انبيائن جي گريه زاري:
انهي ريت رب کي ريجهائڻ جو سلسلو به خود انبيائن سڳورن وٽان نقل ٿيندو اچي. تفسيرن لکيو آهي ته، جيڪڏهن سموري دنيا جي صالح ٻانهن جو خوف خدا ۾ روئڻ گڏ ڪيو وڃي ته به دائود عليه السلام جي گريه زاري برابر نه ٿئي. ۽ دائود عليه السلام جي پوري زندگي جي گريه زاري گڏ ڪئي وڃي ته، نوح عليه السلام جي گريه زاري برابر نه ٿئي، پر جي نوح عليه السلام جي ساڍا نو سو سال عمر جي گريه زاري گڏ ڪئي وڃي ته، آدم عليه السلام جي انهن چاليهن سالن ۾ ڪيل گريه زاري جي برابر نه ٿئي جيڪا هن ڀل ۽ ويسر ۾ ڪيل خطا کان معافي لاءِ ڪئي هئي. پڙهندڙ پاڻ اندازو ڪن ته اهو حال انبياءَ ڪرام جو آهي جيڪي معصوم ۽ مغفور آهن. ته پوءِ اسان ايترا غافل ڇو آهيون؟ ڇا اسان مطمئن آهيون ته، اسان ڪوبه ڏوهه، ڪابه خطا ڪانه ڪئي آهي؟! جو روئي خدا جي حضور ۾ سچي دل سان توبه تائب ٿيڻ جو سعيو ڪريون! ! شال رب سائين اسان کي سچي توبه ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي (آمين) ٻيو واقعو هي هو ته، ساڳي آچر جي ڏينهن اهو طواف ڪري نفل، تلاوت وغيره کان واندو ٿي روانو ٿيس ته، ڪعبت الله شريف جي دروازي ۽حجر اسود کي سامهون بيٺل هڪ سنڌي جوڙو (زال مڙس) نظر آيو.
شايد اهي ڪعبي تي آخري الوداعي نظر وجهي وطن ورڻ وارا هئا. ٽڪ ٻڌي بيٺل اهي ٻئي زال مڙس ڦوهه جوان پئي لڳا. سندن وضع قطع ڪنهن سٺي خاندان جو ڏس ڏيئي رهي هئي. ڪجهه وقت بيهي مرد زال کي چيو ته، هاڻي ڀلا اچ ته هلون؟ تنهن تي زال چيس ته “بيهه ته سهي! گهڙي کن ديدار ته ڪرڻ ڏي!! هي گهڙي به وري يا نصيب!!!” ائين چئي سندس اکين مان ڳوڙها وهي پيا ۽ سڏڪندي الله جي آڏو آزيون نيزاريون ڪرڻ لڳي هئي.
آئون ته انهن جي ڀر وٽان لنگهي رهيو هوس پر مون کي انهي عورت جي جملي سوچڻ تي مجبور ڪيو ۽ دل سوچيندي گواهي ڏني ته، واقعي اها حقيقت آهي ته، “اهي گهڙيون به وري يا نصيب!” گهڙي پل کانپوءِ اهي ٻئي زال مڙس لڙڪ لاڙيندا ڪعبي کان موڪلاڻي ڪندا ۽ رب کان وري حاضر ٿيڻ جي توفيق گهرندا هليا ويا. احساسات جي اوناهين ۾ پل کن پاڻمرادو گم سم رهي، جدائي جي گهڙين تي سوچڻ بعد جيئن ئي نگاهه مٿي کنيم ته، حرم جي گيلري ۾ لڳل گهڙيال جي خاموش اشاري مون کي اٿي روانو ٿيڻ لاءِ چيو ۽ آئون پنهنجي جاءِ ڏي قدم وڌائڻ لڳس.