حضرت عبد الله بن زبير هٿان تعمير ڪعبه:
قريشن جي تعمير ڪعبه کي مني صدي کان ڪجهه مٿي سال گذريا هوندا ته، حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنه جو سڳو ڏهٽو، حضرت بي بي عائشه رضه جو ڀاڻيجو، حضرت بي بي اسما رضه بنت ابوبڪر رضه جو پٽ حضرت عبد الله بن زبير (اصحابي رسول صه) مڪي شريف جو امير (سربراهه) بڻيو.
جيئن ته خلافت راشده جي ختم ٿيڻ ڪري امارت (سربراهي) جو دور هلي رهيو هو ۽ اها امارت به چند حصن ۾ ورهائجي وئي هئي، اهڙي وقت حضرت عبدالله بن زبير رضه جي ذهن ۾ حضور اڪرمﷺ جن جو فرمان هر وقت موجود رهندو هو، جيڪو پاڻ سڳورن هڪ ڀيري مومنن جي ماءُ بي بي عائشه صديقه رضه کي مخاطب ٿي فرمايو هئائون ته، “اي عائشه! جيڪڏهن تنهنجي قوم (قريش) جو جاهليت وارو زمانو ويجهو نه هجي ها ته، آئون بيت الله شريف (جي موجوده عمارت) کي ڊاهڻ جو حڪم ڏيان ها، ۽ جن شين کي قريشن (پنهنجي تعمير وقت) ڪعبي مان ڪڍي ڇڏيو آهي سي ٻيهر ان ۾ شامل ڪريان ها، (يعني حطيم اصل بنيادن جو رهيل اڌ حصو) ۽ دروازي کي زمين جي برابر ڪري ڇڏيان ها ۽ انهي (ڪعبي) جا ٻه دروازا ٺاهيان ها هڪ اوڀر طرف ۽ ٻيو اولهه طرف. اهڙي طرح آئون حضرت ابراهيم عليه السلام جي بنيادن مطابق ڪعبي جي تعمير ڪريان ها.”
حضرت عبدالله بن زبير جي دلي خواهش هئي ته، حضور سائين جي اها ديرينه تمنا ڪيئن به ڪري پوري ڪئي وڃي. حضرت عبد الله حضور سائين جي انهي تجوريز تي عمل ڪرڻ لاءِ سالن کان سوچيندو پئي آيو پر مناسب وقت ۽ موقعي جي انتظار ۾ هو. تان جو جڏهن پاڻ مڪي جو امير بڻيو ته، سندس امارت انهي نيڪ ڪم کي مڪمل ڪرڻ لاءِ بهتر ۽ موزون وقت هو. ويتر هي به هڪ ڪارڻ پيدا ٿي پيو جو، يزيد جڏهن اسلامي حڪومت جو والي بڻيو ته، هن مديني منوره ۽ مڪي شريف جي ماڻهن کان پنهنجي والي هجڻ جي مڃتا خاطر بيعت وٺڻ لاءِ ٻنهي پاڪ شهرن ڏانهن پنهنجا خاص ايلچي موڪليا. جڏهن انهن ٻنهي پاڪ شهرن جي رهاڪن بيعت ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته، يزيد ٻنهي شهرن کي ماري مڃائڻ ۽ بيعت وٺڻ لاءِ فوج استعمال ڪئي تان جو سندس لشڪر مسلم بن عقبه جي اڳواڻي ۾ مديني شريف تي ڪاهي آيو. جڏهن ماڻهن خوشي سان يزيد جي حڪومت نه مڃي ۽ بيعت ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته، آيل فوج مديني جي رهاڪن تي سختي ڪئي. عام ماڻهو فوجي دٻا هيٺ اچي آڻ مڃڻ لڳا، اهڙي طرح ڄڻ يزيدي لشڪر بنا مزاحمت جي مديني جي رهاڪن کي مڃائي ورتو. اها مهم سر ڪرڻ کانپوءِ يزيدي لشڪر جي ڪمانڊر مڪي شريف جو رخ ڪيو ته جيئن اتي جي ماڻهن کي به يزيد جي حڪومت تسليم ڪرائي بيعت وٺجي. پر جڏهن اهو ڪمانڊر واٽ تي ئي موت جي پڪڙ ۾ اچي ويو ته هڪ سينيئر فوجي آفيسر حصين بن نمير کي فوج جو ڪمانڊر مقرر ڪيو ويو.
