مذهب

مسڻ کان مديني تائين

ڪتاب ”مسڻ کان مديني تائين“ اوهان اڳيان پيش آهي. مڪي ۽ مديني جي تاريخ، تبرڪات ۽ زيارتن جي تفصيل سان حج جي هن سفرنامي جو ليکڪ مولوي محمد يامين شورو آهي.
Title Cover of book مسڻ کان مديني تائين

موجوده توسيع کانپوءِ مسجد نبوي ۾ ڪيل اضافا:

موجوده توسيع کانپوءِ مسجد نبوي ۾ ڪيل اضافا:
1. موجوده شاهه فهد جي دور ۾ مسجد نبوي جي توسيع، مسلمانن جي فن عمارتسازي ۾ هن صدي جو هڪ عظيم ڪارنامو آهي. هن کان اڳ مسلمانن جي چوڏهن سو ساله تاريخ ۾ ايڏي وڏي توسيع ڪا نه ٿي سگهي آهي.
موجوده توسيع جنهن جي شروعات شاهه فهد هٿان محرم 1406هه کان ٿي ساڳي ڪيل توسيع کان پنجوڻ تي وڌيڪ آهي. هينئن کڻي چئجي ته، پاڻ سڳورن ﷺ جي دور ۾ مديني جي پوري آبادي واري ايراضي موجوده توسيع ۾ اچي وئي آهي. ڇو ته، آڳاٽي دور ۾ مديني منوره ۾ رهندڙ مسلمانن جا رهائشي گهر مسجد نبوي کي بلڪل ويجها هوندا هئا ته جيئن نماز باجماعت مسجد نبوي ۾ پڙهي ثواب حاصل ڪري سگهجي. انهي ڪري مسجد نبوي جي چوڌاري رهائشي گهرن جي ڳتيل آبادي هئي. اهي گهر مسجد نبوي جي باب الرحمت، باب السلام (جتي حضرت ابوبڪر جو به گهر هو) باب النساء، حارة الاغوات، سوق الحديرة، ڪومة حشيفة، سقيفة الرصاص ۾، اهي پاڙا ۽ گهٽيون مسجد نبوي جي لڳو لڳ هئا. اهي گهٽيون بنهه سوڙهيون هيون جن مان مس ڪو هڪ ٻه ماڻهو گڏ لنگهي سگهندا هئا. انهي دور ۾ گهٽين کي ڪشادي رکڻ جي ايتري ضرورت به ڪو نه هئي ڇو ته آبادي محدود هئي. انهي وقت مسجد نبوي کي مرڪزي حيثيت حاصل هئڻ ڪري هرڪا گهٽي اتان شروع ٿيندي هئي ۽ وري اوڏانهن مڙي ويندي هئي.
شروع وارو مدينو ته مسجد نبوي جي بلڪل چوڌاري هو جيڪو هاڻي مسجد نبوي جي توسيع دوران مسجد ۾ داخل ٿي ويو آهي. موجوده آباديون جهڙوڪ: قبا، قربان، العوالي، العيون، الحرة الشرقيھ، الحرة الغربيھ اهي آڳاٽي دور ۾ خالي پلاٽ هئا جن مان ڪٿي باغ، پوکون ۽ مال جي وهڪ جا وٿاڻ، اٺن جي جهوڪ، ٻڪرين ۽ رڍن جون واڙيون وغيره هيون، پر هاڻي هن جديد دور ۾ اهي آڳاٽيون صورتون سڀ جون سڀ تبديل ٿي ويون آهن. آڳاٽي دور جي ڪا به علامت باقي نه رهي آهي. بهرحال اسان موجوده توسيع بابت عرض پئي ڪيو.
