اُڏامي عرش تي اڄ ٿو، ڪيائين ڪالھ ٿي آزي،
مِلڻ لئه اڄ وڃي جيڪو، ٿئي ڀوتار بي راضي،
عداوت آهي اَڀرن سان، رڳو رهزن رکي راضي،
دِلاسا ڏئي ڪري دوکا، کٽي جنهن هيءَ آهي بازي،
ڪڏهن “ڪينجهر ڪراچيءَ” ۾ رکن شيشا شرابن جا،
قصا ويهي ڪريون ڪهڙا، نسورو تن نڀاڳن جا.
چڱا ماڻهو اُهي آهن، جيڪي هُئا چور چوڌاري،
“رَمي نوخال” جا ماهر، جبل جيڏا سي جُوئاري،
ڪندا ڪم ڪونَ ڪو ڪنهن جو، رڳو دوکي جي دلداري،
ڪُپت ۽ ڪوڙ جي تن کي، بَدن ۾ آهي بيماري،
زبان تي گار گند تن جي، ڌرم ۽ دين ڇا تن جو،
فقط نالي سندا ماڻهو، اهو اخلاق ناهي ڪو.
اَچي قابو ڪيو آهي، غريبن اَڄ غَدارن کي،
وڪوڙي وهم ويا آهن، نه هڪڙي پر هزارن کي،
ڪِرڻ جا يارَ ڪي ڪارڻ، ٿيا پيدا ڪنڌارن کي،
خدا کڏ ۾ هڻي تن کي، انهن موذي مَڪارن کي،
رِياڪاري ۽ رُشوت سان، گناهن ۾ گذارو ڪن،
ستائي ٿا غريبن کي، مگر مسڪينَ مارو ڪن.
عُشر زڪوات جا پئَسا، اچن ٿا پُڻ اَميرن لئه،
اَٽو، کنڊ، گيھ ۽ داليون، ملي ٿي چانھ چيلن لئه،
اڃان امداد ٻي ايندي، اُها آهي يتيمن لئه،
عياشي عيش ۾ آهن، غضب آهي غريبن لئه،
نڪو نلڪو، نڪو بجلي، ۽ کُٽلن جو خدا آهي،
جَهنّم ٿو ڊڄِي جن کان، اُها دنيا جُدا آهي.
نِماڻا نيچ ٿيا آهن، وڏي جن ۾ وڏائي آ،
ڪئي مسڪين ماڻهن سان، ڀلا ڪهڙي ڀَلائي آ،
هَميشه دَور هر ڪنهن ۾، نه ڪئي ڪنهن سان چڱائي آ،
اِلاهي ٿيا عُذر دل ۾، اَندر ۾ ئي کوٽائي آ،
ڪُپت ۽ ڪُوڙ دوکي جو، اَندر ۾ ڪو اَثر آهي،
اسان جي ئي ڪمن کي ڪا، لڳي ڪنهن جي نظر آهي.
“جمالَ” آخر، عُمر ساري، رئيسن کي نه رهڻو آ،
سدائين يارَ ڪُرسيءَ تي، وڏيرن کي نه ويهڻو آ،
ڀلي ڪيڏي به ڪن ڪاوڙ، چڱائيءَ جو ته چَوڻو آ،
خدا ڄاڻي اڃان ڪهڙو، دنيا ۾ دَور اچڻو آ،
اسان کي جو به هو چوڻو، چيوسين آ سندن مرضي،
نڪان پيو ساھَ کڻي سڀ ڪو، نه ڪنهن جو ڪير آ قرضي.