دلربا درشن ڪرايو، جڳ سڄو روشن ٿيو،
نُور جو جَلوو پَسايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.
شمع جي ٿي سوجهري سان، شام جون ماڙيون ڏٺيون،
محب مس هو مُسڪرايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.
جنهن جي آمد سان سڀيئي، بُت ڀُري ڀورا ٿيا،
ويرين کي غم وَرايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.
زير ظالمَ ٿي ويا، سَڪرات سڀني کي لڳي،
جابرن کي جنهن جُهڪايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.
ڪيتريون بَدعادتون ۽ بند بُرائيءَ کي ڪَيو،
ٿي ڀَلو تن تنهن کي ڀانيو، جڳ سڄو روشن ٿيو.
جنهن اَشاري ساڻ آڱر، جي وِڌو چيري قَمر،
”بُوجهل“ بيوس بَنايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.
شانَ ”احمد“ جي اڳيان، هر ڪنهن جي هستي وئي هَلي،
مُصطفيٰ تن کي مَڃايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.
دُشمنن جي لاءِ دوزخ، ٿي دنيا ويئي سڄي،
جوش ۾ جن جيءَ جَلايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.
جنهن تي ٿيو ”قُرآن“ نازل، ”ٽيھ روزا ۽ نَماز“،
قُرب مان ڪلمون پڙهايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.
خُود خدا جنهن کي پَسائي، قُدرتي ڪاريگري،
عربي عرشن تي گهرايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.
ميزبان سان گڏ ٿي ”مَلڪنَ“، آجيان ”احمد“ جي ڪئي،
”مرحَبا محبوب آيو، جڳ سڄو روشن ٿيو“.
رهنما راڻي سان رب سڀ، رازَ جون ڳالهيون ڪري،
باغ جنّت جو گُهمايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.
”لااِلٰهَ“ جي لات سان، مُوذي منافق ويا مَري،
ٿي سڀن جو ويو صفايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.
ٻئي جَهان جنهن کي مليا، ٿي مِهرَ مالڪ جي ”جمال“
سڀني سيني سان لڳايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.