قدرتي نظارا ڪيئن محسوس ٿيا؟:
جهاز هاڻي پنهنجي مقرر ڪيل پرواز جي بلندي واري حد تي پهچي هلي رهيو هو ۽ اسان ان بادشاهي سواري مان لطف اندوز ٿي رهيا هئاسين. ڪجهه دير بعد اوچتو سمونڊ مٿان اڇا ڪڪر، امن فوج جي سفيد وردي پاتل دستن ۽ جٿن جي صورت ۾ نظر آيا. ڪڪر ڪي گهاٽا ته ڪي وري ڇڊا. اهي هيٺ ائين ڦرندا ڏٺم جيئن پاڻي تي ڦوٽو هيڏانهن هوڏانهن ڦرندو رهندو آهي. اڃا اهو منظر پئي ڏٺم ته، جهاز جي عمله واري مائي جنهن کي ايئر هوسٽس (هوائي ميزبان) ٿا سڏين اسان جي پيٽ قوت/ ريفريشمينٽ لاءِ مختلف قسمن جا طعام کڻي آئي سو کانئس مختلف کاڌن جي ڀريل ٽري وٺي پنهنجي سامهون واري تختي تي رکيم، پر ڍؤ هئڻ ڪري فقط هڪ صوف کڻي باقي سمورو کاڌو واپس ڪيم. وري دريء مان ڏٺم ته وڏا وڏا پهاڙ به ننڍڙن پٿرن جيان نظر آيا. مون سوچيو ته، شايد اهي پهاڙ ڏاکڻي عراق يا ترڪي وارا هجن. تفسيرن توڙي تاريخن مان معلوم ٿئي ٿو ته، ترڪيء جا پهاڙ تمام گهڻا بلند آهن جن جي سراسري بلندي 7 کان 10 هزار فوٽن تائين آهي. جيئن ته اسان لڳ ڀڳ 20 هزار فوٽ جي بلندي تي پرواز ڪري رهيا هئاسون انهي ڪري جيڪڏهن اهي پهاڙ ننڍا هجن ها ته ڪنهن به صورت ۾ اسان کي نظر نه اچن ها.
حضرت نوح عليه السلام جي وقت آيل ٻوڏ ۾ اهي ترڪيء وارا اوچا پهاڙ به ٻڏي غرق ٿي ويا هئا. تفسير صاوي جي لکڻ مطابق طوفانِ نوح وقت ٻوڏ جي پاڻي جي بلندي واري سطح 14 هزار فوٽن تائين هئي. واقعي واري ڏينهن، جڏهن مينهن ۽ طوفان شروع ٿيو ته، حضرت نوح عليه السلام جو پٽ ٻين ڪافرن سان گڏ انهن جبلن تي چڙهڻ لڳو. حضرت نوح کيس چيو ته، پٽ! توکي جبلن جي بلندي ڪونه بچائيندي. هي ته قدرت جو ڪافرن تي آيل عذاب آهي، انهي ڪري خدا جي پناهه منهنجي ٻيڙي ۾چڙهڻ سان ملندي. پر هن وراڻيو ته نه. اهي مينهن اڳي به پيا وسندا آهن جڏهن به ڪا ٻوڏ ايندي آهي ته، ماڻهو پهاڙن تي چڙهي پناهه وٺندا آهن، سو هينئر جيئن ٻيا ماڻهو پهاڙن تي پيا چڙهن، تيئن آئون به انهن سان گڏ پهاڙن تي چڙهي بچي ويندس. باقي مون کي تنهنجي ٻيڙي ۾ چڙهڻ جي ضرورت ڪونهي. جيئن ته هڪ پيء ۽ پيغمبر جي بي فرماني ڪيائين ته ڪافرن سان گڏ غرق ٿي ويو. بهرحال ايڏا وڏا پهاڙ به ننڍڙا پٿر ڏسڻ ۾ آيا. پهاڙن جي سلسلي ختم ٿيڻ بعد وري ريگزار علائقو ڏسجڻ لڳو، ائين جيئن ٿر ۾ وارياسو علائقو جيڪڏهن انهي ۾ ڪو فرق هو ته صرف هيء جو وارياسو علائقو اڇي رنگ جو نظر اچي ٿو ته هيء ريتي وارو علائقو نارنگي رنگ جو.
