مهاڳ
بسم الله الرحمان الرحيم
نحمده و نصلي عليٰ رسوله الڪريم.
الله تعاليٰ جا اڻ ڳڻيا احسان، جنهن ٻاجهه فرمائي مون گنهه گار کي ڀلي پار تان ڀيرو ڪرڻ جو موقعو عطا فرمايو. جل جلاله عم نواله.
سڌ ٻڌ جي وهي کان وٺي سالن جا سال سيني ۾ سڪ سمايو روضي پاڪ جي ديدار ۽ وحي جي سرزمين مڪي ۽ مديني جي نظاري لاءِ اندر ۾ هينئن پيو اچاريندو هئس ته،
سڪ سڪندين لاهه، وڇوڙيا ميڙ پرين،
ايڏي سگهه سچا ڌڻي، تو هي کي جڳاءِ،
ميڙائي جو ماءِ، ڪانگ لوندو ڪڏهين.
هڪ ڀلاري صبح سڄڻن سار لڌي، قاصد هٿان هي چوائي موڪليائون ته،
“جرس فرياد مي دارد ڪه بربنديد محملها.”
حرمين جي زيارت لاءِ حاجين جي قافلي وڃڻ جو گهنڊ وڄي چڪو آهي، اوهان جي اطلاع لاءِ عرض ته، سعيو ڪري سگهو هلي انهي قافلي ۾ شامل ٿيو ته جيئن روضي پاڪ جي دلي ديدار ۽ حج جي سعادت ماڻي، بخشش ۽ برڪت سان قلب تان ڪٽ لاهي ايمان کي تازو توانو ڪري آخرت موچاري ڪجي.”
پوري ڄمار ۾ اهڙي خوشي نه ٿي هئي جيڪا انهي نياپي ٻڌڻ سان ٿي.
قاصد رسيد، نامه رسيد، خبر رسيد،
بحيرتم ڪه جانم بڪدامي ڪنم نثار
دل بهار بهار ٿي وئي ۽ آيل قاصد سان گڏجي روانو ٿيس ۽ وڃي ڪراچي ۾ حج جو فارم ڀريم. نيٺ مقرر وقت تي خدا جي فضل سان حج جي سعادت، مڪي ۽ مديني جون زيارتون ۽ روضي پاڪ جو ديدار پُر انوار نصيب ٿيو. فللھ الحمد.
4- اپريل 1997 ع مطابق 25 ذوالقعده 1417هه بروز جمعه ڪراچي هوائي اڏي کان روانگي ٿي ته، 16- مئي 1997ع مطابق 10 محرم 1418هه ڇنڇر جي صبح 5 وڳي ڪراچي هوائي اڏي تي خير سان اچي واپس پهتاسون.
انهي دوران مڪي شريف ۾ لڳ ڀڳ مهينو کن رهڻ جو موقعو مليو ته، مديني منوره ۾ اٺ ڏينهن ۽ جده هوائي اڏي تي ٻه اڍائي ڏينهن گذريا. بس انهن چاليهه ٻائيتاليهه ڏينهن جي ڀلاري سفر جو احوال، اتي جيڪي ڏٺم، ٻڌم، پڙهيم ۽ پروڙيم، سوچيم ۽ سمجهيم تنهن جو تذڪرو قلم جي زباني اوهان پڙهندڙن تائين هن ڪتاب ذريعي پهچايو اٿم.
گر قبول افتد زهي عزو شرف.
حقيقت ۾ هن سفرنامه لکڻ جو ڪوبه ارادو ڪونه هئم، پر حج تي وڃڻ وقت منهنجي شفيق ۽ مهربان سائين حضرت مفتي محمد صادق سومرو (جنهاڻ سومرو) مدظله العالي سفرنامه لکڻ جو تاڪيدي امر فرمايو ته، سندن حڪم جي تعميل ڪندي رنڍا روڙيا اٿم.
