مذهب

مسڻ کان مديني تائين

ڪتاب ”مسڻ کان مديني تائين“ اوهان اڳيان پيش آهي. مڪي ۽ مديني جي تاريخ، تبرڪات ۽ زيارتن جي تفصيل سان حج جي هن سفرنامي جو ليکڪ مولوي محمد يامين شورو آهي.
Title Cover of book مسڻ کان مديني تائين

مدينه ڏانهن روانگي لاءِ انتظار:

مدينه ڏانهن روانگي لاءِ انتظار:
وچين نماز بعد اسان حرم کان مڪتب 17 جي آفيس ڏي محله شعب عامر وڃي پهتاسون، جتي ڪافي تعداد ۾ حجاج ڪرام موجود هئا. آفيس وارن کان پڇڻ تي معلوم ٿيو ته، نئين پروگرام مطابق، اسان کي هتان (مڪي) کان رات جو پوڻين 12 وڳي روانو ڪندا. انهي ڪري اسان کي اتي ئي ويهي انتظار ڪرڻو پيو. مون پنهنجي بستري واري ڳوٿري مان فراسي ڪڍي کڻي فوٽ پاٿ تي وڇائي ۽ سامان رکي ويهي رهيس ته ٻيا دوست به گڏ ويهي هن سفر خير بابت ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لڳا.
دوستن مديني جي مير ﷺ جو ذڪر ڇيڙيو ته، ورهين کان وصال لاءِ واجهائيندڙ وجود، بنهه بي قرار ٿي پيو. اکڙيون ڏسڻ لاءِ آتيون، ڪَن مديني جي فضا ۾ گونجندڙ اذانن جا آواز ٻڌڻ لاءِ منتظر، پيشاني حرم مدني ۾ سجدن لاءِ سعيي ۾، زبان ساراهه جا ڍڪ ڀرڻ لاءِ آتي، هٿ دعائن لاءِ کڄڻ خاطر تيار، دل درشن لاءِ خوشي مان تيز ڌڙڪڻ ۽ پير انهي مبارڪ ماڳ تي وک وارڻ لاءِ واجهائڻ لڳا هئا. سواري جي انتظار ۾ ويهندي اندر مان پکي ٿي اڏامڻ جا اڌما اچڻ لڳا پر بي وسي ڪري ائين ڪرڻ کان قاصر هئس، تنهن ڪري اوسيئڙي ۾ رهي مضطرب حال من کي ماٺي ٿيڻ لاءِ منٿون ۽ صبر جي تلقين ڪندو رهيس.
مديني جي مير ﷺ جي مسجد ۽ سندن روضي پاڪ جي زيارت جو شوق اهڙا اڌما ڏيئي رهيو هو جيئن سانوڻ ۾ سنڌو جون مست ڇوليون آپي کان ٻاهر نڪري وينديون آهن. جيتوڻيڪ وصال جي ويل ويجهي هئي پر سڪ جي سختي سهڻ کان مٿي هئي، تنهن ڪري لطيف جي لات ۾ سهڻي جي زباني هينئن چوڻ لڳو هئس ته،
سڪ سڪندين لاهه، وڇوڙيا ميڙ پرين،
ايڏي سگهه سچا ڌڻي، توهي کي جڳاءِ،
تن جنين جو طالبو، مهر تنين کي پاءِ،
ميڙا ئي جو ماءِ، ڪانگ لوندو ڪڏهين.
سج لٿي جي نماز بعد به وري ساڳيو انتظار. بجلي جي بلبن توڙي جو ڌرتي کي روشن ڪري ڇڏيو هو پر پوءِ به رات جي وقت آسمان تي قدرت جا روشن بلب (تارا) چمڪندانظر آيا. اتر طرف قطب تاري ڏانهن ڏسندي بي اختيار چئي ويٺس ته،
هُن تاري هُن هيٺ، هُت منهنجا سپرين،
سڄڻ ماکي ميٺ، ڪوڙا ٿين نه ڪڏهين.
وري قطب تاري سان اکيون ملائي مخاطب ٿيس ته،
تو ڏانهن گهڻو نهاريان، تارا تيلا هين،
سڄڻ جيڏانهين، تون تيڏانهن اڀرين.
مدينه روانگي جي خوشي ۾ اسان کي ماني کائڻ به وسري وئي هئي. شايد بک جو احساس ئي نه ٿيو جو اسان ماني جي پڇا ڪريون!!
مڪي کان مديني روانگي سبب لڏ پلاڻ واري تجربي مون کي حضور سائين جن جي هجرت وارو واقعو ياد ڏياريو. اگرچه اسان جي روانگي ۽ پاڻ ڪريمن جي هجرت ۾ رات ڏينهن جو فرق هو. انساني تاريخ ۾ هي ڳالهه حيرت ۾ وجهندڙ آهي ته، حضور اڪرمﷺ جي ولادت جو مهينو، نبوت ملڻ جو مهينو، هجرت جو مهينو ۽ وفات جو مهينو ساڳيو ربيع الاول آهي. اهڙي طرح ولادت جو ڏينهن، نبوت ملڻ جو ڏينن، هجرت ڪري مديني پهچڻ جو ڏينهن، فتح مڪه دوران مڪي شريف ۾ فاتح جي حيثيت سان داخل ٿيڻ جو ڏينهن، ۽ وفات جو ڏينهن به ساڳيو سومر آهي. ڄڻ دنيا ۾ سندن اچڻ ۽ وري هتان وڃڻ هڪ ئي ڏينهن سومر تي ٿيو. جنهن مان هي اشارو ملي ٿو ته، پاڻ دنيا ۾ رهڻ نه پر الله تعاليٰ جو پيغام پهچائڻ آيا هئا، جڏهن اها ذميداري ادا ڪري ڇڏيائون ته روانا ٿي ويا. بقول شاعر ته،
آتے ہوئے اذان ہوئی جاتے ہوئے نماز
اتنے قلیل وقت میں آئے چلے گئے
سمهڻي نماز مهل بسون پهتيون ته، معلم جي نمائندي حاجين جون لسٽون پڙهي ٻڌايون ۽ هر هڪ بس جا ماڻهو سيٽ ڪيا ۽ حاجين کان پاسپورٽ وغيره وٺي پنهنجي تحويل ۾ ورتا. اسان نماز کان فارغ ٿي پنهنجو سامان کڻي بس 2 تي رکيو.