“نَوان ڪي نغما وطن ۾ ڇيڙي، رڳن کي پنهنجي رباب ڪَريون”.
“ڪنهن بنايو مست مونکي، عشق هو يا اِنقلاب”.
لفظ هي هڪڙو ئي آهي، يا لکڻ ۾ ڌارَ ڌارَ،
ساڳيو مفهوم معنيٰ يا بَنيل ٻيو آهي باب.
اک ڏسي ٿي عقل سوچو، فيصلو دل تي ڇَڏي،
تنهنڪري توکان پُڇان پيو، ڪنهن ڏنو هي آ عَذاب.
سِجّ کي جيئن سڀ ستارا. چوطرف ڦرندا وَتن،
حُڪم تيئن تنهنجو هَلي ٿو، عُضوي هر تي هَم رِڪاب.
مان پُڇڻ توکان ٿو چاهيان، سڀ سَبب ڦاسِڻ سندام،
ايترو مون کي ٻُڌا تون، ڏوھ ڪيائين يا ثواب.
جيئن چڙهي “درياءَ” لهي ٿو، تيئن اٿئي دل جو مِثال،
“سنڌو”، “ستلج”، “راوي”، “جهلم” يا چوان تنهن کي “چناب”.
ماس “بروي” هو ڏنو ۽ سر وَڍي راءِ ڏِياچَ،
ڪيئن پَچن کامن، پتنگ ٿا، نينهَن ۾ نازڪَ نَواب.
ڇَٽَ ڪري پَٽَ تي پيا، بي تاج بَنيا بادشاھَ،
بس جَهلي جنهن کي به ٿو، اُن کان وٺي پُورو حِساب.
“عين” مقصد تي پڳا جي، ،شانُ” وڌيو “قُرب” جو،
جملي اِن ۾ عشق ڏس تون، ڪيئن اَچي ويو لاجَواب.
تون ئي ڪعبو پاڻ آهين، تُون ئي قاضي قلب جو،
فيصلو هي توتي آهي، ڪين ڪج ڪنهن جو حِجاب.
ٿو ڏيان درخواست توکي، قُرب جي ڪورٽ اندر،
ڏئي سَمن انکي گُهرائي، فيصلو ڪر فيضياب.
مَس مُحبّت جي بنائي، ٺاهي لِک تون ڪاغذات،
پيش پو ڪر تون قصو، هي قُرب جو کولي ڪتاب.
عشق اُونهو آ اِلاهي، پيڙھ آ تنهنجي پَڪي،
سوچي سمجهي هٿ لڳائج، جَجِّ صاحب اي جَناب.
ڏي سزا يا ڪر بري بَس، تُنهنجي وس ۾ آ “جمال”،
ڪر نبيرو نينَهن جو، ناڪام کي ڪر ڪامياب.