مذهب

مسڻ کان مديني تائين

ڪتاب ”مسڻ کان مديني تائين“ اوهان اڳيان پيش آهي. مڪي ۽ مديني جي تاريخ، تبرڪات ۽ زيارتن جي تفصيل سان حج جي هن سفرنامي جو ليکڪ مولوي محمد يامين شورو آهي.
Title Cover of book مسڻ کان مديني تائين

مزدلفه ۾ رات ڪيئن گذارجي؟

مزدلفه ۾ رات ڪيئن گذارجي؟
مزدلفه ۾ نماز کان فارغ ٿي پرهه ڦٽي تائين ترسڻ سنت موڪده (تاڪيد ڪيل سنت) آهي. انهي رات جاڳڻ ۽ عبادت ۾ مشغول رهڻ مستحب آهي. اها رات ڪن امامن وٽ، شب قدر کان به افضل آهي (والله اعلم) بهر صورت اها رات عظمت، فضيلت ۽ شان جي لحاظ کان تمام مٿانهين آهي. انهي ڪري حاجي سڳورن کي کپي ته، ٿڪاوٽ ۽ سستي جيڪري اها رات فقط ننڊون ڪندي نه گذارين بلڪه ٿڪاوٽ جي صورت ۾ پهرين ٿورو وقت ليٽي پوءِ اٿي خدا کي ياد ڪن. جنهن لاءِ هي طريقو بهتر آهي ته، پهرين سانجهي ۽ سمهڻي نمازون ملائي پڙهي ڪجهه وقت آرام ڪن ۽ انهي کانپوءِ اٿي تهجد پڙهن ۽ پوءِ فجر(پرهه ڦٽي) تائين ذڪر فڪر ۾ مشغول رهن. درود شريف، تڪبير و تهليل (الله اڪبر ۽ لا الهٰ الا الله) تلبيه (لبيڪ اللهم لبيڪ) استغفار ۽ دعائون خوب گهرن. مزدلفه ۾ رات ترسڻ کي “وقوف مزدلفه” سڏيو وڃي ٿو، جيڪو حج جي احڪامن ۾ “واجب” جي حيثيت رکي ٿو. انهي وقوف جو وقت صبح صادق(پرهه ڦٽي) کان سج اڀرڻ تائين آهي. ان کان سواءِ هي به مستحب آهي ته، مزدلفه مان روانو ٿيڻ کان پهرين چڻي جيتريون ستر(70) پٿريون به چونڊي کڻجن جيڪي منيٰ ۾ شيطانن کي هڻڻ لاءِ استعمال ڪيون وينديون. جيڪڏهن مزدلفه مان اهي پٿريون نه چونڊيون وينديون ته پوءِ ٻي ڪنهن جاءِ تان کڻڻ ڏکيو ٿي پوندو.
پرهه ڦٽڻ بعد پهرين فجر نماز پڙهجي ۽ ان کانپوءِ وقوف دوران تسبيح (سبحان الله) ۽ تهليل (ڪلمه شريف) وغيره جو ذڪر ڪجي. ڪي ماڻهو منيٰ ڏي وڃڻ جي تڪڙ ۾ فجر جي وقت کان پهرين اذان ڏيئي نماز پڙهي وٺن ٿا ۽ منيٰ ڏي روانا ٿي وڃن ٿا. اهڙن ماڻهن جي اها تڪڙ ڏسي انهن جي پويان نه لڳجي. بهتر هيئن ٿيندو جو 7 يا 8 ذوالحج تي مڪي شريف جي مسجد الحرام (حرم) ۾ فجر جي اذان جو وقت نوٽ ڪري وٺجي ۽ انهي نوٽ ڪيل وقت کان پنج منٽ پوءِ مزدلفه ۾فجر جي نماز پڙهجي.
