“عُمر مونکي نه ڏي مَهڻان، ڌڻيءَ لَڳ تون ڌنارن جا”.
اِهي الفاظ وٺ واپس، مِٺن منهنجن تون مارن جا.
پَلر ۽ پيڄَ تي پَلجڻ، کِجڻ خُوبي ڄَمڻ کان ڄَڻ،
نه طعنا تون تنين جا هَڻ، ويهي گهر ۾ ولهارن جا.
نظر بس بَد نه مونڏي کَڻ، نه مَن ماڙين مٿي مٽجڻ،
لِڱن تان لوئيءَ کي لاهڻ، ناهن ڪم ننگدارن جا.
اَسان مسڪين مارن کي، ستائڻ ڇڏ سنگهارن کي،
دَٻائي دين دارن کي، نه ڏيکاري تابَ تارن جا.
عُمر آجو نه تون آهين، مٿي مارن ڪَنا ناهين،
چَوڻ تون ڇا پيو چاهين، ڪڍي اڄ عيب اَيارن جا.
اسين بُزدل ناهيون بلڪل، آهي ڪمزور تُنهنجي دل،
ايڏو مونسان نه ڪر تون هُل، نظارا ڏسندين نارن جا.
نه بانوَر ڪر تون دولت تي، اَڍنگي تُنهنجي عادت تي،
اِنهيءَ بيحد بغاوت تي، ٿيندا حملا هزارن جا.
نه ايڏو جوش ڪر جَهٽ پَٽ، ڪندئي سارو چمن چَٽ پَٽ،
نه ڪر مونساڻ تون وَڌ گهٽ، پَتا پَوندئي پنوهارن جا.
سِرڻ جيئن سڀ ڪري سڙڪو، ڪندا ڪُل ڪوٽ تي ڪڙڪو،
جَهلي سگهندين نه تِن دڙڪو، ٿيندا ڌڌڪا ديوارن جا.
“جمالَ” ايندس نه هٿ تنهُنجي، وري ويندس وطن پنهنجي،
ستائڻ تنهنجي سان منهنجي، ڀلا ٿيا ڀاڳ ڀارن جا.