شاعري

ڪلامِ جمال

”جمال“ صاحب رِوايتن جو امين شاعر آهي، پختو سُخنور آهي، فني لحاظ کان استاد شاعر آهي. دؤر جديد ۾ جيڪي شاعر پنهنجين فني صلاحيتن سان معتبر مقام حاصل ڪري چُڪا آهن، انهن مان هڪ معتبر شاعر آهي. مضبوط ايمان ۽ صالح عقيدي سان هو سماجي براين کان ”باغي“ شاعر آهي. بي ربط سماجي نظم ۽ معاشري جي اڍنگي چال خلاف هو سخت مزاحمتي شاعر آهي. اخلاقيات جو مجسم، انسانيت جو علمبردار ۽ پنهنجي ملڪ ۽ قوم سان محبت ڪندڙ هِن شاعر وٽ اعليٰ انساني قدرن جا جهجها جهول ڀريل آهن.
Title Cover of book ڪلامِ جمال

  وسارڻ سان نٿا وسرن، مونکي پاڙا پنوهارن جا.

وسارڻ سان نٿا وسرن، مونکي پاڙا پنوهارن جا.
سدائين ساھَ سان سانڍيل، رهن ٿا ماڳ مارن جا.

ڪيو تو قيد آ قابو، بلاتي بند ۾ بلڪل،
پون ٿا پُور پلپل ۾، شريفن شانَ وارن جا.

مليرا ۽ مُنگها، ميها، ٻَٻَرُ“ ٻيريون کُتل کنڀيون،
ڀونگا ڀيڻيون ڏِسان شل مان، نمازي ديندارن جا.

اُٿڻ، ويهڻ، مِلڻ، مُرڪڻ، کِلڻ، کائڻ، هلڻ، هَڪلڻ،
سمورا ياد سڀ آهن، نمونا ننگ دارن جا.

لنگهي ليڪا تون ويو آهين، حيا شرم و حجابن جا،
خدا جو خوف رک دل ۾، نه سرندئي سڱ سنگهارن جا.

سِڪڻ، سارڻ، سَڏڻ، سُڏڪڻ، لُڇڻ، ڦٽڪڻ سندا آخر،
اَثر ڄڻ ٿي اِجهي ويندا، اندر جي اوڇنگارن جا.

وَسي وڄڙين ڪيا وارا، لهي مَن تان ويا مُونجهارا،
سُريلا سُر ٻُڌم سارا، سنگهارن جي سنڀارن جا.

تنوارون ڪَن پيا تاڙا، ڦُٽي پيا گاھَ گولاڙا،
توکي پَرتا آهن پاڙا، سَڳوريءَ سنڌ وارن جا.

مِٺيون مُرڪون، مکڻ مِصريون، گُلن کان وَڌ گُهمڻ گُجريون،
سَهيليون سَڀ هُونديون سنڀريون، ڀَرڻ پاڻي پيارن جا.

تَڪبّر ڇڏ تونگر تون، وڏائي گُهرجي واحد کي،
سڀاڻي يا پَرينءَ هي، ساٿ سڀ ويندئي سَهارن جا.

“کپرَ” ۽ “تخت” جي توتي، نظر پئي نانگ نيري جي،
ٿِئين پُورو وڃان من پو، ٽوڙي سڀ ڪوٽ ڪُفارن جا.

زَبر زوري، ڪرڻ چوري، سمورا عيب سڀ تو ۾،
“عُمر مونکي نه ڏي مَهڻان، ڌڻيءَ لڳ تون ڌنارن جا”.

“جمالَ”، ايندا، وٺي ويندا، خوشيءَ جا ڏيج سڀ ڏيندا،
سَڄي ٿر ۾ مزا ٿيندا، سبب بَنيا سُڪارن جا.