حافظ صاحب جي معرفت هڪ نئين دوست سان ملاقات:
ساڳي ڏينهن يعني 14 ذوالحج تي حرم شريف ۾ اڳين نماز پڙهي سائين حافظ محمد خان سومري وٽ آيس ته سندس جاءِ تي اسان جو پراڻو دوست ۽ ڪلاس فيلو مولوي حبيب الله جمالي سڪرنڊ ضلع نوابشاهه وارو مليو. ساڻس گڏ سندس مامو ۽ مڪي شريف ۾ سندس ميزبان حاجي ابراهيم لاشاري به موجود هئا. ٽنهي سان ملي حال احوال ڪياسون. ڪجهه وقت ڪچهري ڪري اٿڻ وارا هئاسون ته، مولانا جمالي صاحب چيو ته اسا نجي سڀاڻي وطن واپسي آهي انهي ڪري شهر مان ڪي تحفا سوکڙيون خريد ڪرڻيون آهن. جمالي صاحب موڪلائڻ جي ڪئي ته، اسان به حافظ صاحب کان اجازت وٺي مولانا جمالي سان گڏ ٻاهر آياسون، پر حاجي محمد ابراهيم لاشاري گهڻو زور ڀريو ته، “پهرين منهنجي گهر هلي مانجهاندو ڪريو پوءِ اوهان کي وڃڻ جي اجازت آهي.” حاجي صاحب پهرين ملاقات ۾ جيڪو قرب ۽ محبت ڏني سا وسارڻ جوڳي ناهي. نيٺ اسان مڪي شريف جي مشهور محله “حي الزاهر” ۾ حاجي ابراهيم جي گهر سندس ڀاءُ جي ڪار ذريعي پهتاسون. پنج ماڙ بلڊنگ ڪشادا ڪمرا فرنيچر سان سينگاريل اها هئي حاجي صاحب جي منزل. حاجي ابراهيم ٽيهن سالن کان مڪي شريف ۾ رهائش پذير آهي پر کيس اڃا تائين اتي سعوديه جي نيشنلٽي مليل ڪانهي. عرب شيخن جي ڪفالت جي سهاري پيو گذر سفر ڪري. حاجي صاحب ۽ مولانا جمالي صاحب سان خوب ڪچهري ٿي جنهن ۾ سعودي حڪمرانن شهنشاهي نظام ۽ سعوديه جي سماجي ۽ سياسي حالتن ۽ سعودي عوام جي عام راءِ بابت خيالن جي ڏي وٺ ٿي. حاجي صاحب ۽ اسان جي خيالات جي هم آهنگي سبب، اسان جي ساڻس دوستي جي اتان کان ابتدا ٿي. ڪچهري دوران حاجي صاحب کي عرض ڪيم ته، مون کي حرم شريف جي تاريخ سهيڙڻ لاءِ ڪو ڪارائتو ڪتاب گهربل آهي، تنهن تي پاڻ سندس گهران هڪ ڪتاب “ابهاج الحاج” کڻي آيو جيڪو جامعه ام القريٰ مڪه مڪرمه جي پروفيسر ناصر زهراني جو لکيل آهي. مجلس برخاست ٿيڻ تي مون حاجي صاحب ۽ مولانا جمالي کان موڪلائي حرم شريف جو گس ورتو جتي اچي سمهڻي نماز جي جماعت ۾شريڪ ٿيس. فلله الحمد.