نيمخوابي نيڻ تُنهنجا، خوب ٻيا تن ۾ خُمار،
تو بنايون آليون، اکڙيون ٿي پنهنجون اَشڪبار،
تيز نظرن جا لنگهي ويا، تير دل مان آر پار،
جان، جيرو ۽ جگر، جاني جلائي ڇا ڪندين،
درد وندن جون دليون، دلبر دُکائي ڇا ڪندين.
دلرُبا تُنهنجي دُونالين، ديدَ ديوانو ڪَيو،
پَل ۾ ڏيئي پيار مونکي، توته مستانو ڪَيو،
اي مِٺا محبُوب مونکي، تو ڳچيءَ ڳانو ڪَيو،
هيج سان هٿڙا ڏئي، هينئڙو هَٽائي ڇا ڪندين،
درد وندن جون دليون، دلبر دُکائي ڇا ڪندين.
تو وَساري آ ڇَڏيو، بس اُن سندو اَرمان آ،
تو ڪئي جيئن آ جدائي، تيئن نه تنهنجو شانُ آ،
حُسن هر ڪنهن وَٽ هَميشه، چار ڏينهن مهمان آ،
پنهنجو عاشق ايترو تون، آزمائي ڇا ڪندي،
درد وندن جون دليون، دلبر دُکائي ڇا ڪندين.
سالَ سِڪ ۾ تنهنجي گُذريا، ڪيترا جاني “جمالَ”،
عرض آزيون، ميڙ منٿون، سَوَ ڪيم توکي سَوال،
پيچ پختا مونسان پائي، زندگي ڏي لازَوال،
نينهَن جو ناتو رکي، ڀُورل ڀُلائي ڇا ڪندي،
درد وندن جون دليون، دلبر دُکائي ڇا ڪندين.