شاعري

ڪلامِ جمال

”جمال“ صاحب رِوايتن جو امين شاعر آهي، پختو سُخنور آهي، فني لحاظ کان استاد شاعر آهي. دؤر جديد ۾ جيڪي شاعر پنهنجين فني صلاحيتن سان معتبر مقام حاصل ڪري چُڪا آهن، انهن مان هڪ معتبر شاعر آهي. مضبوط ايمان ۽ صالح عقيدي سان هو سماجي براين کان ”باغي“ شاعر آهي. بي ربط سماجي نظم ۽ معاشري جي اڍنگي چال خلاف هو سخت مزاحمتي شاعر آهي. اخلاقيات جو مجسم، انسانيت جو علمبردار ۽ پنهنجي ملڪ ۽ قوم سان محبت ڪندڙ هِن شاعر وٽ اعليٰ انساني قدرن جا جهجها جهول ڀريل آهن.
Title Cover of book ڪلامِ جمال

“سرڪار آقا جي اَچڻ سان، هَر طرف هُٻڪار ٿي”.

“سرڪار آقا جي اَچڻ سان، هَر طرف هُٻڪار ٿي”.
سُرهاڻ سان سارو عَرب، پيو خُوب خُوشبودار ٿي.

صَلواة پئي پٿّرن پڙهي، پلپل پرينءَ تي پيار مان،
حُورَن هُيون ڇيرون ٻَڌيون، آيون نچڻ نِروار ٿي.

جُهومڻ لڳا جهنگ ۽ جَبل، بَرپٽ بَهاري ٿي وَئي،
ڪُونجون، ڪبڪ، قُمري، ڪوئل، چيهن جي پڻ چينگار ٿي.

“توريت” ۽ “انجيل” ۾، آهي ٿيل ظاهر ذڪر،
آخر زمان “قُرآن” سان، ايندو اجهو اظهار ٿي.

جنهن هڪ دفعو درشن ڪَيو، سو قُرب ۾ ٿي قيد ويو،
زهره، بَدر ۽ آرسي، آيو عجب اِسرار ٿي.

افضل اُتم سڀ ئي عمل، صَلواة سان سيکاريا،
“زڪوات”، “روزي”، “حَجّ” ۽ “توحيد” جي تنوار ٿي.

حُورن چيو لَک لَک مُبارڪ، “آمنه” “احمد” اَمڙ،
کيروُن مِليون، خُوشيون ٿيون، پيو جڳ سڄو گلزار ٿي.

مصحف ڏيئو، ڪعبو چَمن، آئينو لوح محفُوظ مُنهن،
محبوب آيو مَرحبا، مُلڪن اَندر مهڪار ٿي.

پيغام ڏَئي، ربُّ العُليٰ، عرشن تي عربي ڪوٺيو،
اچ لامَڪان تي تُون مِٺا، رَف رَف مَٿي هَسوار ٿي.

مهمانَ کي هينئن ميزبان، خُوش ٿي کِلي کيڪاريو،
جاني جُتيءَ سان اَچ هَليو، ڇو دير دلبر يارَ ٿي.

ٿيو نياز نِوڙت ساڻ نِرمل، هم ڪلامي هوتَ سان،
مالڪ ڏِنا تنهن ٻئي جَهان، ويا واھَ جا اِقرارَ ٿي.

ڪاراٽِ ويئي ڪُفر جي، بُتَ ڀُور ڀوران ٿي پيا،
ذرڙا زمين تي جي ڪِريا، سي ويا سڙي ڦُلهيار ٿي.

ساريءَ دُنيا جي سُونَهن کان، هُن جو “جمال” ۽ حُسن وَڌ،
سڀ هيچ حاڪم جي اڳيان، هر ڪنهن جي وَئي بس هار ٿي.

اَلسّلام اي ميرِ مجلس، مانَ وارا مهربان.
اَلسّلام اي خُوب خُوشتر، خُوب خالص خاندان.

اَلسّلام اي نيڪ سيرت، نيڪ صُورت سُخندان،
اَلسّلام اي علمِ گوهر، شانَ وارا عاليشان.

اَلسّلام اي ڪامياب و قُرب وارا قدردان،
اَلسّلام اي دين دُنيا، والي وارث دوجَهان.

تُنهنجي آمد جا اسين، ڪهڙا ڳڻي ڳڻيون بَيان،
جيئن جُڙيو هي جَڳ آ، تيئن تُنهنجا ظاهر ٿيا نِشان.

چارئي تُنهنجا چڱا، جن جان ڪَئي توتان فِدا،
تون خدا جو آهين نائب، جانِ من اي جاودان.

تو مَٿي نازل ڪَيو، قُرآن آ ربُّ العُليٰ،
تون سچو، اصحابَ ۽ تُنهنجو سچو آ ڪاروان.

پَرَ سڙي جنهن جاءِ تي، جبرئيل جا ٿيا ٿي فَنا،
اُت وڃي پهتين جتي آ، عرشِ اعظم لامڪان.

جِت نه مُوسيٰ ويو اُتي، تُنهنجي رَسائي ٿي چُڪي،
تون وڃي مهمان ٿِئين، ۽ خُود خُدا ٿيو ميزبان.

نُور جو ناياب مَنظر، شل ڏسان جيئري “جمالَ”
دل چَوي ٿي تنهنجي دَر جي، مان اَچي چانئٺ چُمان.