ٿر ۾ واريء جي ڀٽن وانگر عربن جي انهن ريگزار علائقن ۾ ريتيء جا وڏا وڏا بند هوندا آهن. اسان کي هوائي جهاز مان اهي ريتيء جا بند ائين ڏسڻ ۾ آيا جيئن ٻار کيڏڻ وقت ننڍڙن هٿن سان مٽيء جا ٻڪ ڀري ڍڳڙيون ٺاهي رکندا آهن. منهنجي سمجهه ۾ عربن جي انهي ريتيء وارن بندن جي اوچائي، ٿر جي ڀٽن جي اوچائيء کان ڪيترا حصا وڌيڪ هوندي. ريتيء جا اهي بند اڪثر ڪري ٽڪنڊا نظر پئي آيا شايد اتي هوائن جو اهڙو ڦيرو آهي جو ريتيء جو دڙو ازخود ڪنڊون ٺاهي بيهي ٿو. انهن بندن جي وچ وارو علائقو هموار پئي معلوم ٿيو. بهرحال اهو علائقو به سوين يا هزارين ميلن ۾ هوندو. جنهن جي پڄاڻيء تي وري صحرائي علائقو فقط ريتيلو ميدان جتي ڪوبه جبل ڪونه هو، نه ڪي ريتيء جو بند يا دڙو. جيئن ته مون وٽ پي آءِ اي جي فارين ڪنٽريز ڏانهن هوائي اڏام جي لاءِ مقرر حدن ۽ رستن وارو نقشو موجود ڪونه هو انهيڪري سمجهه ۾ نه پئي آيو ته، اسان ڪهڙن ڪهڙن ملڪن مٿان اڏامندي لنگهي رهيا هئاسون. ڪجهه وقت کانپوءِ صحرائي علائقو ختم ٿيو ته وري دونهاٽيل ڌرتي ڏسجڻ لڳي. ڌرتي مٿان دز ڌوڙ ۽ لٽ لڙهاٽ ايترو ته ڇانيل هو جيئن اسان جي ڳوٺ مسڻ وڏي ۾ شام جو ڳوٺ جي رستي تان لنگهندي ڍور ڍڳا ڌوڙ اڏائيندا آهن. پوءِ ان وقت رستي مٿان ڌوڙ جا ڪڪر ڇانئجي ويندا آهن. خوش قسمتي سان جيڪڏهن ڪا هوا لڳندڙ هوندي ته ڌوڙ جي ڪڪرن کي گهلي کڻي ويندي آهي پر جي نه ته، اڇي پائوڊر جا ڪڪر، ڪوهيڙي وانگر ايندڙ ويندڙ لاءِ اسٽاپ ڪرڻ ۽ ڪجهه گهڙيون انتظار ڪرڻ جو اعلان پيا ڪندا آهن.
هوائي جهاز ۾ ويهندي ائين پئي محسوس ٿيو جو ڄڻ ماڻهو اهڙي هندوري ۾ هجي، جنهن جا تمام هلڪا جهوٽا ايندا هجن. هونئن ته، جهاز ۾ڪوبه جهوٽو يا لوڏو ڪونهي، جهڙوڪر ماڻهو پٽ تي ويٺو آهي، پر ڪيڏي ڪيڏي مهل هوائي جهاز هيٺ مٿي ٿي ٿيو ته، اهي هلڪا جهوٽا محسوس پئي ٿيا. انهن جهوٽن جي ڪري منهنجي دل خبرناهي ڇو ٻڏڻ پئي لڳي، يا وري ساهه ۾ گهٽ ۽مونجهه پئي ٿي.
حالانڪه مون کي ڪوبه ڊپ يا خوف خطرو به ڪونه هو، خدا ڄاڻي ته ائين ڇو پئي ٿيو.
