مسجد نبوي جو بنياد ۽ تعمير:
پاڻ سڳورن مديني ۾ اچڻ سان جيڪو پهريون ڪم ڪيو. سو هو اسلام جي مرڪز يعني مسجد قائم ڪرڻ جو. تنهن لاءِ فرمايائون ته، جنهن جاءِ تي منهنجي ڏاچي ويٺي هئي، بس اها ئي جاءِ مسجد لاءِ مناسب آهي. وڌيڪ فرمايائون ته، انهي جاءِ جي مالڪ کي سڏي اچو ته، ساڻس ڳالهايون. اصحاب سڳورا ٻن يتيم ڀائرن سهل ۽ سهيل کي وٺي آيا، جيڪي انهي پڊ جا مالڪ هئا ۽ هڪ اصحابي اسعد بن زراره جي سار سنڀال ۾ هئا. پاڻ ڪريمن انهن ٻنهي ڀائرن کي مخاطب ٿي فرمايو ته، اسان کي مسجد لاءِ جاءِ گهربل آهي، تنهن لاءِ توهان جي جاءِ چونڊي وئي آهي. سو انهي جي رقم ٻڌايو ته ادا ڪري مسجد جي اڏاوت شروع ڪريون. ٻنهي ڀائرن عرض ڪيو ته، يا رسول الله ﷺ اسان خدا ڪارڻ بخش ڪئي. توهان ڀلي اتي خدا جو گهر اڏيو. پر پاڻ انڪار ڪندي فرمايائون ته، آئون ته يتيم جي حقن جو محافظ ٿي آيو آهيان، سو وري يتيمن جو مال ڪيئن کائيندس؟ پاڻ سڳورن جي زور ڀرڻ تي انهن يتيمن ۽ سندن سنڀاليندڙ پاران ڏهه گينيون سونيون (دينار) ملهه مقرر ڪيو ويو جيڪو حضرت ابو بڪر صديق بر وقت ادا ڪيو.
مسجد لاءِ ورتل انهي جاءِ تي ان وقت ڪي کڏون، ڪٿي دڙا، ڪي مشرڪن جون قبرون ته ڪجهه حصو هموار هو جتي کجور جو کرو هو ۽ ڪي کجي جا ساوا سڪا ٿڙ هئا.
پاڻ سڳورن مسجد جي تعمير جي شروعات انهي خريد ڪيل پلاٽ کي هموار ڪرڻ سان ڪئي. کجي جا وڻ ۽ سڪل ٿڙ وڍيا ويا. مشرڪن جون قبرون کوٽي اتان انهن جا هڏا ڪڍي ٻئي هنڌ دفن ڪيا ويا دڙا دڪا ڊاهي پاڻي جو چشمو ۽ کڏون ڀريون ويون.
اهڙي طرح مسجد لاءِ ميدان هموار ڪيو ويو. بقيع جي ويجهو بير ايوب (ايوب جي کوهه) وٽ مسجد لاءِ ڪچيون سرون لڳايون ويون. انهي کان پوءِ پاڻ سڳورن ﷺ جي حڪم مطابق، اصحاب سڳورا پنهنجي هٿن ۽ پٺن تي سرون ۽ اوساري ۾ ڪم ايندڙ پٿر ڍوئڻ لڳا. جنهن ۾ پاڻ سڳورا به برابر جا شريڪ رهيا. جيتوڻيڪ اصحاب سڳورا هر هر پيا عرض ڪن ته، اي محبوب خدا! توهان تڪليف نه ڪريو ته، پاڻ وراڻين پيا ته، نيڪي حاصل ڪرڻ ۾ آئون ته سڀني کان وڌيڪ خدا جو محتاج آهيان يا وري هينئن ٿي وراڻيائون ته، خيبر جي کجور ۽ انگور ڍوئڻ جي مزوري کان هي مزوري وڌيڪ فائدي واري آهي.
صحابه ڪرام جنهن جوش جذبي، شوق ۽ محبت سان هن مسجد جي تعمير ۾ حصو وٺي رهيا هئا سو ته، ڏسڻ وٽان هو. حديثن ۾ انهن ڀلارن جي اهڙي نيڪ ۽ پرخلوص جذبي بابت پڙهي پنهنجي گريبان ۾ گهوري ٿا ڏسون ته، انتهائي شرمساري ٿئي ٿي ڇو ته، صحابه ڪرام ”مسجد“ کي محض دين جي مرڪز طور تعمير به ڪندا هئا ۽ انهي کي دين جو مرڪز سمجهي توحيد، نماز، تلاوت، ذڪر ۽ تعليم سان آباد به رکندا هئا. ليڪن اسان ته اڪثر ڪري مسجد کي دنياداري، خود غرضي ۽ مفاد پرستي لاءِ استعمال پيا ڪريون تڏهن ته هر مسجد جي متولي جو پنهنجو فرقو ٺهيو پيو آهي.
