مذهب

مسڻ کان مديني تائين

ڪتاب ”مسڻ کان مديني تائين“ اوهان اڳيان پيش آهي. مڪي ۽ مديني جي تاريخ، تبرڪات ۽ زيارتن جي تفصيل سان حج جي هن سفرنامي جو ليکڪ مولوي محمد يامين شورو آهي.
Title Cover of book مسڻ کان مديني تائين

وطن ڏي واپسي:

وطن ڏي واپسي:
خيرن جو شام جا 5 ٿيا ته، سامان اندر پهچايوسين. ان وقت جن جو بار گهڻو هو، سي ته رحم جوڳي حالت ۾ هئا. باقي جيڪي پاڻ به هلڪا ته سامان به هلڪو تن کي ته ڪو به فڪر ڪو نه هيو. پندنامه واري شيخ فريد عطار جي چوڻ مطابق ته، سبڪسار مردم سبڪ تر رود (هلڪو ماڻهو تکو هلندو). اسان کي چيو ويو ته، گيٽ کان اندر ايئرڪنڊيشن هال ۾ تور به ٿيندي ته پاسپورٽ به ملندو. نيٺ سامان تريا پاسپورٽ مليا پر اسان جو جهاز پاڪستان جي پراڻي عادت مطابق ٽي ڪلاڪ ليٽ سان نازل ٿيو ۽ اسان کي رات جو ساڍي ڏهين وڳي جهاز ۾ چڙهڻ لاءِ ڇڏيو ويو. سو به پهرين ته جهڙتيون وٺي ور ڇنڊائي سامان پکيڙي ڄڻ هر هڪ شئي جو ايڪسري ڪڍي رپورٽ جي ڪليئر اچڻ تي اجازت ملي ته وڃي جهاز ۾ ويٺاسون. ٻاجهاري کي پئي ٻاڏايوسين ته، اي ٻنهي جهانن جا خالق مالڪ! هوا جي ڪلهي تي سوار ٿي اڏامندڙ هن هوائي ٻيڙي کي پنهنجي امر سان اڏائي سڪون ۽ سلامتي سان ساحل تي پڄائڻ جي عنايت فرماءِ. بيشڪ تنهنجي رحم ۽ ڪرم جي سهاري، خشڪي سامونڊي ۽ هوائي ٻيڙا خير سلامتي سان اچيو ڪناري تي سهڙن. جي نه ته هن ڪاٺ ۽ لوهه کي ڪهڙي طاقت جو تر جيترو به ان جي امر کان ڪنڌ ڪڍائي ابتو قدم کڻن. 11 وڳي ڌاري جهاز رن وي تي ڳجهه وانگر رڙهڻ لڳو. 15_20 منٽ ٽانگي ۾ ڦٽل گهه خور گهوڙي جيان اڳتي پوئتي ٿي، نيٺ اوچتو ڀڙڪو کائي اڀ ڏي رخ رکيائين. جهاز وارن اعلان ڪيو ته، هي جهاز 10 هزار فوٽ مٿي فضا ۾ اڏامندو. جڏهن جهاز پنهنجي مقرر ڪيل اڏام واري حد تي هليو پئي ته، دري کولي شيشي مان نظر ڪيم، هر پاسي هيٺ مٿي ڪاراڻ ئي ڪاراڻ. ڪاري رات جي اونداهي اهڙي ته گهاٽي نظر آئي جو ڄڻ هيٺ ڪا ڌرتي، ڪو روشنين وارو شهر، ڪا وسندڙ آبادي آهي ئي ڪو نه. بهرحال رات جي ڪاراڻ ۾ اسان رب جي رحمت جي سهاري انتهائي تيز رفتاري سان ڪراچي ڏي اڏامندا پئي وياسون. جهاز وارن اسان کي ريفريشمينٽ به ڪرائي. جنهن ڪري جهاز جا سمورا مسافر وڌيڪ چست ۽ تازا توانا ٿي ويا. جهاز وارن جي اعلان مطابق پاڻ پاڪستاني وقت مطابق صبح پنجين وڳي ڌاري خير سان هلي ڪراچي تي منزل انداز ٿينداسون.