شاهه فهد جي موجوده توسيع سندس ذاتي دلچسپي سبب ٻاهرين دنيا مان گهرايل بين الاقوامي ماهر انجنيئرن جي تيار ڪيل هڪ وڏي ۾ وڏي مصنوبي / ميگا پروجيڪٽ تحت ٿي آهي. اڃا به انهي پلان مطابق وقت بوقت تعمير ۽ توسيع ٿيندي رهندي. موجوده توسيع کان اڳي مسجد نبوي ۾ 28 هزار نمازين لاءِ گنجائش هئي پر هاڻي مسجد نبوي ۾ عام ڏينهن ۾ ساڍا ڇهه لک نمازي هڪ ئي وقت آساني سان نماز ادا ڪري سگهن ٿا. جڏهن ته، رمضان شريف يا حج جي رش واري موقعي تي اهو تعداد هڪ ملين يعني ڏهه لک تائين به پهچي وڃي ٿو. جنهن ۾ مسجد سان گڏ اڱڻ ۽ ڇت تي نماز پڙهڻ جي سهولت به شامل آهي.
2. مسجد نبوي ۾ روضي پاڪ جي سامهون ٻن کليل حصن ۾ ٻارهن ڇٽيون آهن. يعني ڇهه روضي جي سامهون واري حصي ۾ ته ڇهه ان کان پوءِ واري حصي ۾، اهي بجلي جي پاور تي هلندڙ خودڪار مشين ذريعي کلن ۽ بند ٿين ٿيون. گهڻو ڪري ڏينهن جو اُس کان بچاء خاطر ڇٽيون کولي ڇانوَ ڪئي وڃي ٿي ته، رات جو بند ڪري نمازين کي رات جي وقت قدرتي ٿڌي هو اوٺڻ جو موقعو فراهم ڪيو وڃي ٿو. اهي ڇٽيون جڏهن به بند ٿين ٿيون ته، پري کان هڪ مينار جي شڪل وانگر محسوس ٿين ٿيون.
انهن ٻنهي حصن جي ڇٽين وارن چوڪور احاطن ۾ اچي بيهبو ته، چوطرف سامهون وارين ديوارن ۾ ٺاهيل گول دائرن اندر فٽ ٿيل ڪا شئي جي سرن تي اصحابن مان ڪي ته بدري صحابي عشره مبشره (اهي ڏهه اصحابي جن کي جيئري بهشت جي مبارڪي ملي) ڳڻجن ٿا. ڪي ڪاتب وحي ۽ رسول الله ﷺ جا چار خليفا، ڪي حديث ۽ فقھ جا نالي وارا امام ٿي گذريا آهن.
روضي پاڪ سامهون ڇٽين واري پهرئين حصي جي ديوارن تي چوڌاري گول دائرن ۾ جيڪي نالا لکيل هئا سي هي آهن: قبله رخ ڏکڻ طرف: 1. ابو هريره، 2. حسن، 3. عثمان، 4. ابوبڪر، 5. الله جل جلالھ، 6. ماشاء الله، 7. سيدنا محمد رسول الله ﷺ 8. عمر، 9. علي، 10. حسين، 11. عباس.
اوڀر طرف: 1. زبير، 2. سعيد بن زيد، 3. عبدالرحمان، 4. علي الصابر، 5. زيد بن حارث.
اتر طرف: 1. نعمان بن ثابت، 2. محمد بن ادريس، 3. انس بن مالڪ، 4. احمد بن حنبل، 5. زين العابدين.
اولهه طرف: 1. سعد، 2. اسامھ بن زيد، 3. ؟ 4. طلحھ.
ٻئي حصي وارين ڇٽين جي ديوارن تي چوڌاري گول دائرن ۾ هي نالا لکيل هئا.
قبله رخ ڏکڻ طرف: 1. عبدالله بن عباس، 2. عبدالله بن زبير، 3. عبدالله بن مسعود، 4. محمد المهدي، 5. علي نقي، 6. انس بن مالڪ.
اوڀر طرف: 1. معاذ بن جبل، 2. بلال حبشي، 3. زيد بن ثابت، 4. عبد الله بن عمر، 5. سلمان فارسي.
اولهه طرف: 1. حسن عسڪري، 2. محمد تقي، 3. موسيٰ ڪاظم، 4. محمد باقر، 5. ابو عبيده.
اتر طرف: 1. خالد بن وليد، 2. اُبي بن ڪعب، 3. سعد بن عباده، 4. سعد بن معاذ، 5. حذيفھ بن اليمان، 6. صهيب، (رضي الله عنهم اجمعين).