پروگرام مطابق يزيدي لشڪر 26 محرم سن 64 هه تي مڪي شريف ويجهو پهتو ته، لشڪر جي سربراهه عام ماڻهن کي يزيد جي حڪومت مڃڻ ۽ بيعت وٺڻ لاءِ چو چواءِ شروع ڪئي ته، ماڻهن قطعي انڪار ڪندي چيو ته اسان حضرت عبدالله بن زبير جي هٿ تي بيعت ڪري کيس پنهنجو امير مقرر ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن حصين بن نمير اها ڳالهه ٻڌي ته مڪي شريف جو چو طرف گهيرو ڪري حرم جي چوڌاري جبلن تي گولا وسائيندڙ منجنيقون (قديم زمانه جون توبون) فٽ ڪري ڇڏيون اهڙي صورتحال ڏسي حضرت عبدالله بن زبير رضه پنهنجي حمايتين سميت وڃي حرم ۾ پناهه ورتي.
محرم جي آخري تاريخن کان وٺي صفر جو پورو مهينو ويندي ربيع الاول جي ڪجهه تاريخن تائين يزيدي لشڪر مڪي شريف تي گهيرو جاري رکيو ان وچ ۾ منجنيقن ذريعي حضرت عبد الله ۽ سندس ساٿين تي پٿر وارا گولا وسندا رهيا. نيٺ لڙائي ايتري شدت اختيار ڪري ورتي جو توبن جي گولن جي بارش سان گڏ ٻرندڙ باهه وارا گولا به وسڻ شروع ٿيا جيئن ته حضرت عبد لله ۽ سندس ساٿي حرم ۽ ڪعبه ۾ پناهه گزين هئا انهي ڪري انهن گولن جو سڌو سنئون نشانو ڪعبت الله شريف بنجي رهيو هو جنهن ڪري ڪعبه جي غلاف کي باهه لڳي پئي تان جو ڇت ۾ لڳل قيمتي ڪاٺ، ڪعبي ۾ رکيل قيمتي سوکڙيون ۽ غلاف وغيره سڀ سڙي رک ٿي ويو. سنگباري جي ڪري ڪعبي جون ديوارون هنڌان هنڌان ڏري پيون. جنهن رات ڪعبي کي باهه لڳي هئي انهي ئي رات يزيد جي موت جو ڄاڻ آيو.
يزيد جي موت جي خبر ٻڌڻ کانپوءِ سندس لشڪر جو ڪمانڊر حصين بن نمير فوج وٺي واپس شام هليو ويو. انهي لڙائي دوران ڪعبت الله کي شديد نقصان پهتو. گولن جي وسڻ ڪري ديوارون ته ڏري پيون پر حجر اسود کي به نقصان پهتو جنهنجا ٽي ٽڪر ٿي پيا هئا. هڪ اهم نقصان هي به ٿيو جو ڪعبه ۾ رکيل قيمتي سوکڙين جهڙوڪ سونو هرڻ، هيرن جواهرن جا هار وغيره سان گڏ حضرت اسماعيل عليه السلام جي عيوض قربان ٿيندڙ بهشتي دنبي/ گهٽي جا نشاني طور سڱ ۽ منڍي به رکيل هئي سا به انهي باهه ۾ سڙي وئي. اهو بهشتي دنبو هن طرح پهتو هو جو حضرت ابراهيم کي قدرت پاران خواب ۾ لڳاتار ٽي راتيون اشارو ٿيو ته، پنهنجي پياري پٽ حضرت اسماعيل کي خدا جي راهه ۾ قربان ڪر. انهي قدرتي حڪم موجب حضرت ابراهيم عه حضرت اسماعيل کي (جيڪو ان وقت ٻار هو) وٺي منيٰ جي ميدان ۾ پهتو ۽ کيس قربان ڪرڻ لاءِ زمين تي منهن ڀر ليٽائي ڪنڌ تي ڪاتي رکي ڪهڻ لڳو. حضرت ابراهيم ان وقت پنهنجي اکين تي پٽي ٻڌي ڇڏي ته جيئن سندس نظر پُٽ جي چهري تي نه پوي. ڪاتي زور سان وهائڻ جي باوجود، ڪاتي حضرت اسماعيل کي نه