جڏهن اهو سفر نامو رف مواد جي صورت ۾ استاد محترم حضرت مولانا عبد الڪريم لغاري(فاضل ديوبند) کي پيش ڪيو هئم ته، پاڻ فرمايائون ته، ابا! ٻار ڄڻبو آهي ته، ان جو نالو به رکبو آهي. ڀلا تو ڪهڙو نالو رکيو آهي؟
عرض ڪيم ته، اڃا بنان نالي آهي. ته پاڻ فرمايائون ته، اسان انهيء جو نالو “مسڻ کان مديني تائين” تجويز ڪيون ٿا. انهيء نالي سان مذڪوره سفرنامو ماهوار الفاروق ڪراچي ۾ محرم 1419هه مطابق 1998ع کان قسط وار شايع ٿيندو رهيو. ۽ پوءِ ماهوار الصادق ڪراچي ۾ به ساڳي سفرنامه کي قسطن ۾ڇاپڻ شروع ڪيو ويو جيڪو اڃا تائين وقفه بوقفه ڇپجي رهيو آهي. جيتوڻيڪ نه لکڻ جو ڏانء نه ڪي اديب، دانشور ۽ سياح آهيان پر جيئن ته، ڀلي پار جو بيان روح کي راحت ۽ اندر کي آسيس بخشي ٿو انهيڪري پڙهندڙن جي بيحد اصرار تي، هن سفرنامه کي ڪتابي صورت ۾ ڇپائڻ لاءِ حضرت مفتي محمد صادق سومرو جن ذاتي دلچسپي وٺي هڙان وڙان ڪوشش ڪري ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. آئون انهن سڀني همدردن لاءِ هميشه دعاگو آهيان جن منهنجي هن قلمي پورهئي کي مان ڏيئي، اشاعت ۾ آڻي وڏو اعزاز بخشيو آهي. الله تعاليٰ انهن سڀني جون جائز حاجتون ۽ مڙيئي مشڪلاتون حل فرمائي ۽ کين پنهنجي خصوصي ڪرم ۽ ٻاجهه سان نوازي. آمين.
سفرنامو لکندي پڪ اٿم ته، ڪيتريون اهم ڳالهيون، اهم زيارتون، تاريخي واقعا، حرمين بابت ضروري معلومات مونکان رهجي به وئي هوندي، انهيڪري مهربان پڙهندڙن خاص ڪري اهل علم ۽ اهل ذوق حضرات کي التجا آهي ته، براه ڪرم منهنجي انهن غلطين جي نشاندهي ڪن ته، جيئن آئنده اشاعت ۾ انهن جي درستي، ازالو ۽ اضافو ڪري سگهجي.
سنڌي ٻولي ۾ حرمين جي سفر بابت بنهه گهٽ مواد آهي. چند آڳاٽن مصنفن مان هڪ ٻه سفرناما ڪي سال اڳ سرسري طور ڏٺا به هئم جهڙوڪ: ڊاڪٽر شمس الدين مرحوم 1913ع ۾ “حجاز، شام ۽ ترڪي جو سفرنامو” نالي هڪ سفرنامو لکيو هو جيڪو ماهوار اديون ڪراچي جلد 5 شماره 12 بابت ماه ڊسمبر 1969ع کان قسط وار شايع ٿيو هو. ۽ ٻيو سفرنامو جناب خواجه حسن جان مجددي سرهندي ٽنڊو سائينداد واري “سفرنامه عراق و شام براسته نجد و بيت الحرام” لکيو هو. بحري جهاز ذريعي سندس سفر جي ابتدا 17 جولاءِ 1914ع ۾ ٿي هئي.
جيتوڻيڪ اسان جي هي “رنڍا روڙ” سفرنامه جو حق ته ادا ڪري نه ٿي سگهي پر اميد اٿم ته، خالص ديني فڪر جي رنگ ۾ رڱيل هي سفرنامو سڀني مسلمانن لاءِ هڪجهڙو فائديمند ثابت ٿيندو.
شال رب سائين اسان کي حرمين جي زيارت، حج ۽ عمره جي سعادت بار بار نصيب فرمائي ۽ هر مسلمان جي اهڙي نيڪ عمل کي قبوليت جو شرف بخشي آخرت جو سمر بنائي.
آمين يارب العالمين.