تنهنجا وِنگڙا، وارَ وَٽيل، هوشَ هاري ٿا وِجهن،
ڦَڻ ڪڍي ڦوڪُون ڏئي، ڊوڙي ڊيڄاري ٿا وِجهن.
نانگ ڪارو ٻِرَ مَٿان، جيئن وَرَ وجهي واسينگ ٿو،
تيئن وڪوڙي وَرَ تي وَر ڏئي، ونگ واري ٿا وِجهن.
نُورَ جي چشمي مان پاڻي، سَپ سڄو ڏينهن پيا پين،
مُنهن تي موڙي جي ڇَڏيا تو، مُحب ماري ٿا وِجهن.
زلف زوراوَر سي ظالمَ، چيلھ تان چوڪي ڏئي،
خُونَ خاطر خارَ مان، نِرتئون نِهاري ٿا وِجهن.
ڪَن وٽان “ڪاڪل” قطاري، سير سيني جو ڪَري،
لاڏَ سان لَڙڪي لُڏي، ڏاڍن کي ڏاري ٿا وِجهن.
قهري “ڪاريهل” ڪنبائي، ٿا وڙهن سي وَجھ وَٺي،
اوچتو اُلرون ڪَري، دهشت ڏيکاري ٿا وِجهن.
چاھَ مان جنهن دم “چندن” چوٽي کي لائين ٿو “جمالَ”،
مُشڪ جهڙيءَ مهڪَ سان هنيئڙي کي ٺاري ٿا وِجهن.