مارئي جي ثي حرفي
حَويلين ۾ هِرکي، نه هينئڙو حَميرَ،
وَٺي وَڄ تون پنهنجا، وَڪيلَ ۽ وَزيرَ،
نه وِجھ زائفائن، کي ظالم زَنجيرَ،
وڏائي ڇڏي ڏي، ڦِٽو ڪر فخر،
ايڏو ظلم زوري، نه ڪر تون زبَر.
ڪري “بي” تُون بانوَر، نه ڪر اَڄ اُداس،
بَرن ۾ بندياڻي، بلاتي ٿياس،
قضا قيد ڪوٽن ۾، قابو ڪياس،
هِتي ويهي وِجهلي، مگر جي مُياس،
مَڙھ منهنجو مارن، اُماڻج عُمر،
ايڏو ظلم زوري، نه ڪر تون زبَر.
توکي “تي” ڪو پنهنجو، عَقل ڏي خُدا،
اُٿن روز اُڌمان، ٿا سُورن سندا،
سنگهارن کي ساري، سڪان پئي سدا،
نه جالي سگهان ٿي، اُنهن کان جُدا،
مِلان شال مارن کي، موٽي مَگر،
ايڏو ظلم زوري، نه ڪر تون زبَر.
سڄو ڏينَهن “ثي” پئي، رُڳو رت رُوئان،
پنوهارن جا پيئي، مان پانڌي پُڇان،
“ميرانڏيءَ” کان معافي، وڃي مان وٺان،
ڪري وهم جيجل، ڪو مونتي متان،
پُڄان تن پنوهارن کي، آڌيءَ اَسر،
ايڏو ظلم زوري، نه ڪر تون زبَر.
جَجهو “جيم” جن وَٽ، لڌو مانُ مون،
گُذر آ غريبن جو، پيڄُون پِسيُون،
ڌنارن کان مونکي، نه ڪر ڌار تون،
اِلاهي اوهان کي، مون آزيون ڪيون،
اجازت ڏي مونکي، نه ڪر ڏُک ڏَمر،
ايڏو ظلم زوري، نه ڪر تون زبَر.
نه ڪر هوڏ “حي” تون، اِهو ڪم ڪُڌو،
چڪر توکي پرڻي، جو ڪنهن آ وِڌو،
سنگهارن ڏي موٽي، وڃان شل سِڌو،
اباڻن آ مون لئه، رُکو ڀَت رَڌو،
وِجهي کير خُوش ٿي، پيان مَن پَلر،
ايڏو ظلم زوري، نه ڪر تون زبَر.
کلي خُوش ٿي “خي” ڪيئن، پَلنگ تي ويهان،
لُڏي لاڏ سان ڪيئن، مان لائُون لَهان،
وڃي ڏوٿين کي، مان ڏوري ڏسان،
مِٺن مُنهنجي مارن، سان موٽي مِلان،
وٿاڻن مان کولي، وَرايان وَلر،
ايڏو ظلم زوري، نه ڪر تون زبَر.
نه ڏي “دال” دَڙڪا، جَلي ٿو جِگر،
اڃان تڪ نه آهُن، جو ٿيو آ اَثر،
خُدا جو ته دل ۾، ڌيان ڪو تون ڌَر،
هيڏو ڪر نه هيڻن، سان هانڃو حَشر،
اسان کان ته ڇا ۾، تو آهين اَپر،
ايڏو ظلم زوري، نه ڪر تون زبَر.
ڪريان “ذال” زَر زَر، نماڻي نِدا،
ستائين ٿو مونکي، سکر ٿي سَدا،
غضب هيڏو حاڪم، نه آهن ڪندا،
اسين راڄ، رعيت، حُڪم جا بندا،
نياڻين ۾ تن جي، نه رک تون نَظر،
ايڏو ظلم زوري، نه ڪر تون زبَر.
رکي “ري” تو رُوحَ ۾، جا آهي رَضا،
مَرڻ کان به وَڌ ٿي، سا ڀانيان سَزا،
لِکئي انگ ڪوٽن ۾، آندو قَضا،
ڇَڏي پنهنجا مارو، ڪريان ڪيئن مَزا،
آئون آهيان اَڀري، سُکيا ٻيا سَٻُر،
ايڏو ظلم زوري، نه ڪر تون زبَر.
ڪيون “زي” مون زاريون، وَڳر وَٽ وَڃان،
هِتي آئون ڳڻتين، ۾ پيئي ڳَران،
پنوهارن سان گڏجي، پَلر ڪو پيان،
ويهي هيڪ جيڏين، سان گڏجي گُهمان،
پَلر جي پاڻيءَ سان، اُجاريان اَندر،
ايڏو ظلم زوري، نه ڪر تون زبَر.
