گُل گُلابي، گُلبدن، گُلشن سندي گُلزارَ جا،
گُل حَسين، گُل فام، گُل رُو، گُل رتن، گُل نارَ جا،
موتيو، مگُرو کان وَڌ، تنهن خُوب خوشبودارَ جا،
شهد شيرين، مصري ماکيءَ کان به وڌ تنهن لارَ جا،
“مرحبا مهمان آيا، اڄ پرينءَ جي پار جا”.
سَئو دفعا سَجدا ڪري، واقف ٿيا وڻڪار کان،
مِهر پَرور دلرُبا، تنهن دوست جي دربار کان،
رَحم جون جهوليون ڀَري، آيا ڀَليءَ بازار کان،
مير مدنيءَ مصطفيٰ، مُرسل مِٺي مهندارَ جا،
مرحبا مهمان آيا، اڄ پرينءَ جي پار جا.
آبِ زَم زَم جي پيئڻ جي، جن کي سعادت ٿي نَصيب،
حجرِ اَسود جي چُمڻ جي، جن کي سعادت ٿي نَصيب،
مسجدِ نبوي ڏِسڻ جي، جن کي سعادت ٿي نَصيب،
سائي گنبذ سُونَهن واري، شاھَ شاهوڪارَ جا،
مرحبا مهمان آيا، اڄ پرينءَ جي پار جا.
ميرَ مدني مُصطفيٰ جو، پاڪ شل پڃرو پَسان،
دل چوي ٿي دلرُبا جو، ڏيھ وڃي ڏوري ڏِسان،
“ساڪري” کان سال هن ئي، رب ڪري شل اُت رسان،
ڀَليون ڀيٽي بارگاهون، دَرَ ڏسان دلدارَ جا،
مرحبا مهمان آيا، اڄ پرينءَ جي پار جا.
عرش تي ۽ فرش تي، آهي جَجهو جنهن جو “جمال”،
حُسن وند حُورون مَلڪَ، ٿا خاص ڪن تنهنجو خيال،
گوهرِ ناياب آهي، بي مثالِ ڪُل ڪَمال،
ٿي ڪروڙين پيا ڪَرم، محبُوب تنهن منٺارَ جا،
مرحبا مهمان آيا، اڄ پرينءَ جي پار جا.