3. مسجد نبوي جا ڪل 2104 ٿنڀا آهن. هر هڪ ٿنڀو ٻئي کان ڇهه ميٽر يعني 18 فوٽ پري آهي. انهن ٿنڀن جون 32 30 قطارون ٿينديون. هر هڪ ٿنڀو ٿولهه ۾ ٻه وکون ڊگهو ٿيندو. انهن ٿنڀن جي بنياد ۾ چوطرف لوهي ڄاري لڳل آهي، جتان زير زمين ايندڙ ايئرڪنڊيشن جي ٿڌي هوا ايندي رهي ٿي.
4. مسجد نبوي کي هر وقت ٿڌو رکڻ لاءِ مسجد کان 7 ڪلوميٽر پري ڪُدي نالي جاءِ تي دنيا جو سڀ کان وڏو ايئرڪنڊيشن پلانٽ لڳل آهي. مذڪوره سسٽم جي پري لڳائڻ جو سبب هي آهي ته، جيئن پلانٽ جي هلندڙ مشين جو گوڙ وغيره نمازين لاءِ ايذاء ۽ رخنه جو ڪارڻ نه بڻجي. انهي پلانٽ ۾ پاڻي ٿڌو ڪري پائيپن ذريعي مسجد ۾ پهچايو وڃي ٿو ته، وري زير زمين پائيپن ذريعي ايئرڪنڊيشن واري ٿڌي هوا به پهچائي وڃي ٿي. ايئرڪنڊيشن واري ٿڌي هوا کي مسجد جي ٿنڀن ۽ ڇت واري حصي مان ظاهر ڪيو ويو آهي ته جيئن مسجد ۾ هيٺان ۽ مٿان ٿڌي هوا هلندي رهي ۽ مسجد نمازين لاءِ روحاني رحمت ۽ برڪت جي مرڪز هئڻ سان گڏ مادي اسبابن سان آراسته ٿي آرامده ۽ فرحت بخش بڻجي.
5. مسجد نبوي ۾ آٽوميٽڪ سسٽم ذريعي لهندڙ ۽ چڙهندڙ 27 فولڊنگ قبا آهن. جن مان روضي پاڪ جي ساڄي پاسي ٻارهن ته کاٻي پاسي به ٻارهن. باقي ٽي قبا مسجد جي اڀرندي پاسي جي ٻن منارن واري مين گيٽ مٿان آهن.
اهي فولڊنگ قبا ڪنهن خاص قسم جي ڌاتو سان ٺهيل آهن. هر هڪ قبي جو وزن 80 ٽن آهي. انهن قبن جي لهڻ ۽ چڙهڻ جو طريقو هي آهي ته، انهن قبن جي سامهون مسجد جي ڇت تي سليب (لهواري) نمونه ديوارون ٺهيل آهن. جن مٿان ريل جي پٽڙي وانگر چين فٽ ٿيل آهي، جڏهن بجلي جو بٽڻ دٻائبو ته، بجلي جي طاقت سان اهو قبو اڳتي رڙهي ديوارن تي چڙهي ويندو ۽ مسجد ۾ قبي واري جاءِ خالي نظر ايندي، جتان سڌو سنئون آسمان پيو ڏسبو اها به عجيب ڪاريگري آهي.
6. مسجد نبوي جا هن وقت 10 منارا آهن. هر هڪ جي اوچائي 104 ميٽر يعني 312 فوٽ آهي. انهن منارن مان ڇهه نوان تعمير ٿيل آهن.
7. مسجد نبوي جي تعمير اهڙي ته مضبوط بنياد تي ٿيل آهي جو مستقبل ۾ انهي مٿان وڌيڪ منزلون به تعمير ڪري سگهجن ٿيون.
8. مسجد جي اتر، اولهه ۽ اوڀر طرف تهه خانه ۾ هڪ وڏو ميدان آهي جتي نمازين جي سوارين لاءِ پارڪنگ جو انتظام آهي. انهي ويڪري ميدان ۾ هڪ ئي وقت چار هزار چار سو ڪارون موٽرون بيهي سگهن ٿيون.