خدا جي فضل و ڪرم سان هوا جي ڪلهي تي سوار ٿي خدا جي پاڪ گهر ڪعبت الله شريف جي زيارت (حج و عمره) لاءِ وڃي رهيو هئس ۽ دل جو دل ۾ ڌڻيء جي حمد و ثنا وارا پاڪ ڪلما پئي پڙهيم. اها طاقت انهي رب کي آهي جنهن مون جهڙي فقير کي بادشاهي سواري ۾ ويهاري آسماني سير ڪرائي پنهنجي پاڪ گهر جي ديدار لاءِ گهرايو هو. شل اهڙا ديدار بار بار نصيب ٿين. آمين. اها نيڪ بختي طاقت جي زور سان حاصل نه ٿي ڪري سگهجي، جيستائين جو خود پاڻ عنايت نه ڪري. شيخ سعدي اهڙي ئي ڪنهن موقعي لاءِ چيو هو ته،
اين سعادت بزور بازو نيست
تانه بخشد خداءِ بخشنده
يعني ته: اهو ڀاڳ اوسيتائين بازو جي زور سان حاصل نه ٿو ٿئي جيستائين جو ڌڻي تعاليٰ خود عنايت نه ڪري. هوائي جهاز انتهائي تيز رفتار طوفان مثل فضا ۾ اڏامندو رهيو ۽ اسان جي سفر جو فاصلو گهٽبو رهيو.
اڃا تائين هيٺ ريتيء جهڙي پکڙيل زمين پئي ڏٺي سون. آئون پنهنجي اڳيان ڊائري رکيو، نت نوان نظارا قلمبند ڪندو پنا ڪارا ڪري رهيو هئس، ته منهنجو هڪ ساٿي ستو پيو هو ته ٻيو ڪجهه کنگهيو پئي ته وري مون تان کليو به پئي. گهڙي گهڙي پئي چيائين ته، ڇا ويٺو ڪرين؟ يعني هن جو خيال هو ته، لکي ڇا ڪندين؟ واقعي هن سچ ٿي چيو، ڇو ته عموماً اسان جي سنڌي ليکڪ جو اهو قدر نه ڪيو ويو آهي جيڪو حق کيس ملڻ کپي. ڪو به ليکڪ جڏهن محنت ڪري لکي ڪو مضمون، مقالو يا ڪتاب ڇپرائي ٿو ته نه ان جي همت افزائي ٿئي ٿي، نه وري اهو ڪتاب يا رسالو خريد ڪري ان جي مالي مدد ڪئي وڃي ٿي. پر پوءِ به سنڌي ليکڪ هر موضوع بابت قلمي ڪاوش ذريعي مواد سهيڙي سموهي هڙان وڙان همت ڪري ڇاپي يا ڇپرائي پڙهندڙن تائين پهچائين ٿا. ٻين قومن جي ڀيٽ ۾ سنڌي ليکڪ پنهنجو پاڻ ملهائي دنيا آڏو ثابت ڪيو آهي ته، غير سنڌي ليکڪ پنهنجي ليکت جي هر هڪ لفظ جي اڳواٽ قيمت چڪائي پوءِ ٿو قلم جي نوڪ هلائي، پر سنڌي ليکڪ پنهنجي ٻوليء وارن کي موتين جي ملهه کان مهانگو مواد مهيا ڪرڻ بعد ڪنهن به معاوضي جي گُهر يا ڪنهن به انعام جو آسرو نه ٿو ڪري. اسان جي سنڌي ليکڪ جي سچائي جو اهو ئي وڏو ثبوت آهي. بهرحال مون پنهنجي دوست کي چيو ته، تنهنجي نظر ۾ آئون برابر اجايو وقت پيو وڃايان، پر منهنجو هيء ڀلارو سفر زندگي جي تاريخ جو هڪ سونهري باب آهي انهي ڪري آئون ان کي زنده ۽ يادگار بنائڻ لاءِ قلم جي زبان حوالي ڪريان ٿو. ڇو ته اسان جون ٻڌايل زباني ڳالهيون هوا ۾ گم ٿي وڃن ٿيون جيتوڻيڪ مون کي لکڻ جو ڏانء به ڪونهي پر پوءِ به مفت ۾ مليل ڊائري جا پنا مشهور چوڻي “ٺهي نه ٺهي وٺ رينگٽ کي” وانگر ويٺو ڪارا ڪريان.