دلرُبا جو جَلوو
حُسن جوڀن، جوت جَلوو، گنج گُذريل ياد پيو،
پرت جو پيوند پُختو، پُور پسريل ياد پيو،
نِت نماڻن جون نِگاهون، نينَهن نِسريل ياد پيو،
منهنجو مَن ماندو ڪَيو، تنهن سُونَهن ۽ سينگارَ هو.
“دل کسڻ جو ڍنگ ڍولڻ، وَٽ نه ڪهڙو يار هو”.
نيمخوابي ناز نرمل، نيڻ نِشتر ياد پيا،
خُوبَرو خُوني خُماريل، خُوب خنجر ياد پيا،
نيڻ تنهنجا ٻئي بلوري، باز برسر ياد پيا،
ٻئي بَهشتي باغ جا، بادام بهتر ياد پيا،
تنهن نظاري ۾ رُنو، رت نيڻ جي هر نارَ هو،
دل کسڻ جو ڍنگ ڍولڻ، وَٽ نه ڪهڙو يار هو.
“ساڪري” وارن کان جيڪا، هيءَ طرح اِظهار ٿي،
فاعلاتن جهڙو سولو، بحر بنيو بار ٿي،
مون خُوشيءَ سان دل ڏِني، هُن کي به پيو لاچار ٿي،
شاعرن جي لاءِ پيو هي، عشق جو آزار ٿي،
جيءَ ۾ جادو ڪَيو، تنهن جوت جَلويدارَ هو،
دل کسڻ جو ڍنگ ڍولڻ، وَٽ نه ڪهڙو يارَ هو.
دل به هُئي دلبر به هو، ۽ دوست جو ديدار هو،
چنڊ هو، چانڊاڻ هُئي، چوڏس چمن چوڌار هو،
باغ هو، بُلبل به هئي، ٻيو سُونَهن جو سينگار هو،
يار هو، ياري به هئي، انجو عجب اِسرار هو،
مُسڪرائي محب مونکي ماريو منٺارَ هو،
دل کسڻ جو ڍنگ ڍولڻ، وَٽ نه ڪهڙو يارَ هو.
گُل به هُئا، غُنچا به هُئا، گُلشن سڄو گُلزار هو،
ناز هو، نوڙت به هئي، ۽ نازوَر نروار هو،
هوش هو، حسرت به هُئي، ۽ حوصلو هَسوار هو،
تون هُئين، ۽ مان هُئس، ويڇو نه هڪڙو وار هو،
ديدَ هڪ سان تنهن ڪيو ٿي، ڌڙ سِسئَي کان ڌارَ هو،
دل کسڻ جو ڍنگ ڍولڻ، وَٽ نه ڪهڙو يارَ هو.
عقل هو، اهليت به هئي، ۽ عشق هو، اهميت به هئي،
شانُ هو، شوڪت به هئي، ۽ غم به هو، غُربت به هُئي،.
ساز هو، ۽ سوز هو، صحبت به هئي، سنگت به هئي،
موج هئي، محبت به هئي، ۽ راز هو، رغبت به هئي،
اهڙي منظر تن تپايو، عشق جي آزار هو،
دل کسڻ جو ڍنگ ڍولڻ، وَٽ نه ڪهڙو يارَ هو.
راھَ هئي، رهبر به هو، مقصد به هو، منزل به هئي،
درد هو، دُوري به هئي، ۽ دوست جي ڇا دل به هئي،
مَئي به هئي، مستي به هئي، محبوب هو، محفل به هئي،
خوب خوشيون ٿي ڪيوسين، هوڏ هو، هلچل به هئي،
هِن هنيين کي هيج ڏئي، هيريو هنيين جي هارَ هو،
دل کسڻ جو ڍنگ ڍولڻ، وَٽ نه ڪهڙو يارَ هو.
ڇا “جمال” ۽ جوت جَلوو، جابَجا جنسار هو،
ڳل ڳراٺيون، پيچ پُختا، پاڪ پنهنجو پيار هو،
تون به منهنجو، مان به تنهنجو، هي عجب اِقرار هو،
دم رُسي، پرچي پَوڻ، اُلفت سندو اظهار هو،
پرت ڏئي پنهنجو ڪيو، تنهن گُلبدن گُل نارَ هو،
دل کسڻ جو ڍنگ ڍولڻ، وَٽ نه ڪهڙو يارَ هو.