9. اهڙي طرح مسجد جا وضو خانا ۽ غسل خانا باٿ روم وغيره به هيٺ تهه خانن ۾ آهن. منهنجي اندازي مطابق اهڙيون 15 کن جايون مخصوص ڪيل آهن. هر هڪ جاءِ تي نمبر لکيل آهي. ڪنهن به جاءِ مان هيٺ تهه خاني ڏي ويندڙ چاڙهي ذريعي لهي وڃبو ته، وضو خانن، غسل خانن، ليٽرين وغيره جو هڪ اڻ کٽ سلسلو نظر ايندو، جتي هزارين ماڻهو وضو وغيره ڪري آساني سان اچي وڃي سگهن ٿا.
10. مسجد جي دفاعي تدبيرن جي سلسلي ۾ ڪنهن به هنگامي حالت جهڙوڪ باهه وغيره جي صورت ۾ به مڪمل دفاع ۽ حفاظت جو انتظام ٿيل آهي.
11. علاوه ازين مواصلاتي لحاظ کان مسجد جي سائونڊ سسٽم مائيڪ وغيره کي ملڪ جي ريڊيو، ٽي وي کانسواءِ انٽرنيٽ سان به ملايو ويو آهي. جنهن ڪري مسجد ۾ ٿيندڙ اذان، خطبو (وعظ و تقرير) نشريات ذريعي پوري دنيا ۾ ٻڌي ۽ ڏسي سگهجي ٿي.
12. سعودي توسيع کان پوءِ مسجد نبوي جا ڪل دروازا منهنجي ڳڻپ مطابق 41 آهن، جڏهن ته لکت ۾ ڪٿي 45 ته ڪٿي 35 آهن. ٿي سگهي ٿو ته مون کان غلطي ٿي هجي. ڪي مشهور گيٽ هي آهن. باب سعود گيٽ نمبر 9. باب عبدالمجيد گيٽ نمبر 13. باب عمر بن خطاب گيٽ نمبر 17. باب ملڪ فهد گيٽ نمبر 21. باب عثمان بن عفان گيٽ نمبر 25. وغيره. انهن سڀني گيٽن ۾ پهريون نمبر دروازو باب السلام آهي ته آخري دروازو باب البقيع آهي. جيڪڏهن باب السلام کان مسجد اندر داخل ٿي سڌو ڏکڻ (قبله رخ) هليو اچبو ته، سڌو اچي روضي پاڪ سامهون حاضر ٿبو، جتي حاضري ڏيئي سامهون ڀرواري باب البقيع گيٽ نمبر 41 کان نڪري مسجد کان ٻاهر هليو وڃبو ته، کاٻي هٿ جي ڪنڊ تي پريان جنت البقيع تي نظر پوندي.
مسجد نبوي جي هر گيٽ جي چانئٺ مٿان لکيل آهي ته، ادخلوها بسلام آمنين. (انهي ۾ بنا ڊپ ڊاء سلامتي سان داخل ٿي وڃو) مذڪوره آيت ۾ بهشت ۾ داخل ٿيڻ جو اهو اعلان آهي جيڪو الله تعاليٰ جي حڪم سان قيامت جي ڏينهن ملائڪ ڪندا ته، اچو! اچي بهشت ۾ سلامتي سان داخل ٿيو ۽ عيش امن سان رهو.
اهو اعلان واقعي به مسجد نبوي جي چانئٺ تي لکيل سونهي ٿو. ڇو ته دنيا ۾ مسجد النبي بهشت کان گهٽ ڪونهي. هڪ ته حضور اڪرم ﷺ اتي آرامي آهن، ٻيو ته رياض الجنت به اتي آهي. جيئن ٻنهي جهانن جي سردار ﷺ فرمايو ته، مابين بيتي و منبري روضت من رياض الجنت. يعني منهنجي گهر (روضي پاڪ) کان منهنجي منبر تائين وارو حصو بهشت جي باغن مان هڪ باغ آهي.