سدا “سين” آئون، ٿي ساريان سنگهارَ،
چڪن چاڪَ دل جا، هينئن ۾ هَزار،
ڪِرن لُڙڪ اکڙين، مان ڪريو قطارَ،
نه وِسرن ٿا مونکي، ڳوٺاڻا ڳنوارَ،
ڪُڏن چاھَ مان ٿيون، چُوڙيلون چَلُهَر،
ايڏو ظلم زوري، نه ڪر تون زبَر.
نه “شين” شانُ تُنهنجو، عُمر آ اِهو،
ڇڏي “کيت” کي ڪيئن، ڪريان وَر ٻيو،
مَرڻ کان به وَڌ، مُون لئه مهڻو ٿِيو،
اِهو ڪم اسان مان، نه ڪنهن آ ڪِيو،
پنوهارن کي پلپل، نه ڪر تون پَڌر،
ايڏو ظلم زوري، نه ڪر تون زبَر.
سڪي “صاد” ساھَ ٿو، سنگهارن سَوا،
لاهي ميرا ڪپڙا، اوڍيان ڪيئن اَڇا،
اسين راڄ تنهنجو، اوهان جا ٻَچا،
انهن تي ڏمرجي، نه ڪر تون ڏکا،
چڱو جي ٿو چاهين، ته ڇڏ چڙ چِٿَر،
ايڏو ظلم زوري، نه ڪر تون زبَر.
ذَرو “ضاد” زوري، نه سرندئي صَفا،
جيڪا آهي ڏيڻي، سا ڏي تُون جَفا،
آئون خُوف تنهنجي، کان آهيان خَفا،
ٻَڌان توکي ٻانهُون، ٿي ڏَھ ڏَھ دفعا،
وَڻن ڪين تنهنجا، ٿا مُشڪ و عَنبر،
ايڏو ظلم زوري، نه ڪر تون زبَر.
“طوئي” اڄ تڙن تي، تنوارون ٿيون،
حبيبن جُون هڪلون، هُونگارون ٿيون،
سهيلين سڀن جون، سنڀارُون ٿيون،
مون تي مائٽن جون، ميارُون ٿيون،
اُتر پاسي اُڀرن، اَڇا پيا اَبر،
ايڏو ظلم زوري، نه ڪر تون زبَر.
“ظوئي” زال تُنهنجي، نه آهيان اَدا،
ڏئين ٿو تون دڙڪا، ۽ داٻا _ وڏا،
فقيرن سان ايڏا، نه ڪر تون ڦڏا،
ناهِن منهنجا مارُو، مَياري رُڳا،
ٿيو مالَ تي تن، غريبن گُذر،
ايڏو ظلم زوري، نه ڪر تون زبَر.
اسين “عين” آهيون، وڏا عيبدار،
اوڻايون اسان ۾، ته آهن اَپار،
نينهَن ۾ به آهيون، اسين نامِدار،
ٿيندا آهيون پنهنجي، ننگن تان نِثار،
ٿُوهر ٿاڪ آهن، ڍٻُون ۽ ڍنگهرَ،
ايڏو ظلم زوري، نه ڪر تون زبَر.
نَٿي “غين” تُنهنجي، غُلامي ڪريان،
ڇڏي ڏي پنوهارن، جا پاڻي ڀَريان،
سڱر سيڪي ثابت، تَئيءَ تي تريان،
ڌنارن جو دل ۾، ڌيان پئي ڌريان،
کَٽا کيرَ کائُون، ۽ مُرڪي مَٽرَ،
ايڏو ظلم زوري، نه ڪر تون زبَر.
ڦِٽي ننڊ “في” وَئي، نه سانگي سُتا،
حَشر ۾ هَميشه، هو مون لئه هُوندا،
اَچانڪ اچڻ جُون، پيا ڳالهيُون ڪندا،
ٻُڌائي نه مونکي، هي گُفتا گندا،
تون مسڪين ماڻهن، مَٿي ڪر مَهر،
ايڏو ظلم زوري، نه ڪر تون زبَر.
جَڏهن “ڪاف” تُنهنجو، ڪندا ڌڙ، دَفن،
اُتي تنهنجو بلڪُل، نه بَچندو بَدن،
سُڪي ماس ويندئي، ٿيندين هَڙ هَڏن،
وساري ڇڏيندين، تون سارو وَطن،
اَصل ماڳ تُنهنجو، آ ڪاري قَبرَ،
ايڏو ظلم زوري، نه ڪر تون زبَر.