ڪٺو ڇو ته ڪاتي کي خدا جو حڪم ٿيو ته “اسماعيل کي نه ڪُهجانءِڇو ته، انهي کي اڃا زنده رکڻو آهي ۽ انهي جي ئي پٺيء مان نبي آخر الزمان حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ پيدا ٿيڻو آهي”. حضرت ابراهيم پوري زور سان پُٽ جي ڪنڌ تي ڪاتي هلائي رهيو هو ته ان وچ ۾ الله تعاليٰ ملائڪن جي سردار حضرت جبريل کي حڪم ڪيو ته، بهشت مان هڪ دنبو کڻي وڃي حضرت اسماعيل جي جاءِ تي ليٽاءِ ۽ حضرت اسماعيل کي اتان کڻي وٺ ته جيئن حضرت ابراهيم جي قرباني وارو عمل پورو ٿئي. اک ڇنڀ ۾ حضرت اسماعيل جي جاءِ تي بهشتي دنبو پهچي ويو ۽ حضرت اسماعيل کي پاسي تي اٿاري بيهاريو ويو، اهو اهڙي طرح ٿيو جو حضرت ابراهيم کي انهي بدلي جي ڪابه خبر ڪانه پئي. جڏهن ڪاتيء هيٺان دنبو آيو ته، ڪاتي کي حڪم ٿيو ته هاڻ ڪهڻ ۾دير نه ڪر. بس هڪ ڦيري سان دنبو ڪسي ويو ۽ هيڏانهن حضرت ابراهيم دل ۾ سوچيو ته حضرت اسماعيل قربان ٿي ويو پر جيئن ئي اکين تان پٽي کولي کڻي ڏسي ته حضرت اسماعيل ڀرسان بيٺو مرڪي ته، هيٺ زمين تي سير پيل دنبو ڦٿڪي رهيو آهي. حضرت ابراهيم حيرت مان الله تعاليٰ ڏي متوجهه ٿي عرض ڪيو ته مولا پاڪ! هي ڪهڙي حقيقت آهي؟ جواب مليو ته، ابراهيم تو پنهنجي دل جي سچائي جو ثبوت ڏيئي پنهنجو خواب سچو ڪري ڏيکاريو باقي اسان کي ته حضرت اسماعيل جو ڪسڻ منظور ئي نه هو انهي ڪري اسان ان جي عيوض دنبي کي تنهنجي هٿان ڪُهائي تنهنجي قرباني جي نيڪ عمل کي پورو ڪيو اٿئون هاڻي تنهنجي اها سنت هميشه لاءِ مسلمانن ۾ جاري رهندي.
اهو ئي اُهو دنبو هو جنهن جا سڱ ۽ منڍي ڪعبت الله ۾ قدرت جي يادگار نشاني طور موجود هئي جيڪا مٿي بيان ڪيل لڙائي دوران ڪعبي کي لڳل باهه ۾سڙي وئي هئي. ڪعبت الله کي سخت نقصان پهچڻ واري حادثي کانپوءِ حضرت عبد الله بن زبير، ڪعبي جي نئين سر مضبوط تعمير لاءِ غور ويچار ڪيو. تعمير ڪعبه جي سلسلي ۾ ان وقت موجود اصحابن سڳورن سان صلاح مشورا ڪيائين جن مان ڪن سندس رٿا کي اشد ضروري قرار ڏيئي فوري طور ڪوشش ڪرڻ جي صلاح ڏني ته ڪن وري انڪار ڪيو يا خاموشي اختيار ڪئي. پر پاڻ بعض اصحابن سڳورن جي تائيد تي پنهنجو ارادو مضبوط ڪري تعمير جي تياري شروع ڪئي. فن تعمير جا ماهر ڪاريگر گهرايا ويا ۽ گهربل سامان گڏ ٿيڻ لڳو. اوساري لاءِ پٿرن جو جوڙ ڳنڍڻ خاطر يمن جي شهر صنعا مان وڏي مقدار ۾ چُن گهرايو ويو. حضرت عبد الله مڪي جي اهل علم حضرات کان پڇيو ته، قريشن بيت الله جي تعمير وقت پٿر ڪهڙن جبلن تان آندا هئا ته انهن وراڻيو ته، جبل حرا، ثبير، المقطع ۽ الجندمه وغيره مان، ته پاڻ انهن جبلن تان گهربل پٿر گهرائي ڍير ڪيائين جڏهن سڀ سامان گڏ ٿي ويو ته، پهرين بيٺل ديوارون ڊاهڻ شروع ڪيون ويون ۽ اها تاريخ 15 جمادي الثاني سن 64 هجري هو. جڏهن ديوارون ڊاهي پٽ برابر ڪيون ويون ته هيٺ پيڙهون کوٽڻ شروع ڪيون ويون. تان جو حضرت ابراهيم جي تعمير واري پيڙهه ظاهر ٿي. ابراهيمي پيڙهه جا پٿر تمام وزني ڏسڻ ۾ پئي آيا ۽ پاڻ ۾ اهڙي طرح جڪڙيل هئا جيئن ٻنهي هٿن جون آڱريون هڪ ٻئي سان ملائي ڀچائجن ٿيون. حضرت عبد الله ڪاريگرن کي تعمير جو حڪم ڏيئي ڪم شروع ڪرايو ته، وري هلندڙ ڪم جي ٻاهران چوڌاري تنبو مثل پال لڳرائي ڇڏيائين ته جيئن ڪعبي جي طواف وارو عمل ۽ اتي قائم ٿيندڙ نماز با جماعت، ۽ عام تسبيحات، ذڪر تلاوت وغيره ۾ ڪوبه رخنو يا رنڊڪ نه پوي. حضرت عبد الله ڪعبي جي ڇڏيل حطيم واري حصي کي جيڪو 9 (نو) فوٽ کن هوسو به ڪعبي جي تعمير ۾ داخل ڪري ديوارون کڻايون. جيئن ته حضور سائين جن قريشن واري تعمير بابت نا پسندي جو اظهار ڪري، ڪعبي کي ابراهيمي بنيادن تي تمير ڪرڻ جي خواهش جو حضرت بي بي عائشه سان ذڪر ڪيو ته حضرت عبد الله حضور سائين جي انهي ئي منشا مطابق ڪعبي جي تعمير ڪرائڻ شروع ڪئي. حضور سائين جن جي تعمير ڪعبه بابت اها حديث اسان مٿي بيان ڪري آيا آهيون.
حضرت عبد الله جي نگراني ۾تعمير جو ڪم تيزيء سان هلندو رهيو تان جو 17 رجب سن 64 هه تي ڪعبي جي تعمير جو ڪم مڪمل ٿيو.
حضرت عبد الله بن زبير ڪعبي جو قريشن وارو ٺهرايل دروازو مٿي هڻڻ جي بجاءِ زمين برابر ڪيو ۽ جيئن حضور سائين جن چاهيو پئي ته، ڪعبي جا ٻه دروازا ڪيا وڃن جن مان هڪ اندر داخل ٿيڻ لاءِ، ٻيو ٻاهر نڪرڻ لاءِ هجي ته، حضرت عبدالله به هڪ دروازو اوڀر طرف ڪيو جيڪو ڪعبي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ هو ته، ٻيو دروازو اولهه طرف ڪيائين جيڪو ڪعبه مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ هو. اهڙي طرح ڪعبي جي ڇت تي چڙهڻ لاءِ ڪعبي جي اندران رڪن عراقي جي پاسي ڪاٺ جي چاڙهي به ٺهرايائين ۽ يمن مان گهرايل اوچي قسم جي سنگ مرمر مان هڪ فانوس ٺهرائي ڪعبه جي اندر ڇت ۾ ٽنگايائين ته جيئن ڪعبي جي اندر سوجهرو رهي.
حضرت عبد الله حجر اسود جي ٽٽل ٽن ٽڪرن کي چاندي سان ڳنڍي هڪ ڪري چاندي جي ٺهيل خول ۾ بند ڪيو ۽ ان کي پنهنجي اصل جاءِ تي (جتي هينئر آهي) لڳايو.
قريشن جي تعمير دوران ڪعبي جي اندر لڳل ڪاٺ جي ڇهن ٿنڀن بجاءِ، حضرت عبد الله فقط ٽي ٿنڀا لڳايا ۽ ٽي ٿنڀا ڪڍي ڇڏيا. جيڪي ساڍا چوڏهن سو سال گذرڻ جي باوجود اڃا تائين صحيح سلامت ڪعبه ۾ لڳل موجود آهن.
