مذهب

مسڻ کان مديني تائين

ڪتاب ”مسڻ کان مديني تائين“ اوهان اڳيان پيش آهي. مڪي ۽ مديني جي تاريخ، تبرڪات ۽ زيارتن جي تفصيل سان حج جي هن سفرنامي جو ليکڪ مولوي محمد يامين شورو آهي.
Title Cover of book مسڻ کان مديني تائين

روضو پاڪ رسول جو:

روضو پاڪ رسول جو:
پاڻ ڪريمن جي روضي پاڪ جي تعمير، تجديد ۽ مرمت جي وڏي تاريخ آهي. ڪڏهن اهو ڪاٺ جو ٺهيل، ڪڏهن پتل جي ڄارين سان جڙيل، ڪڏهن سيهي جو اڇي رنگ وارو قبو. مختلف مرحلن مان گذرندو موجوده شڪل ۾ گنبذ خضراء/ سائي رنگ وارو گنبذ بڻيو آهي.
حضور اڪم ﷺ مسجد نبوي جي تعمير کان واندي ٿيڻ تي پاڪ بيبين سڳورين لاءِ الڳ الڳ نَوَ حجرا تعمير ڪرايا هئا. جن مان هر هڪ جي ماپ 15x10.1/2 هئي، جڏهن ته اوچائي 6 فوٽ هئي.
حضرت بي بي عائشھ جو حجرو مسجد نبوي سان بلڪل لڳو لڳ هو. ايتريقدر جو حضور اڪرم ﷺ رمضان شريف ۾ جڏهن مسجد نبوي ۾ ڏهي ۾ ويهندا هئا ته، ام المومنين حضرت بي بي عائشه پنهنجي حجري ۾ بيهي سندن وارن مبارڪن کي ڦڻي ڏيئي وٺندي هئي. حالانڪه پاڻ ڪريم ان وقت مسجد ۾ ئي هوندا هئا وچان رڳو ننڍڙي ديوار هوندي هئي. اهو ئي حجرو هو جنهن ۾ حضور اڪرم ﷺ جن لاڏاڻو فرمايو. بس اتي ئي سندن تدفين ٿي ۽ اها ئي جاءِ آخري آرامگاهه بڻي. اهو ئي هاڻي رسول الله ﷺ جو روضو پاڪ (گنبذ خضراء) سڏجي ٿو. انهي روضي ۾ سندن جسم مبارڪ هن طرح آرامي آهي جو سندن مٿو مبارڪ (سيراندي) اولهه طرف، پير مبارڪ (پيراندي) اوڀر طرف ۽ منهن مبارڪ قبلي ڏانهن / ڏکڻ طرف.
انهي روضي پاڪ ۾ پاڻ ڪريمن جا ٻه وفادار جانثار ساٿي حضرت ابو بڪر صديق (وصال 13هه) ۽ حضرت عمر فاروق وصال 23هه) رضي الله عنهما جيڪي ٻئي پاڻ ڪريمن جا سهرا به ٿين ٿا آرامي آهن. تن جي تدفين هن طرح ٿي جو حضرت ابو بڪر جو مٿو حضور اڪرم جي سيني برابر ته حضرت عمر فاروق جو مٿو حضرت ابو بڪر جي سيني برابر آهي. ان کانسواءِ روضي پاڪ ۾ هڪ قبر جيتري جاءِ ڇڏيل به آهي جتي هڪ حديث مطابق حضرت عيسيٰ جو آخري آرامگاهه ٿيڻو آهي.
حضرت عمر فاروق جي دور خلافت ۾ انهي روضي پاڪ تي ڪا به اڏاوت قبو وغيره ڪو نه هو فقط ڪچين سرن سان چوڌاري ديوارون هيون. اموي خليفي وليد بن عبدالملڪ جي زمانه (86هه 96هه) ۾ جڏهن بيبين سڳورين جي ٻين حجرن کي مسجد ۾ شامل ڪيو ويو تڏهن به حضرت بي بي عائشھ جي حجري (روضي پاڪ) جون ڪچيون ديوارون باقي رکيون ويون. البت وليد جي دور ۾ جڏهن حضرت عمر بن عبدالعزيز (حضرت عمر فاروق جو ڏوهٽو) مديني جو گورنر بڻيو ته، انهي روضي پاڪ جي چوطرف اونهي پيڙهه کوٽي پنج ڪنڊي ڇٽي ٺاهي هئي. پنج ڪنڊي هن لاءِ ته جيئن ڪعبت الله جي تعمير سان مشابهت نه ٿئي، متان جاهل ماڻهو انهي جو به طواف شروع ڪن. انهي زماني تائين بلڪه ستين صدي هجري تائين روضي پاڪ تي ڪو به گنبذ ڪو نه هو. مزار مبارڪ کليل هئي. پري کان پئي زيارت ٿيندي هئي. سن 678هه ۾ بادشاهه منصور قلاوون صالحي جي دور ۾ مزار مبارڪ مٿان چوڌاري تعمير ڪيل ديوارن تي ڪاٺ جو هڪ قبو جيڪو هيٺان ته چوڪنڊو هو پر مٿي وڃي اٺ ڪنڊو بڻايو ويو.
انهي قبي کي ٺهندي ٻه سو سال کان به ڪجهه مٿي گذريا ته، سن 886هه ۾ مسجد نبوي کي پهريون ڀيرو باهه لڳي جنهن ۾ مسجد جي سامان سان گڏ قبو به سڙي ويو. وري به مرمت ٿي پر 887هه ۾ ٻيهر مسجد نبوي کي باهه لڳي جنهن مسجد جو سامان ته ساڙي رک ڪيو پر قبو به باهه جو کاڄ ٿي ويو. پوءِ 892هه ڌاري ترڪي جي بادشاهه قاتبائي پنج ڪنڊي ديوار تي ٻيو قبو اڏايو. جنهن تي اڳي وانگر اڇو رنگ ڪرايو ويو.انهي ڪري صدين تائين اهو قبو گنبذ بيضاء / اڇو قبو سڏيو پئي ويو. ساڍا ٽي سو سال گذرڻ تي قبو پراڻو ٿي ويو منجهس هنڌان هنڌان ڏار پئجي ويا تنهن ڪري 1233هه ۾ ترڪي جي بادشاهه سلطان محمود عثماني اهو زبون قبو مٿان کان ڊهرائي وري نئون قبو اڏايو جنهن کي اڳتي هلي سن 1255هه ۾ سائو رنگ ڏياريائين. بس انهي سال کان وٺي اڄ تائين گنبد خضراء / سائو قبو سڏيو پيو وڃي. موجوده سائو رنگ انهي ئي بادشاهه جو يادگار آهي. جنهن کي سعودي حڪومت به قائم رکيو اچي.