جڏهن بهشت جو باغ مسجد نبوي ۾ موجود آهي ته پوءِ اهو دنيا ۾ بهشت ٿيو يا نه؟ شال رب سائين اسان سڀني کي انهي ”بهشتي باغ“ (رياض الجنھ) جي زيارت ۽ اتي وڃي پنهنجي خطائن جي بخشش گهرڻ جي توفيق عطا ڪري ۽ اسان کي پنهنجي مغفرت سان نوازي. آمين
13. مسجد جي اندروني نظام کي بهتر بنائڻ، سڌاري ۽ واڌاري لاءِ مختلف شعبا ڪم ڪري رهيا آهن. جن جي هيڊ آفيس “وڪالة الرئاسة العامة لشوون المسجد النبوي” جي نالي سان وضو خانه نمبر 7 کي بلڪل ويجهو ۽ باب ملڪ سعود گيٽ نمبر 8 کان اولهه ڏکڻ ڪنڊ تي واقع آهي. انهي مرڪزي آفيس جي زيرنگراني جيڪي شعبا مسجد نبوي جي انتظامي خدمتن ۾ سرگرمي سان رات ڏينهن مصروف آهن، تن ۾ خاص ڪري ادارة الابواب (دروازن جي سنڀال، کولڻ، بند ڪرڻ ۽ اتان کان هر لنگهندڙ تي نظر داري جو ادارو) ادارة الصيانة و السقيا (مسجد جي سامان جي حفاظت ۽ پاڻي پهچائڻ جو ادارو) مڪتب الشرطة (پوليس کاتو) مرڪز الدفاع الوطني (شهري بچاء جو مرڪز) ادارة المستودعات (امانتون، تحفا ۽ سوکڙيون سنڀاليندڙ ادارو) مڪتب الخدمات، مڪتب مڪافحت الحريق (باهه وسائڻ / فائر برگيڊ کائتو) وغيره قابل ذڪر.
14. انتظامي لحاظ کان حرم مڪي کي اوليت ۽ اهميت حاصل آهي جڏهن ته حرم مدني جي سموري انتظاميھ، حرم مڪي جي ماتحت آهي. ڇو ته ٻنهي حرمن جي انتظامي معاملن جو سربراهه جنهن کي رئيس عام لشوون الحرمين چون ٿا سو حرم مڪي ۾ رهندو آهي. ۽ اهو مسجد الحرام بيت الله شريف جو امام ۽ خطيب هوندو آهي. جڏهن ته، حرم مدني جي امام ۽ خطيب کي نائب رئيس عام لشوون الحرمين بالمدينھ (وائيس پريذيڊنٽ جنرل) سڏيندا آهن. ٻنهي حرمن جا جمله ملازم پڪا توڙي ڪچا پهرئين گريڊ کان ويندي ايڪيهين گريڊ تائين ڏهن هزارن کان مٿي آهن. جن مان ڪچن ۽ عارضي (ايڊهاڪ/ڪانٽريڪٽ) ملازمن جو پگهار گهٽ ۾ گهٽ ساڍا چار سو ريال آهي.
جيڪي ملازم پاڻي پهچائڻ جي ڊيوٽي تي آهن تن جو ڊريس سائو آهي، جيڪي صفائي وارا آهن تن جو ڊريس آسماني، ته انهن جي نگرانن جو اڇو خاڪي لباس آهي. هر هڪ ملازم جو بيج نمبر سندس قميص جي پٺي واري پاسي ڇپيل هوندو آهي ۽ انهي اداري جو نالو به لکيل هوندو آهي.
15. مسجد نبوي جي گيٽ باب عثمان جي کاٻي پاسي روضي پاڪ کان ڪجهه پرڀرو هڪ لائبريري به آهي، جيڪا مڪتبھ المسجد النبوي جي نالي سان آهي. انهي لائبريري جا ٻه حصا آهن، هڪ قاعة المطالعة (اسٽيڊي هال) ۽ ٻيو قسم المخطوطات (قلمي نسخن جو شعبو) الحمد الله ڪافي ڀيرا انهي لائبريري ۾ وڃڻ ۽ اتي جي ڪتابي مواد پڙهڻ ۽ قلمي نسخن ۽ پراڻين تختين تي لکيل قرآن شريف جي سورتن، آيتن ڏسڻ جو موقعو مليو.