مسجد نبوي جي تعمير جي سلسلي ۾ هڪ هڪ پٿر ۽ هڪ هڪ سر کڻندي هر ڪنهن ڀلاري جي زبان تي ذڪر سان گڏ توحيد جي تنوار ۽ ڪلام الله جي تلاوت هئي. ڀلا جنهن مسجد جي اوساري ۾ ڪم آيل هر پٿر ۽ سر سان گڏ حضرت سيد الانبياء ۽ سابقون الاولون اصحابن سڳورن جو خلوص ۽ بي ريا عمل شامل هجي ته اهڙي مسجد مٿان رب جي رحمتن برڪتن بخششن ڀريون بارشون ڪيئن نه وسنديون رهنديون.
مسجد جي پيڙهه ساڍا چار فوٽ اونهي کوٽي وئي جيڪا پٿر ۽ چن سان ڀري وئي، اهڙي طرح زمين کان مٿي به ساڍا چار فوٽ اوساري پٿر ۽ چن جي کنئي وئي، جنهن کانپوءِ اوساري ۾ ڪچي سر استعمال ڪئي وئي.
مسجد جي پيڙهه ڀرڻ وقت پاڻ سڳورن هي خاص اهتمام ڪيو جو پنهنجن قريبي ساٿين کي سڏائي، پهريون پيڙهه جو پٿر پاڻ رکيائون، ته ٻيو پٿر ابوبڪر صديق هٿان، ٽيون پٿر عمر فاروق هٿان ۽ چوٿون پٿر عثمان غني هٿان رکايائون ۽ پوءِ معمول مطابق رازي هٿان اوساري ڪئي وئي.
انهي پهرين تعمير وقت مسجد نبوي جي ماپ اتر ڏکڻ ڊيگهه ۾ 54 هٿ يعني 81 فوٽ، ته اوڀر اولهه ويڪر ۾ 63 هٿ يعني 91 فوٽ هئي. مسجد جي اوچائي به ڪا خاص مٿي ڪا نه هئي. ايتري مٿي هئي جو ڇت تي رکيل کجين جي ڦڙهن کي هٿ لائي پيو سگهجي. مسجد جي ڇت ۾ کجين جا ڦڙها سٿيل هئا ته، کجين جا ٿڙ وري ٿنڀي طور استعمال ڪيا ويا. ڇت تي پيل ڦڙهن مٿان مٽي پکيڙي وئي. شايد ڪو هلڪو گارو به لڳايو ويو. مسجد جا ڪل ٽي دروازا رکيا ويا. جن مان هڪ دروازو ڏکڻ طرف (جنهن پاسي هاڻي قبلو آهي / ان وقت عارضي طرح قبلو بيت المقدس هو جيڪو مديني کان اتر طرف آهي) ٻيو دروازو اوڀر طرف جتان پاڻ سڳورن جو اچڻ ٿيندو هو. ٽيون دروازو اولهه طرف جنهن کي باب الرحمت سڏيندا هئا.
اصحابن سڳورن جو بيان آهي ته، جڏهن بارش پوندي هئي ته، ڇت سڄي پئي ٽمندي هئي. پاڻ سڳورا توڙي اصحاب سڳورا انهي گپ چڪ ۾ خدا جي حضور سر بسجود هوندا هئا. هڪ ڀيري جڏهن پاڻ سڳورن ۽ اصحابن مينهن سبب گپ چڪ ۾ پئي سجدا ڪيا ته، هڪ اصحابي اهو ڏسي لسيون پٿريون کڻي آڻي مسجد ۾ پکيڙيون. بس پوءِ ته ٻيا اصحاب سڳورا به اهو ڏسي اهڙين پٿرين جا جهول ڀريندا مسجد ۾ وڇائيندا ويا. پاڻ سڳورن کي پٿرين جو اهو فرش ڏاڍو پسند آيو. جنهن ۾ مينهن پاڻي وقت به نماز، سجدي وغيره ۾ گپ چڪ واري ڪا به تڪليف ڪا نه هئي. هن مسجد کي ”مسجد النبي“ هن ڪري ٿو سڏجي جو انهي جي پيڙهه جو پٿر خود ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ پنهنجي هٿن سان رکيو آهي.
پيغمبر جي هٿن مبارڪن هن مسجد کي اها عظمت بخشي جو هن ۾ هڪ نماز پڙهڻ جو ثواب ۽ درجو پنجاهه هزار نمازن جي ثواب برابر ٿيو. جيئن مڪي کي بيت الله شريف هئڻ ڪري حرم جو شرف عطا ٿيو. تيئن هن مسجد جي برڪت سان مديني کي به حرم جو شرف ۽ عزت نصيب ٿي. ايڏي عظمت وڌي جو جيئن مڪي شهر تي ملائڪن جو پهرو آهي تيئن مديني کي به ملائڪن جو پهرو حاصل آهي. هنن ٻنهي شهرن جي حفاظت جو انتظام غيبي طرح نوراني ملائڪن هٿان ڪيو ويو آهي. سبحان الله.