ڪِٿي “قاف” ڪنهن کي، نه قيدي ڪَري،
بِرھ کان بَدن، ۾ ٿي باهي ٻَري،
رُڳو تات تن ۾، ٿي تن جي تَري،
هينئون رات ڏينهن پيو، ڏُکن ۾ ڏَري،
اِهو سنڱ نه سَرندئي، ڀلي ڇا به ڪَر،
ايڏو ظلم زوري، نه ڪر تون زبَر.
لَهن “لام” مون تان، هي قيدي ڪَڙا،
ڏسان جهانگيئڙن جا، وڃي جُهوپڙا،
چڱا مالَ وارن جا، چنگ ۽ چَڙا،
گهگهيرين سان گڏجي، ڀَريان گڏ گهڙا،
ڏسان پنهنجي ڏيھ جو، وڃي لَنب لُلر،
ايڏو ظلم زوري، نه ڪر تون زبَر.
مَرم “ميم” ماري، ٿو مونکي مُدام،
دُکن ديرا اَڏيا، ٿيا گُوندر گُدام،
تڪَبُّر ڇڏي ڏي، نه ڪر تنگ تمام،
آهيان “سامَ” ٿي هِت، سا تولئه حَرام،
ڪاهي ڪالھ ڪُل سڀ، ويا ڇانگُون ڇَپر،
ايڏو ظلم زوري، نه ڪر تون زبَر.
نَڪو “نُون” ناريون، ڪو بُولو وِجهن،
سَڳيون سونَ وَرنيون، ٻانهوٽا ٻَڌن،
رکي چٽ چولي تي، ٿيون گُجريون گُهمن،
ٽِلي ٽهڪ ڏيئي، خُوشي مان کِلن،
چڱو چُلھ تي چاڙهيون، ڀَلو ٿئي ڀَتر،
ايڏو ظلم زوري، نه ڪر تون زبَر.
وَريا “واءَ” وَصل جا، وڇوڙا ويا،
مُوري مُلڪ ۾ پيا، مُنگها ۽ ميهَا،
ليهارن جُون لامون، ۽ پيرون پَڪا،
نه ساعت سَري ٿي، سنگهارن سَوا،
ٻَٻَر ٻيريون کائي، ٻيٻُون ڪن ٻَڪر،
ايڏو ظلم زوري، نه ڪر تون زبَر.
هُرن “هي” ٿا هَر هَر، سي مارُو مِلن،
ڪيا وارا وِڄڙين، وَسي پيو وَطن،
ڪَڪَيُون، ڪاريون، ڪُنڊيون، ٿيون رايون، رَنڀن،
ڏُهي پنهنجي هٿ سان، کِليو کيرَ پيئن،
ڇَمر جون ٿيون ڇائُون، ڇَنن ۾ ڇَٻَر،
ايڏو ظلم زوري، نه ڪر تون زبَر.
ڪنديس “الف” آئون، سَڀن سان سچي،
ڏيندس “ساک” پنهنجي، اوهان کي اَچي،
عُمرَ کان اچان پئي، مان بلڪُل بَچي،
ڪيم ڪين ڪُر سان، مُون آهي ڪَچي،
کِلي “کيتَ” کي ڏيو، خُوشي جي خَبر،
ايڏو ظلم زوري، نه ڪر تون زبَر.
ڪيا ياد “يي” مون، اَباڻا اَجها،
لَڄائي نه لوئي، نه پاتم وَڳا،
اسين “ڀيڻ ڀاءُ”، هُئاسين سَڳا،
عُمرَ چاڙهي اُٺ تي، اُماڻيو اَدا،
ڦِڪو ڦوڳ ٿي پيو، جَليو تنهن جگر،
ايڏو ظلم زوري، نه ڪر تون زبَر.
“جمالَ” آئون جهانگين، وڃان پئي وَري،
ڪڙا ڪوٽ قابُو، ويا جهٽ جُهري،
ٿيس بند خاني کان، بلڪُل بَري،
وڃي پيڄ پيئندس، پنوهارن پُري،
مِلي مارُئي مارن، ڏِني ڀاڳَ ڀَر،
صَبر ۾ ملي ويو، سُکن جو ثَمر.
سوين سُهنج ٿي پيا، لَٿا ڏُک ڏُڪارَ،
وَسايا ويڙهيچن، جا واليءَ وَلهارَ،
سدائين سُکي ٿي پيا، سانگي سنگهارَ،
ٻُڌي هيءَ پنوهارن، جي پَرور پُڪارَ،
مِٺايون ورهايون، ۽ شربت شَڪر،
پيو نيٺ نِڪري، ڪَڪَر مان قَمر.