مزدلفه ۾ سانجهي ۽ سمهڻي نماز ملائي پڙهڻ لاءِ جماعت شرط ناهي. چاهي جماعت ڪري پڙهي، چاهي اڪيلو پڙهي، ٻنهي صورتن ۾ اهي ٻئي نمازون ملائي پڙهڻيون آهن. پر اڪيلي پڙهڻ کان جماعت ڪري پڙهڻ بهتر آهي. مزدلفه ۾ سانجهي ۽ سمهڻي نمازون ملائي، سمهڻي جي وقت ۾ پڙهڻ واجب آهن، انهي لاءِ عرفات وانگر بادشاهه يا ان جي نائب يعني قاضي يا خطيب جو امام ٿي نماز پڙهائڻ شرط ڪونهي.
جيڪڏهن مزدلفه ۾ سمهڻي جي وقت کان پهرين پهچي وڃجي ته، جيستائين سمهڻي نماز جو وقت نه ٿئي تيستائين نماز نه پڙهي بلڪه جڏهن سمهڻي نماز جو وقت ٿي وڃي ته، هڪ اذان ۽ هڪ تڪبير (اقامت) سان سانجهي ۽ سمهڻي نماز پڙهي. جنهن جي صورت هي ٿيندي جو پهرين سانجهي نماز قضا نه پر ادا جي نيت ڪري پڙهي، ا نکان پوءِ سمهڻي لاءِ الڳ اذان ۽ تڪبير نه چوي ۽ نه ڪي سانجهي نماز جي فرض پڙهڻ کانپوءِ سانجهي جون سنتون ۽ نفل پڙهي، بلڪه سمهڻي نماز جو فرض پڙهي پوءِ پهرين سانجهي نماز جون سنتون، نفل ۽ پوءِ سمهڻي جون سنتون، وتر ۽ نفل وغيره پڙهي.
ڪي ماڻهو وري سفر ۾ اڳين ۽ وچين، سانجهي ۽ سمهڻي نمازون ملائي پڙهن ٿا. حالانڪه حنفي مسلڪ ۾ ائين ڪرڻ درست ناهي. انهي ڪري عرفات ۽ مزدلفه کانسواءِ ٻي ڪنهن به جاءِ تي مٿي ٻڌايل نمازون ملائي پڙهڻ نه گهرجن، ڇو ته، عرفات ۽ مزدلفه کانسواءِ پوري سال ۾ ڪٿي به ٻه نمازون هڪ وقت ۾ ملائي پڙهڻ جائز ناهي.
مدينه منوره جي سفر ۾ به ٻن نمازن کي هڪ وقت ۾ ملائي پڙهڻ صحيح ناهي. هن ڳالهه جو خيال رکيو وڃي ته هر نماز پنهنجي پنهنجي وقت ۾ پڙهي وڃي. اهي ضروري مسئلا هئا، جن جي ڄاڻ لازمي آهي.
اسان نماز کان فارغ ٿي ڪجهه وقت آرام ڪرڻ خاطر ليٽي پياسين ۽ پوءِ اٿي جيڪا به رب سائين توفيق ڏني تنهن سان اهو ڀلارو وقت اطمينان ۽ سڪون سان پورو ڪيوسين. وچ ۾ ڪجهه وقت وقفو ڪري پٿريون چونڊيون سين ۽ هڪ الڳ ڳوٿري ۾ محفوظ ڪري رکيون سين، پوءِ وري ذڪر اذڪار ڏي متوجه ٿياسين، تان جو فجر جو وقت ٿيو ته وضو تازو ڪري فجر جي نماز پڙهي سون ۽ سج اڀرڻ تائين وقوف ڪندي گذاريوسون. انهي دوران منهنجي صحت بحال ٿيڻ لڳي هئي. پنهنجي ساٿي رحيمڏني سمي کي چيم ته، اڄ طبيعت ۾ ڪجهه تازگي ۽ طاقت آهي سو هتان کان منيٰ ڏي پيدل هلبو.