شاعري

ڪلامِ جمال

”جمال“ صاحب رِوايتن جو امين شاعر آهي، پختو سُخنور آهي، فني لحاظ کان استاد شاعر آهي. دؤر جديد ۾ جيڪي شاعر پنهنجين فني صلاحيتن سان معتبر مقام حاصل ڪري چُڪا آهن، انهن مان هڪ معتبر شاعر آهي. مضبوط ايمان ۽ صالح عقيدي سان هو سماجي براين کان ”باغي“ شاعر آهي. بي ربط سماجي نظم ۽ معاشري جي اڍنگي چال خلاف هو سخت مزاحمتي شاعر آهي. اخلاقيات جو مجسم، انسانيت جو علمبردار ۽ پنهنجي ملڪ ۽ قوم سان محبت ڪندڙ هِن شاعر وٽ اعليٰ انساني قدرن جا جهجها جهول ڀريل آهن.
Title Cover of book ڪلامِ جمال

 مارئي جي ساروڻي

هزارين هار هيرن کان، مَٿي آ مانُ مارن جو،
ڪري شل معافِ ميرانڏي، مَرم ماري ميارن جو،
الائي ڇا ته هوندو حال، ٻاٻاڻن جي ٻارن جو،
اِهي ڪُنگرا ڪري پوندئي، لڳو جي ڌڪ ڌنارن جو،
سِتم سختين، دُکن دردن، اندر جي اوڇنگارن جو،
اَثر ٿيندو وڃي آخر، پنوهارن جي پُڪارن جو.

اِجهو ايندا اباڻا هُو، نهاريان روز ٿي راهُون،
پڙاڏو ٿيو پنوهارن ۾، ڪيون تن درد مان دانهُون،
سراسر سُومرا سائين، ٻڌان ٿي تو اڳيان ٻانهُون،
پَون ٿا پُورَ پلپل ۾، اچن اندر منجهان آهُون،
رهي ٿو سوز سيني ۾، سدائين تن سنگهارن جو،
اَثر ٿيندو وڃي آخر، پنوهارن جي پُڪارن جو.

“ڪنگڻ”، “ڪٺمال” تون آڇي، چَوين ٿو “پٽ پَٽيهر” ٿي،
وچن آهي ويڙهيچن سان، وينديس آخر اُنهن وٽَ ئي،
پڪا “پيرون” پلر پَلٽيا، وطن چَڙهيا وَري واسي،
خُدا جو خوف رک دل ۾، آهيان تنهنجي اَبي جي ڌي،
پوي شل پاپ هي توتي، ڏکويل ڏيھ وارن جو،
اَثر ٿيندو وڃي آخر، پنوهارن جي پُڪارن جو.

ڀَلي ڪيڏي به ڪر مونسان، مگر توکي مَڃائينديس،
“ڪڙولا” قيمتي ڪپڙا، “بُولو” بلڪل نه پائينديس،
دُکائي دل تو مُنهنجي آ، ٻين کي ڀي ٻُڌائينديس،
اِها هستي هَلي ويندئي، توکي جهٽ ئي جُهڪائينديس،
غريبن جو غضب پيو جي، ڌُڻولين ۽ ڌنارن جو،
اَثر ٿيندو وڃي آخر، پنوهارن جي پُڪارن جو.

شريفن جو نه هي شيوو، ڌڻولين تي هڻن ڌاڙا،
اسان مسڪين مارن جا، توکي پرتا آهن پاڙا،
رچايا “رَعد” اڄ رنگڙا، ڦُٽي پيا گاھَ گولاڙا،
ڪريو ٻوليون هڻن گوليون، تنواريو تيز اڄ تاڙا،
لِڱن تان لوئيءَ کي لاهڻ، مُناسب ناهي مارن جو،
اَثر ٿيندو وڃي آخر، پنوهارن جي پُڪارن جو.

سُريلو سُر پيم ڪن تي، پيا ٻولين ٻاٻيها،
چمن ۾ چهچٽو آڻي، چَري دل ويا ڪري چيها،
مَرڻ کان ڪين مان مڙنديس، ڀَلي وِجھ ڊپ وڏا ڊيها،
مِلان شل ملڪ وارن کي، اَندر ۾ آس آ ايها،
ڏسان ڏيهي، سڄڻ سيئي، نمومو ٿئي نظارن جو،
اَثر ٿيندو وڃي آخر، پنوهارن جي پُڪارن جو.

مَٽايان سونَ تي ڪيئن مان، سڳوريءَ سنڌ وارن کي،
مِٺن مارن، وطن وارن، نماڻن ننگ دارن کي،
سَمن، سُوسن، گُلن، غُنچن، چمن ۽ چنڊ تارن کي،
شريفن شانَ وارن ۽، حسينن حال زارن کي،
ڪَڪوريل، ڪارين اکين، عجب تن جي اِشارن جو،
اَثر ٿيندو وڃي آخر، پنوهارن جي پُڪارن جو.

لِکي پُرزو ڪيم پُورو، ڳچيءَ ۾ پاندڙو پائي،
نٿي ڪانگل ڪريان قاصد، ڀلي پيو ڳيت سو ڳائي،
“ڪبوتر” هي کڻي ڪاغذ، پنوهارن پاس پهچائي،
وڃي منهنجي طرف کان تون، ڳوٺاڻن ساڻ ڳالهائي،
ڳچيءَ ۾ توکي پايان، هار هي لُڙڪن جي لارن جو،
اَثر ٿيندو وڃي آخر، پنوهارن جي پُڪارن جو.

طَرح هيءَ ٿي مِلي تنهن دم، ڪئي ڪنهن مسخري مُونسان،
ڪرڻ ظاهر ٿي چاهي، پنهنجي ڪنهن بالاتري مُونسان،
ڪئي اِظهار ٿي هُن، برتري در شاعري مُونسان،
هَميشه هم رِڪاب آهي، ستارو مشتري مُونسان،
اثر ان تي نه ٿيندو، زحُل يا عقرب ستارن جو،
اَثر ٿيندو وڃي آخر، پنوهارن جي پُڪارن جو.

جَجهو جيءَ ۾ “جمالَ” آهي، جُدائيءَ جوش جاڳايو،
وڃان شل مان وطن واپس، اباڻن مان نه اڄ آيو،
نَڪي خط کيت آ لِکيو، رقيبن جو رکي رايو،
اسين ڀاءَ، ڀيڻ ٻئي آهيون، خُوشيءَ جا ڳيت اڄ ڳايو،
مُبارڪ مرحبا مارن، ڀَلو ٿيو ڀاڳ ڀارن جو،
اَثر ٿيو نيٺ آخر هي ، پنوهارن جي پُڪارن جو.