حضرت عبد الله ڪعبي جي ديوارن جو اندران توڙي ٻاهران ۽ ڇت تي کٿوري ۽ عنبر سان خوشبودار پلستر به ڪرايو. جڏهن ته ان کان اڳ ديوارن کي پلستر ڪونه ڪيو ويندو هو.
حضرت عبد الله جي تعمير ڪرايل ڪعبي جي ماپ ساڳي حضرت ابراهيم واري تعمير جي هئي. البته پاڻ اوچائي (عمق) ۾ ٽيڻ تي واڌارو ڪيو هئائين. هن طرح جو حضرت ابراهيم جي تعمير جي اوچائي 9 نريون (ذراع) يعني 50/13 فوٽ هئي، قريشن اوچائي ۾ ٻيڻو اضافو ڪري 18 نريون يعني 27 فوٽ ڪئي ته حضرت عبد الله اوچائي کي ٽيڻو وڌائي 27 نريون يعني 50/40 فوٽ ڪئي.
باقي ديوار جي ٿولهه/ ويڪر ساڳي ابراهيمي تعمير واري يعني 3 فوٽ. هن وقت به ڪعبي جي ديوارن جي مٿي اوچائي ساڳي حضرت عبدالله بن زبير واري 50/40 فوٽ آهي.
جڏهن تعمير مڪمل ٿي ته، انهي عظيم سعادت ۽ حضور سائين جي هڪ ديرينه خواهش جي تڪميل سبب پاڻ (حضرت عبدالله) انهي نعمت جي شڪريه ادائي لاءِ اعلان ڪيو ته، “آئون تنعيم تي وڃي خدا جي راهه ۾ قرباني ڪريان ٿو ۽ اتان کان احرام ٻڌي عمرو ادا ڪريان ٿو، جيڪو به ماڻهو منهنجي امارت (سربراهي) کي مڃي ٿو ته ان کي کپي ته هو تيار ٿي اچي شريڪ ٿئي.” اهو اعلان ٻڌي مڪه شريف جا سوين ماڻهو به حضرت عبدالله سان 27 رجب سن 64 هه تي تنعيم نالي جاءِ (جيڪا هينئر مسجد عائشه جي نالي سان مشهور آهي) تائين پيرين پنڌ گڏ هليا ۽ قرباني ڪرڻ خاطر جانور به گڏ ڪاهيائون. حضرت عبد الله تنعيم تي پهچي هڪ سو اٺ خدا جي راهه ۾ قربان ڪيا ته مڪي وارن به هڪ ٻئي کان سرسي کڻندي اٺ ۽ دنبا ذبح ڪيا، ۽ اتي گوشت رڌي پچائي کاڌا ويا ۽ عيد وانگر خوشيون ملهايون ويون. پوءِ حضرت عبد الله سميت سڀني ماڻهن عمره جو احرام ٻڌو ۽ پيادل اچي ڪعبي جو طواف ڪيو. جيئن ته ڪعبي جي اها تعمير، حضرت ابراهيم جي تعمير موافق هئي ۽ حضرت ابراهيم طواف ڪرڻ وقت ڪعبي جي چئني ارڪانن (يعني رڪن حجر اسود، رڪن عراقي، رڪن شامي ۽ رڪن يماني) جو استلام ڪيو هو. استلام جو مطلب هٿ لاهڻ، ڇهڻ، چمڻ وغيره. 27 رجب جيڪا اصل ۾ معراج واري رات آهي تنهن تي حضرت عبد الله ۽ سندس ساٿين جو ادا ڪيل عمرو عربن وٽ ايترو ته مقبول ٿيو جو هر سال وڏي ڌام ڌوم سان ٿيڻ لڳو. پري پري کان ماڻهو اچي تنعيم کان احرام ٻڌي عمرو ادا ڪندا هئا. اهو سلسلو ڇهين صدي هجري تائين به قائم رهيو.
حضرت عبد الله بن زبير ڏهن سالن تائين مڪي شريف جو امير ٿي رهيو. انهي دوران پاڻ ماڻهن کي اٺ حج پڙهايائين ۽ سندس امارت جي ڏهن سالن تائين بنو اميه خاندان جا يزيد کانپوءِ هڪ ٻئي پٺيان ٽي خليفا بڻيا، يعني معاويه ثاني، مروان بن حڪم ۽ عبد الملڪ بن مروان.