“سال جا ٻارنهن مهينا”
اَچي تنهنجي يادن، آ مونکي وَرايو،
ڏيئي هيج هِڪدم، تو هينئڙو هَٽايو،
سَوين ڀيرا سُهڻا، اوهان آزمايو،
مَگر ايئن نه تومان، مون ڀُورل ٿي ڀانيو،
اَڃان تائين تُنهنجو، نياپو نه آيو.
اڃان سِجِّ سُهڻا، اِجهو آهي اُڀريو،
وڃين پيو تون نازڪَ، صَنم يار سَنڀريو،
وِجهو تيل، سُرمون، نِهارين نه نِڪريو،
وڃان توکي مَستيءَ ۾، مِٺڙا مان وِسريو،
عَجب آهي مونکي، هي تُنهنجو اجايو،
اَڃان تائين تُنهنجو، نياپو نه آيو.
تُون “فيبروريءَ” ۾، نه آئين پيارا،
ايڏو دُور دلبر، نه ٿي تُون دُلارا،
نِزاڪت جا نِرتئون، پَسائي نِظارا،
ويندا تنهنجا ڪنهن وَٽ، هي عاشق ويچارا،
پرين تو نه پنهنجو، آ چهرو پَسايو،
اَڃان تائين تُنهنجو، نياپو نه آيو.
بَهار آيو ليڪن، نه آئي بَهاري،
سَرنهن جا هو گُلڙا، ٿا چَمڪن چوڌاري،
سَدائين ٿي تن جي، ڪَيم آبياري،
پَوي ياد صُورت، ٿي تُنهنجي پياري،
ڪِٿي آهي ٻيو ڪو، وَطن تو وَسايو،
اَڃان تائين تُنهنجو، نياپو نه آيو.
ڪئي تو نه “مارچ” ۾، مُونڏي تَياري،
رَهي ٿي اَوهان جي، مونکي اِنتظاري،
ڪبي آهي پيارا، پرين پوئيواري،
لڳين ٿو تون مِٺڙا، ڪو منهنجو مَياري،
نظر هيٺ ڪَريو، وَڃين ڪنڌ نَمايو،
اَڃان تائين تُنهنجو، نياپو نه آيو.
ڪندو ڪر نه مُونسان، مِٺا مُحب ماڻا،
وَڻن ٿا ڳلن تي، ڪي مُوتيءَ جا داڻا،
وِسارڻ نه گُهرجن، پرين ڪي پُراڻا،
کڻي نيڻ جنهن دَم، مَٽين ٿو نماڻا،
اُنهيءَ وقت مُونکي، ٿا جاني جَلايو،
اَڃان تائين تُنهنجو، نياپو نه آيو.
هي “اپريل” آيو، پتو ناهي تُنهنجو،
ڪيو پاڻ کي تو، پڪو آهي پنهنجو،
ٻُڌائي تون مونکي، ڪيل ڏوھ منهنجو،
عقل يا ڏنل آ، ٻئي توکي ڪنهن جو،
ويهڻ مان نه وَرندئي، نه رُوح کي رنجايو،
اَڃان تائين تُنهنجو، نياپو نه آيو.
“مَٽر، مُڱ” موريا، ۽ ڄانڀو مَڪائي،
پرين مُونسان ايڏي، نه ڪر تون پَڪائي،
وفادار سمجهي، توسان دل لڳائي،
انبن ٻُور جهليا، توڪئي بيوفائي،
اِهو رنگ ڪهڙو، تو آهي رَچايو،
اَڃان تائين تُنهنجو، نياپو نه آيو.
“مَئي” ۾ مَزو پڻ، نه آيو اسانکي،
ڏنو راز دل جو، نه دلبر مون ڪنهن کي،
ڀَلا ڪيئن ٿي گُذري، خبر ناهي توکي،
وساري سگهان ٿو، نه تُرتئون توهان کي،
تصوّر ته تنهنجي، آ تَن من تپايو،
اَڃان تائين تُنهنجو، نياپو نه آيو.
گرم لُڪَ لڳي ٿي، ڪَريون رَس رِهاڻيون،
گُلن ۽ ڦُلن ۾، ڪريون ڪي ڪهاڻيون،
اندر جون ته اوريون، ڪي يادون پُراڻيون،
ڪري خوب خُوشيون، مَزا پاڻ ماڻيون،
ايڏو وقت ويهي، ڇو مُنهنڙو مَٽايو،
اَڃان تائين تُنهنجو، نياپو نه آيو.
جڏهن “جوُنِ” آئي، نه آئين تُون جاني،
مِلي وڃ مِٺا تون، ڪري مهرباني،
خُدا توکي بخشي، هي جوڀن جواني،
اوهان جي اچڻ لئه، اَٿم دل ديواني،
ڪري قرب پنهنجو، لَبن سان لڳايو،
اَڃان تائين تُنهنجو، نياپو نه آيو.
اندر ۾ ٿي آهي، تَپش تيز تولا،
ڪيم تنهنجي جاني، مون ڳوٺن ۾ ڳولا،
جُنبش جان ۾ ٿي، اچن جهوپ جهولا،
مٺا مونکي توسان، ملائيندو مولا،
سبب ڪهڙي سُهڻا، تو آهي سِڪايو،
اَڃان تائين تُنهنجو، نياپو نه آيو.
