڙ زيادتين جي خلاف، ڪنهن نه ڪنهن انداز ۾ ضرور نظر ايندي. بقول شاعر جي
فَنا هر چيز ٿي ويندي، بَقا ڪنهن چيز کي ڪونهي،
مگر دائم، فقط قائم، رهڻ وارو خُدا آهي.
ان کانسواءِ توحيد ۽ توڪل جي روشن جَهلڪ ۽ سرورِ ڪائنات جن سان والهانه مُحبّت ۽ غلامانه عقيدت جو اِظهار، ڀرپور انداز ۾ ڏسڻ ۾ ايندو. جنهن کي آئون پنهنجي دنيا ۽ آخرت جي نجات جو واحد ذريعو ۽ وسيلو سمجهان ٿو. بقول شاعر جي
تنهنجا مائل ميڪائيل جهڙا، ڪئين عاشق اسرافيل جهڙا،
تنهنجي در تي جبرائيل جهڙا، دربان هزارين مان نه رُڳو.
منهنجي شاعري علمِ عُروض، بندشِ مضمون ۽ فنِّ لطيفه جي معيار تي ڪيتري قدر پُوري آهي. انهيءَ جو فيصلو اوهان سڄڻن جي سامهون آهي.
ٿورائتو آهيان ڊاڪٽر اسد جمال پلي جو جنھن پنھنجا مفيد رايا ڏيئي منھنجي رهنمائي ڪئي ۽ هن ڪتاب جو مھاڳ لکيو.
بنده ناچيز
جمال مراد گبول
ميرپور ساڪرو
0316-1324600