جهاز ڪلاڪ ڏيڍ هليو هو ته، اسان کي جهاز ۾ ويهندي تمام گهڻا لوڏا اچڻ لڳا ته جهاز وارن به اعلان ڪيو ته، مٿي فضا جام ٿي وئي آهي، جنهن ڪري جهاز کي فضا چيري تيز رفتاري سان اڏامڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي پئي. دعا ڪريو ته خير سان هن مرحلي مان گذري وڃون. ممڪن آهي جيڪڏهن فضا وڌيڪ جام نظر آئي ته ڪو ناخوشواگر واقعو به پيش اچي ٿو سگهي. انهي ڪري توهان خير سلامتي لاءِ دعا به گهرو ته، هر وقت تيار به رهو. جيڪڏهن ڪا ايمرجنسي واري صورتحال ٿي پئي ته، اسان جي هدايتن تي فوري عمل ڪجو. انهي اعلان هلندي لڳاتار لوڏا به ايندا رهيا ته، انهي اثر سبب اسان سيٽن تي ويٺي اونڌا پاسيرا ٿيندا، پنهنجو پاڻ تي قابو پائڻ ۾ هئاسون. منهنجي دوستن ذڪر ۽ درود شروع ڪري ڏنو، ڪو ياسين ته ڪو آيت الڪرسي ته آيت ڪريمھ، ته وري ڪو خير سلامتي لاءِ دعا ۾ مصروف، جهاز ۾ سوار سڀني مسافرن جي اها حالت هئي. دوستن جي دلين ۾ ويٺل ڀو وارو ڀوت ڪڍڻ لاءِ خوش طبعي ڪندي چيو هئم ته، يار! منيٰ واري باهه کان ڀڄي پاڻ بچايو هو. ڀلا هاڻ ڀڄي ڏيکاريو ته خبر پوي. جهاز ۾ دلير ۽ بزدل جو ڪو فرق ڪونهي سڀ هڪ باڪس ۾ بند آهن.
ڪنهن کي به نه ڀڄڻ جي ڀوا نه حالتن کي منهن ڏيڻ جي همت، سڀني کلندي چيو ته، يار! هي ڀوڳ جو وقت ڪونهي. هينئر سڀني کي سر جي اچي لڳي آهي سو الله الله ڪر ته من خير ٿئي. وراڻيم ته، خدا تي حڪم ته نه ٿا هلائي سگهون، جو چئونس ته، هينئن ڪر، هونئن ڪر، باقي عرض آزيون ته ڪري ٿا سگهون. سو دل ۾ ته پيا ٻاڏايونس، باقي زبان سان ڳڻي ٻڌائڻ جي ضرورت به ڪهڙي؟ زبان سان ٻڌائڻ کان اڳ ۾ هو ته خوب ڄاڻي ٿو ته، اسان مسافر به آهيون ته سندس پاڪ گهر جا پانڌي به.
سندس گهر جي پانڌين تي هو ضرور ٻاجهه ڪندو. هن ۾ يقين اٿم ته، هن جو هر حڪم ٻانهي جي ڀلائي ۾ آهي. انهي ڪري جيڪڏهن اسان جي ڀلائي موت ۾ آهي ته به اکين تي، پر جي جيئڻ سان ڀاڳ وڌيڪ ڀلا ٿيندا ته جيئڻ لاءِ جهولي ٿا جهليون. الله تعاليٰ ڪڏهن به ٻانهي تي زور ظلم نه ٿو ڪري. سندس هر امر ٻانهن جي ڀلائي لاءِ آهي. مرڻ جيئڻ، بيماري شفا ڪا به قدرت جي شئي اجائي بيڪار ۽ ٻانهي لاءِ هچا ڪانهي. انهي ڪري خدا جي سامهون گهڻي گوڙ ڪرڻ ۽ دعا ۾ ڪنهن اڙي ڪرڻ جي ضرورت ڪونهي. ٿورن اکرن ۾ سندس آڏو نماڻو عرض ڪرڻ ڪافي آهي. هو ته نقطه نواز آهي. رسڻ تي اچي ته، ٿوري تي به رسي پوي. پر جي پرچڻ تي اچي ته، رتي تي به راضي ٿي پوي. الف ليليٰ جيڏين دعائن گهرڻ جي ڪهڙي گهرج. اهو ته دعا کي ريا جي رڃ ۾ رولڻ برابر ٿيو.
انهي ڪري هن احڪم الحاڪمين جي درٻار ۾ نه گهڻو ڪڇ نه گهڻو پڇ. بس ٻانهون ٻڌي ٻاجهه لاءِ ٻاڏائيندو رهه.
ڪجهه منٽ ته مسڻ واري ڀڳل ٽٽل روڊ تي هلندڙ سوارين ۾ لوڏن جهڙو لطف وٺڻ بعد، جهاز آرام ۽ سڪون سان هلڻ لڳو. شايد جام ٿيل فضا وارو اهو حصو لتاڙي نڪري ويو هو. هاڻي جهاز اڏامندو رهيو ۽ اسان مطمئن ٿي سيٽن تي ويٺي سمهي رهياسون. تان جو 4 لڳي 25 منٽن تي، جهاز ڪراچي هوائي اڏي جي رن وي تي لهي بس وانگر اسٽاپ ڪرڻ لاءِ ڌيمي ڌيمي رفتار سان هلڻ لڳو ۽ پوءِ اچي نشان ڪيل اسٽاپ تي لينڊ ڪيائين. واپسي وارو هي سفر 3 ڪلاڪ 25 منٽن ۾ طئي ٿيو. فللّھ الحمد.
