مُفت ۾ مونکان مڙيئي، آهي مارن مُنهن مَٽيو.
قُرب وارن ڪيترن، پنهنجن پيارن مُنهن مَٽيو.
ڪالھ جن مُونسان کنيا ٿي، قُرب ۾ ڪيڏا قَسم،
اڄ اُنهن ئي ساڳين، سانگين سنگهارن مُنهن مَٽيو.
مائٽن مُنهن ڦير ڪئي آ، مونکي ڏک ۾ اڄ ڏِسي،
سئوٽ، ماساتن ۽ مامن، بي ميارن مُنهن مَٽيو.
جن وڻن جي ڇانوَ ۾ ٿي، قلب کي پُهتو قَرار،
وڻ اُهي وسنديون ويون، بيوس بهارن مُنهن مَٽيو.
هُئا وَلر ويهندا وَهين جا، ڄارين تي مَڪ مَٿي،
سي وري واپس نه وريا، آ ويچارن مُنهن مَٽيو.
ڪا ڀِٽن جي ڀَر نه آهي، لَئي نه لاڻون ٿو ڏِسان،
ڪونَ ٿا پيرُون پَسون، اَن جي انبارن مُنهن مَٽيو.
مورَ، ڊيلون، قُمريون، طوطا تنوارڻ ويا ڇَڏي،
ڪُوڪَ ڪوئل جي نه آهي، ڪانگ ڪارن مُنهن مَٽيو.
اوچتو آئي خِزان ڪا، وَڻ وَليون ويڙهي وَئي،
ڪون ٿي ڪڻڇي ڪُڇي، نازڪ نظارن مُنهن مَٽيو.
محبتون ڪيڏيون هُيون، هي ڪُلفتون آيون ڪِٿان،
نفرتون پيدا ٿيڻ سان، دَرَ ديوارن مُنهن مَٽيو.
ڏُکَ ڏَمرَ ۾ ڏيھ ڇَڏيوسين، ڪم اِهي قسمت ڪَيا،
سار ناهي ڪنهن لڌي ڪا، اِنتظارن مُنهن مَٽيو.
وَئي عُمر اڌڙاٽ گُذري، ناهي پيري ڪا پَري،
آجيان ڪئي مون اَڇن جي، وارَ ڪارن مُنهن مَٽيو.
سڀڪو آ سڀري جو ساٿي، ڪو ڪِريل جو ڪونَ آ،
آهي اَڀرن جو خُدا، سانوڻ سيارن مُنهن مَٽيو.
مائٽيءَ کان ڀي مَٿي آ، مال مِلڪيت ٿي “جمالَ”،
آهي دولت جي نَشي ۾، مال وارن مُنهن مَٽيو.
**