قصيدو
ڪربَلا جي ڪوس جو آ، درد ڀريو داستان.
دُشمنن دوکو ڪري، قيدي ڪَيو ڪُل ڪاروان.
گُرز گز، تيزي تِکا، سَل سَل ڪري سينو ويا،
آب بدران ائين ڪندا، هي غم نه هو ڪنهن کي گمان.
ننڍڙڪا نينگر نِماڻا، ناز پرور نازنين،
سر ڏئي ٿيا سَرخُرو، جيرو جگر ۽ جسم جان.
خُوش ٿيو کِلنداسي خُوشتر، مُحب آيا مُرڪندي،
دلبرن جو دين خاطر، ختم ٿي ويو خاندان.
آمسامهُون ويرين سان، وڙهندا ويجهو ويا،
نيمچا نيزا هَڻي، نِت نِت ڪيا نازڪ نِشان.
پهلوانن پِڙ ۾ پهچي، دشت ۾ دهشت ڪَئي،
شينهَن وانگر شيرِ يزدان، جوٽي بيٺا جَنگ جَوان.
رِڻ سڄو رت ڇاڻ ٿي وِيو، هُئا لَهُوءَ سان لال لِڱَ،
ڪنڌ ڪِري ويا ڪيترا، ڇو ظُلم هي ٿيو آ زِيان.
مير مانجهي مورَ ماري، ڪيسَ تِن ڪيڏا ڪَيا،
هُئا نه هرگز سي هَٽڻ جا، نينگرا ۽ نوجَوان.
حادثي جو هُل هَلي ويو، هاءِ گهوڙا وَئي مَچي،
عرش وارا پيا عَجب ۾، قُطب ڪَتيون ڪهڪشان.
عشق ۾ هُئي عاشقن جي، آزمائش آخري،
اِمتحانِ عشق ۾ ٿيا، ڪامياب و ڪامِران.
فِڪر ۾ پيا فرشتا ۽ هاريون حُورن هَنجُون،
ري رُوئڻ ڌاران رهيو، هُوندو نه اُن دم آسِمان.
سئو دفعا هو سجّ کان وَڌ، تِن جو جوهر ۽ “جمال”،
ڪوفين کي ڪَهڙي طاقت، اَصل هي هو اِمتحان.