پاڪستان
مُلڪ جي هر هڪ حصي مان، باغ ۽ بُستانَ تي،
ديس جي دودن دليرن، مرتبي ۽ مانَ تي،
شانوَر شانائتي، شهزور عاليشان تي،
اِبتدا بس ٿا ڪريون، پهرين بلوچستان کان،
پَٻ جبل جي پٿّرن، ۽ ريتي ريگستان کان.
واھَ جو ماحول هُت آ، هر ٻُڍي ۽ ٻارَ جو،
هو پَڪا پُختا زَبان جا، لفظ هڪ اِقرار جو،
هُن ۾ “پسني” آ “گوادر”، ۽ ضلعو “خُضدار” جو،
هُت هَرڻ ۽ “شينهن شِڪرا”، گوڙ آ “ڳونار” جو،
واٽَ “وِندر” جي وَراڪن، وَر وَڪڙ ويران کان،
“حب نَدي” “هاڙهي” جي هِڪ هِڪ، چوٽين چوغان کان.
هوش ۽ همّت ۾ هردم، هُو زياده زور ٿَئي،
پُر پڙاڏا حوصلي جا، شانوَر شهزور ٿَئي،
بي بَها بلڪُل بَهادر، ڪونَ هو ڪمزور ٿَئي،
هُت “مَري”، “مينگل”، “بروهي”، ۽ “اڱاريا” اور ٿَئي،
“رائفل” اُستاد ڄاڻو، ماهرِ نيشانَ کان،
جنگجُو جوڌن جي جوهر، جوش ۽ جولان کان.
هُت پَلر پالوٽَ سان، ٿا مُحبتي ميلا مَچن،
وقت وَس جي مال ڪاهيو، مالوَند ماڻهو اچن،
هُت “مُنگها”، “ڳاڳيون” ٿين، سڀ گاھ ٻُوٽا ۽ “چندن”،
“خَس کٿوري” کوڙ ٿئي ٿي، چاھَ مان “چانگها” چَرن،
“چاغي بُولو”، “پنجيائي”، ڪُنگري”، “شيرانَ” کان،
“نُورگاما”، “مول، واڌڻ”، “ڪوئٽا، ڪونان” کان.
سرحَدي صُوبي طَرف، سڀ پاڻ ٿا اڳتي هَلُون،
“خان زادن”، “پٽڪي” وارن، ساڻ ٿا مُرڪي مِلُون،
“پشتو ٻولي” پيارَ واري، خُوش ٿيو تِن سان کِلُون،
“ڪوھ هندوڪش”، مُندري، ۽ “چارباغِ” ٿا چَلون،
ٿا هِتان داخل ٿين ڪي آدمي، “افَغان” کان،
“بورمل”، “ڪابل”، “سروبي” “ناري بورستان” کان،
“انبَ ۽ انگُور” هُت، ٻي کوڙ ٿيندي آ “کَجور”،
“مالِٽا”، “انجير” ۽ “زيتون” هُت آهن ضَرور،
باغ سان آهي بهاري، ٿو اچي سُهڻو سُرور،
ايتري نعمت جي هُوندي، ڪونَ آ تِن کي غُرور،
ٿا ڇَمر ڇڄيون پَون، “ڪاغان”، “ڪوهستان” کان،
“ڪوھ مَري”، “ ڪي ٽو جبل”، هيبت وڏي حيران کان.
برف بارش جيئن وَسي ٿي، هُن حصي تي عام جام،
تنهنڪري تڪليف ٿئي ٿي، سرد موسم ۾ تَمام،
ٿا بنائن خُود اُهي، هَٿيار ۽ گُوليون مُدام،
هُو رڳو بارود آهن، ڪيترا ڀَريل گُدام،
“ڪرڪ” ۽ “مردان”، “کجُوري”، “رزمڪ ونارانَ”، کان،
قوم “اصغر خان” واريءَ، تيز طُوفان کان.
پنج نَدي “پنجاب” ڏي بَس، پاڻ ٿا منزل ڪَريون،
“راوي”، “جهلم” جي سَڀن، موجزن مٿي محفل ڪَريون،
تِن جي بس هر هڪ اَدا تي، ڳالھ هڪ دل ٿي ڪريون،
بند جن پاڻي ڪيو آ، تِن تي ڪو ڪرڳل ڪريون،
گڏجي سڀ تيلي رکون ڪا، “مُغلور” ميدان کان،
باھِ ڀل ڀَڙڪا ڪري پئي، “جنڊ ۽ ملتانَ” کان.
هُت وڏا آهن وَلي، ۽ مسجدون مينارَ پُڻ،
سُونَهن سڀڪا آ هُتي، ۽ سو بسو سينگار پُڻ،
باغ بيحد هُت گهڻا، ۽ گُلشن و گُلزار پُڻ،
هُت مزا آهن وڏا، ۽ مَن گُهريا منٺار پُڻ،
ٿو حقيقت پيش ڪريان، مست من مَستانَ کان،
بس چوان جيڪو پيو، سو گهٽ نه آ ڪو شانَ کان.
سرزمينِ سنڌ پهچي، ٿا ڪريون پُورو سَفر،
هِت وڏا ڪامل وَلي، ۽ عارفن جو آ اَثر،
هِت لطيفي لات آ، ۽ قُرب “قَلندر” جو ڪَثر،
هِن سڳوريءَ سنڌ تي آ، غير جي هردم نظر،
پر جُهڪيو جَهٽ پَٽ پَوي، ڪنهن جي ڪرامت ڪانَ کان،
ڪين ڪُجھ تڪليف ٿئي ٿي، مُٺ گُهري نادانَ کان.
آ هِتي “ڪيٽي بندر”، “مهراڻ”، “منڇر”، ۽ “ڪينجهر”،
“لاڙڪاڻو”، “گهوٽڪي”، ۽ “ساڪرو”،“سيوهڻ، “سکر”،
هِت “ڪراچي”، “ڪوٽڙي”، بس، آ سڄو “ٿرپارڪر”،
“خيرپُور” خاشو گهڻو، پَر نينَهن وارو آ “ننگر”،
سنڌ ۾ آيا هِتي، “اصحاب” “عربستانَ” کان،
اچ زيارت تون ڪري، تِن جي تنبو طُولانَ کان.
حُسن جو هوڪو هَلي ٿو، جابَجا جَلوو “جمال”،
مُدبّر عالم اَڪابر، علم وارا بي مِثال،
پارکو پيدا هِتي ٿيا، ناهي ڪنهن کي ڪا مَجال،
سنڌ آ سرسَبز ساري، لُطف آهن لازَوال،
هي متاثر ٿي لکيو مون، نيڪ ڪنهن انسان کان،
رحم جي ٿو مان دُعا، دل سان گُهران رحمانَ کان.