جهاز مان لهي اميگريشن ڏي آياسون. ڪا به چيڪنگ ڪا نه ٿي. پي آءِ اي جي انفارميشن آفيس مان لائوڊ ذريعي ڀليڪار ۽ مبارڪ باد چئي جهاز مان لهندڙ حاجين جي مرحبا ڪئي پئي وئي. سامان سميت جيئن ئي ٻاهر قدم رکيوسين ته، عزيز قريب، دوست احباب استقبال لاءِ موجود هئا، سي هر هڪ پنهنجي پنهنجي رشتيدار حاجي کي پر جوش استقبال ڪري، محبت ڀريا مبارڪباد چئي هار پارائي پنهنجي گهرن ۽ پنهنجي منزل ڏي وٺي وڃڻ لڳا.
منهنجا ڀائر امان الله، غلام مصطفيٰ ۽ ميرپور ساڪري مان استقبال لاءِ آيل سوٽ، ماسات، ويجها توڙي پري جا مائٽ 50_60 ماڻهو جن مان ڪي ته، بر وقت اتي حج ٽرمينل تي حاضر هئا ته ڪي ٻئي هنڌ هئا. نيٺ حج جي رفيقن حاجي رحيمڏني سمي، حاجي عبدالغني سومري، ۽ حاجي جاويد هزاروي پٺاڻ کان موڪلايم ۽ کين چيم ته، دل گهري ٿي ته اوهان کي پاڻ سان گڏ پنهنجي ڳوٺ وٺي هلان، پر انهن چيو ته، اسان جا به عزيز مائٽ اسان کي وٺڻ آيا آهن انهي ڪري هن وقت ته، پنهنجي پنهنجي ڳوٺ ٿا هلون. باقي يار زنده صحبت باقي. حياتي هوندي ته پيا ملنداسون.
آئون مائٽن سان گڏ ميرپور ساڪري هليو آيس. واٽ تي برادرم امان الله کي مسڻ وڏي روانو ڪيم ته بابا جن کي هلي ٻڌائي ته، آئون ٻن ڏينهن بعد، مسڻ ايندس. مائٽن ۾ ڳوٺ ڦل شوري پهتاسون ته، ماڻهو، رش، تنبو، ڀت ڏسي پڇيم ته، هي ڇا آهي؟ مائٽن ٻڌايو ته، اوهان جي اچڻ جي خوشي ۾ هي خيرات ڪئي وئي آهي. جيتوڻيڪ اهي جلسا جلوس اسان جي طبيعت جي خلاف هئا پر ٻين جي دل رکڻ خاطر ماٺ ڪرڻي پئي.
ٻه ڏينهن ٻه راتيون رهي مٽن مائٽن، آسپاس جي راڄن مان آيل بي انداز معززن سان ملاقات ۽ رهاڻين بعد سڌا ڳوٺ وڏي مسڻ هليا آياسون. گهر پهچي والد صاحب جا هٿ چمي ڀاڪر پائي مليس. والد صاحب بي انتها خوش ٿيو. ايتريقدر جو اکين م خوشي جا ڳوڙها تري آيا. پوءِ پنهنجي گلي ۾ پاتل هار لاهي بابا جي گلي ۾ وڌم. پاڻ ڏاڍا خوش پيا ٿين. گهر جي ڀاتين سان ملڻ بعد، مدرسه ڏي ويس، جتي محترم استاد حضرت مولانا عبدالڪريم لغاري سان ملي پيرن تي هٿ رکيم. پاڻ مبارڪباد چئي خوش مرحبا ڪري، سفر جو مختصر احوال ورتائون ۽ پوءِ دوستن يارن سان ملڻ لاءِ اجازت ڏنائون.
مسڻ وڏي جي مدرسھ دارالهديٰ جا استاد، شاگرد، جامع مسجد جا جماعتي، ڳوٺ جا رهواسي، پاڙي وارا، آسپاس جي ڳوٺن جا يار دوست، واسطيدار لڳاتار هفتي تائين مبارڪباد لاءِ ايندا رهيا، جن جي خاطر تواضع زمزم ۽ کجور سان ٿيندي رهي. خدا جي فضل سان جنهن ڀلاري سفر جي شروعات مسڻ وڏي کان ٿي هئي سو خير خوبي سان وري اچي مسڻ وڏي ۾ پهچڻ تي پورو ٿيو. الحمد لله عليٰ ذالڪ.
انهي دوران اسان جي پاڙيسري جناب عبدالرحمان ولد حاجي عبدالله لغاري صاحب اسان جي مان ۾ هڪ آجياڻو به ڏنو جنهن ۾ مون سان گڏ بطور مهمان حاجي گل محمد لغاري مسڻ وڏي جو به شامل هو. انهي استقبالي تقريب ۾ ڳوٺ جا ماڻهو به ڪافي شريڪ ٿيا هئا.