“جولائيءَ” جون آيون، هي هِڪدم هَوائُون،
لُڪن لاھ پَٽيا، ڦٽيل دل فضائُون،
جي ايندين تون مون وَٽ، ته ٿينديون عَطائُون،
اوهان کي پيو ڏيندس، مان دل سان دعائُون،
ڏِسي مون کي ڏُوران، نه لالڻ لنوايو،
اَڃان تائين تُنهنجو، نياپو نه آيو.
مَکا ماکين جا، گُلن کي ٿيا ڀيڙا،
پَنن تي پُڄي ويا، مَکن جا ته ميڙا،
وَلر سان وڃن پيا، ڇَمر جيڏا ڇيڙا،
مَٿان بيٺا بادل، سي واڄٽ وَڄايو،
اَڃان تائين تُنهنجو، نياپو نه آيو.
هي ،آگسٽ” آيو، اَڃان تون نه آهين،
چَيم هاڻ آخر، اچي غم ٿو لاهين،
لِڪي لوڪَ کان، يا ويٺو لُڙڪ واهين،
عُذر يا ڪو ٻيو آ، چوڻ ڇا ٿو چاهين،
اوهان يا ته سمجهو، آ مونکي پَرايو،
اَڃان تائين تُنهنجو، نياپو نه آيو.
ڪَچو گاھَ اُڀريو، آ پوٺن پَٽن تي،
ڀِري ڀئونر آيا، ڪي ڀرجي ڀِٽن تي،
ڏنيون مَک چُميون ٿي، گُلن جي چَپن تي،
اچي گڏ ٿيا پلپل، ڪي پوپٽ پَنن تي،
گُلن کان به سُهڻو، تو آهين سَوايو،
اَڃان تائين تُنهنجو، نياپو نه آيو.
ٿيون “سيپٽمبر” ۾، اکيون تولئه آتيون،
گُذاريوسين گڏجي، ڪي راتين جون راتيون،
ڳنڍيل هڪ ٻئي سان، هُيون پنهنجون ڇاتيون،
وِجهي ٻيڻا ڀاڪر، ڳراٺيون ٿي پاتيون،
مَزو چاشِنيءَ جو، چَپن مان چَکايو،
اَڃان تائين تُنهنجو، نياپو نه آيو.
ڪَري درد دانهُون، ٿي ڪوئل ويچاري،
روئي ويٺي هَر هَر، دَٻا دَٻ دُونهاري،
۽ برسات جي لئه، ڪئي تاڙي تياري،
ڪري ڪُوڪَ قُمريءَ، اندر باهي ٻاري،
مَگر بُلبُلن آهي، ماتم مَچايو،
اَڃان تائين تُنهنجو، نياپو نه آيو.
اَچي “آڪٽوبر” ۾، اَندر ٿيو اُداسي،
پَسڻ لاءِ پلپل، رهان ٿو پياسي،
نئون نِت ٺهي ٿو، وڳو توکي ناسي،
ڪريان تُنهنجي اُلفت، جي ڪهڙي عَڪاسي،
رَهي دُور دلبر، نه دل کي دُکايو،
اَڃان تائين تُنهنجو، نياپو نه آيو.
اَوهان کان اَڪيلو، اَٿم انتظاري،
ڪري ڪُوڪَ ڪونجن، ڪئي آھَ و زاري،
وَهن اَشڪ اکين مان، تِن کي ٿا جاري،
رُوئن ۽ رَڙن ٿيون، اَٿن انتظاري،
ڇَڏيو سُستي سُهڻا، نه نازڪ نٽايو،
اَڃان تائين تُنهنجو، نياپو نه آيو.
“نَومبر” ۾ نازل، ٿيا نُوري نِظارا،
اڪيچار چَمڪن، ٿا سُهڻا سِتارا،
نه موٽي تون آئين، مَگر ماھَ پارا،
طَلب تات تُنهنجي، پرين آ پيارا،
هِن غمگين دل جو، اچي غم گهٽايو،
اَڃان تائين تُنهنجو، نياپو نه آيو.
ڄَمُون ڄامَ موريا، ۽ ڇانهُيون ڇُوهارا،
اڪيلو ويا گُذري، ڪي سانوڻ سِيارا،
پَٽياسين ٿي پيرُون، سَڄا ڏينَهن سارا،
ڪڏهن “ساڪرو”، ۽ گُهمياسين “ٻُهارا”،
“ٺٽي” ۾ رَهياسين، ڪڏهن ٺاھَ ٺاهيو،
اَڃان تائين تُنهنجو، نياپو نه آيو.
“ڊسمبر” ۾ توسان، مُون نازڪ نڀايو،
آيس پنهنجي دل کي، مان “گهارو” گُهمايو،
“دڙي” ۾ به دل کي، مُون دَم تي پَٽايو،
“سجاول” ۽ “چُوهڙ”، نه “جاتي“ ڀُلايو،
“بَٺوري” ۾ مونکي، تو دَر دَر رُلايو،
اَڃان تائين تُنهنجو، نياپو نه آيو.
“جمال” آهي تُنهنجو، هي عاشق اَصل کان،
“گُجي” ۾ به آيس، مِلڻ لئه اَوهان سان،
“لَڌيا، ليٽ” ڳولي، ۽ “ڳاڙهي” وِيس مان،
ڏِنا وَر مون تولئه، ٿي “ڪيٽي بندر” تان،
ڪڏهن سير “ڪينجهر” جو، تو ٿي ڪَرايو،
اَڃان تائين تُنهنجو، نياپو نه آيو.