“وقت پنهنجو وهڪرو ڏِس، تيز ڌاريندو وَڃي”.
چند ڏينهن ڏک سُک ڏئي، سڀ ڪُجھ سيکاريندو وَڃي.
دردَ دُک ۽ غَمَ فِڪرَ ڏئي، رنجَ رَسائي ٿو رُڳا،
چاهتن کي چَٽ ڪري، بس ڏک ڏيکاريندو وَڃي.
چٽ ڪريو ڪنهن جو چمن، موسم بنا آڻي خِزان،
رنگ بُوءِ رونق ڦٽايو، پَنَ ٻُهاريندو وَڃي.
چيريو، چچريو، ڀَڃو ۽ جُهوڙ ڪريو جهوريو،
سيڪيو، ساڙيو، سُڪايو، ماس ڳاريندو وَڃي.
ڪِن جي دل ڦاڙيو ڦَٽاڦَٽ، لُوڻ ٻُرڪي اُن مَٿان،
سَل ڪري سينو سَڄو، سڀ سُور ساريندو وَڃي.
ڪن نڀاڳن کي نپوڙي، سُورَ ڏي ٿو سڀ ڄَمار،
بس ڪِنين جا جوش جهوري، هوش هاريندو وَڃي.
هو پلنگ تي پيرجن جو، پَل نه تن پٽ تي رَکيو،
تن نفيسن نازڪن جا، ڏيلَ ڏاريندو وَڃي.
محل ماڙيون، بادشاهيون، عيش عشرت سڀ ڏئي،
تخت تان لاهيو وَري، رهزن رُوئاريندو وَڃي.
ڏوھ ناهي ڪوبه ڪنهن جو، ٿا عَمل آڏو اَچن،
جو لِکيو تقدير ۾، اُن لئه نهاريندو وَڃي.
ڪنهن جي قسمت جو سِتارو، ٿو وڃي اُلهي جَڏهن،
اَيٿ تاري کي اُڀاري، سمنڊ سمهاريندو وَڃي.
رتّ جا رشتا ٽُٽي ويا، ڪير ڪنهن جو ڪونَ آ،
نفرتون پيدا ٿيون، هرڪو وساريندو وَڃي.
نازنينن، دلنشينن، مھ جبينَن کي مگر،
چار ڏينهڙا چاھ ڏيئي، پو ڌڪاريندو وَڃي.
ويا گهڻا وارو وڄائي، ڌرتيءَ هن تي دمبَدم،
هٿ ڪڍي هر ڪنهن منجهان، بَرَ ۾ بيهاريندو وَڃي.
ناهي هُن کي ڪاڻ ڪنهن جي، سڀڪو هُن جو زيردست،
واسطا ويجها رکيو، بس واڳ واريندو وَڃي.
دوستيءَ ۽ دُشمنيءَ سان، ناهي هُن جو واسطو،
چرخ جيئن ڦيرا ڏئي، پلپل پُڪاريندو وَڃي.
ٿو مُقدّر کي به بدلائي ڇڏي، جهٽ پٽ “جمالَ”،
ڪن کي خُوشيون خُوب ڏئي، اندر اُجاريندو وَڃي.