مذهب

مسڻ کان مديني تائين

ڪتاب ”مسڻ کان مديني تائين“ اوهان اڳيان پيش آهي. مڪي ۽ مديني جي تاريخ، تبرڪات ۽ زيارتن جي تفصيل سان حج جي هن سفرنامي جو ليکڪ مولوي محمد يامين شورو آهي.
Title Cover of book مسڻ کان مديني تائين

حرم شريف ڏي واپسي:

حرم شريف ڏي واپسي:
منيٰ ڏي واپس وڃڻ جي همت نه ٿي ۽ نه ڪي طبيعت جي ناسازي اوڏانهن موٽي هلڻ جي اجازت ڏني. مون سوچيو ته اهڙي بيچيني جي ڪيفيت ۾ ڪنهن ڊاڪٽر وٽ پهچي ڪجهه علاج به ڪرائجي ته ڪٿي اطمينان سان آرام به ڪجي. انهي ڪري حرم شريف ڏي ويندڙ گاڏين کي بيهڻ لاءِ اشارا ڪرڻ شروع ڪيم پر هر ڪا گاڏي بيهڻ بدران پوري تيز رفتاري سان ڊوڙندي گذري ٿي وئي. نيٺ هڪڙي ڊاٽسن بيٺي ڊرائيور چيو ته ويهو.
ڊاٽسن ۾ ويهي اسان ٿورن ئي منٽن ۾حرم شريف پهتاسون. اتي ڏسون ته، منيٰ مان ورندڙ خلق زارو قطار روئندي خدا جي حضور ۾ دست بدعا آهي. ڪو پنهنجي وڇڙيل پٽ يا پي ءُ لاءِ پيو دعائون گهري ته ڪنهن وني پنهنجي ور لاءِ پئي ٻاڏايو ته ڪنهن پنهنجي عزيز يا دوست جي سلامتي لاءِ ٻاجهاري ڌڻي کي وينتي پئي ڪئي. حرم شريف جي ٻاهرئين اڱڻ تي آهه و زاري ڪندڙ سوين نه پر هزارين ماڻهو ڏٺم جن مان ڪي ته مون کي به چنبڙي پيا هئا ته، ابا! تون دعا گهر ته اسان جو ٻچڙو سلامت اسان کي موٽي ملي. مون انهن اتر سنڌ جي پوڙهي ۽ پوڙهي کي چيو ته، توهان پنهنجي ٻچڙي جي خالق جي دربار ۾ بيٺا آهيو ته پوءِ ٻئي ڪنهن کي چوڻ جي ضرورت به ڪهڙي آهي؟ سنئون سڌو ڪعبي جي رب کي ٻاڏايو پڪ سان اهو ٻاجهه ڪندو.
ٿورو اڳتي هليس ته مصري عورت گريه زاري پئي ڪئي، مون کانئس پڇيو ته، يا اماه! لماذا تبڪين؟ (امان! ڇو پئي روئين؟ ڪهڙي تڪليف اٿئي؟) وراڻيائين ته، ڪيف لا ابڪي انطفا سراج اسرتي في حريق منيٰ! (ڇو نه روئان جو منهنجي خاندان جو ڏيئو منيٰ واري باهه جي حادثي ۾ وسامي ويو آهي.) سچ پڇو ته، انهي مصري عورت جي مختصر جملي منهنجي اندر کي ڦٽي وڌو. آئون خود روئڻ لڳس. واقعي جنهن جي خاندان جو ڏيئو اوچتو اجهامي وڃي ته هاڻي انهي کي پنهنجو سمورو خاندان گهور انڌيري ۾ گهيريل نظر ايندو.
اهڙي خاندان جا فرد لازمي طرح ويڳاڻپ جي اونداهي ۾ مايوس ڪن صورتحال جو شڪار ٿي ويندا. پڙهندڙ خود سوچين ته، زندگي جي شاهراهه تي هلندي خدا نخواسته ڪي ماڻهو اکين جو نور وڃائي ويهن ته اهڙي وقت انهن لاءِ واٽ وٺي هلڻ، کڏي کوٻي ۽ اوجهڙ کان بچا ڪرڻ نا ممڪن ٿي پوندو. مصري عورت جي جمله جو مفهوم به اهڙي حقيقت ڏي اشارو هو. مِنيٰ ۾ ته اهڙا هزارين ڏيئا وسامي ويا هئا جن جي روشني تي ڪيترين زندگين جي جياپي جو دارومدار هو.
اسان حرم شريف ۾ وچين نماز پڙهي، منيٰ جي آڙاهه مان سلامتي سان بچي نڪرڻ تي رب جو شڪر ادا ڪيو ته پنهنجي وڇڙيل ساٿين جي خير سلامتي لاءِ ۽ منيٰ جي حادثي ۾ شهيد ٿي ويل هزارين حاجين جي بخشش لاءِ دعائون گهريون. دل چاهيو پئي ته، هي رات هتي حرم ۾ ئي گذارجي پر طبيعت جي ناسازي سبب حرم کان ٻاهر هڪ ميڊيڪل اسٽور تي وڃي گهربل دوائون وٺي پنهنجي رهائشگاهه ڏي روانا ٿياسون. ويهن منٽن جي پنڌ لاءِ اسان کي ڪلاڪ کن هلڻو پيو ڇو ته هلڻ جي سگهه به نه رهي هئي. نيٺ رڙهندا ساهيون پٽيندا سانجهي ڌاري پنهنجي ٺڪاڻي تي اچي پهتاسون. سانجهي نماز کان فارغ ٿي دوائون کائي ليٽي پيس. پر هولناڪ حادثي جو منظر اکين آڏو ڦرندو رهيو ۽ فائر برگيڊن جي خطري وارا سائرن ڪنن ۾ گونجندا رهيا ته گڏو گڏ سڙي ويل، چپجي ۽ لتاڙ جي مئل ماڻهن ۽ ساٿين جي وڇڙڻ تي افسوس ۽ ارمان ڪندي روئي رهيو هئس. ڪلاڪ ڏيڍ کانپوءِ سمهڻي نماز پڙهي سمهڻ جو سعيو ڪيم. کائڻ پيئڻ ڏانهن نه دل چاهيو نه ڪي ڪجهه کاڌم. هونئن به ٻن ٽن ڏينهن کان بخارن جيڪري وات جو ذائقو ڪڙو ٿي چڪو هو، ڪابه شي ڪونه ٿي وڻي، فقط کجور ۽ زمزم جي پاڻي تي گذارو ٿي رهيو هو ته، ڪيڏي مهل چانهه ۽ بسڪيٽ تي وقت پئي ڪڍيم.