احد جي ميدان تي:
احد جي ميدان تي پهچندي مون کي پنهنجا ساٿي نظر آيا جيڪي احد جي شهيدن ۽ سيد الشهداءَ (شهيدن جي سردار) حضرت امير حمزه رضي الله عنه لاءِ فاتحه دعا وغيره کان واندا ٿي فروٽ ۽ بوتلون کائي پي رهيا هئا. کين سلام ڪندي مون به وڃي شهيدن جي مزار تي حاضري ڏني. اول سلام عرض ڪيم ته، سلام عليڪم بما صبر تم فنعم عقبي الدار. (سلامتي هجي توهان سڀني تي انهي صبر جي عيوض جيڪو توهان دنيا ۾ رهي ڪيو. پڪ سان اوهان لاءِ آخرت بهترين ٺڪاڻو آهي.) شهيدن جي چوکنڊي جنهن ۾ حضرت امير حمزه جي قبر به آهي، ٻاهران دروازي وٽ بيهي دعا گهريم. احد جي شهيدن خاص ڪري حضرت سيد الشهداءَ امير حمزه جي قبر تي حاضر ٿيڻ سان خود سوچيوته، ڪنهن مسلمان جا تاثرات ۽ احساسات ڪهڙا هوندا؟ اهوئي سبب هو جو اُحد جو ميدان، مون لاءِ هڪ اهڙي اسڪرين بڻجي ويو هو جنهن ۾ شهادت جا منظر ناما هڪ ٻئي پٺيان ڏيکائي ڏيئي رهيا هئا ۽ منهنجون اکيون انهن منظر نامن کي ڏسڻ ۾محو هيون. جيتوڻيڪ دنيا جي فلمبندي وانگر انهي شهادت واري واقعي جي ويڊيو تي عڪس بندي ته نه ٿي پر الله تعاليٰ انهي عظيم واقعي کي پنهنجي قدرت واري ويڊيو سسٽم ذريعي اهڙو ته محفوظ ڪيو آهي جو قيامت جي ڏينهن، جڏهن سڀئي انسان قبرن مان اٿندا ته احد جا شهيد ۽ شهيدن جو سردار حضرت امير حمزه جنهن حال ۾ شهيد ٿيا هئا، ساڳي حالت ۾ اٿندا. سندن ٽڪرا ٽڪرا ٿيل جسم ۽ ڦوهارا ڏيئي وهندڙ رت، سندن شهادت في سبيل الله جو سڀ کان وڏو ثبوت هوندو.
مدني زندگي ۾ پاڻ سڳورنﷺ ڪافرن سان جيڪي به لڙايون ڪيون، تن ۾ ڪافي مسلمان پاڻ سڳورن جي هوندي ۽ سندن روبرو شهيد ٿيا. جيتوڻيڪ انهن کي في سبيل الله (الله جي راهه ۾) شهيد هجڻ جو خطاب ۽ سعادت نصيب ٿي، پر سڀني شهيدن موجوده توڙي قيامت تائين شهيد ٿيندڙ سڀني مسلمانن جي سردار هجڻ جو لقب، دربار رسالت مان فقط ۽ فقط حضرت امير حمزه رضي الله عنه کي عنايت ٿيو. انهي کان وڌيڪ سعادت مند مسلمانن ۾ خاص ڪري صحابه ڪرام ۾ ڪوبه ڪونهي.
هي ڳالهه قرآن شريف جي حوالي سان سمجهڻ گهرجي ته، سورت نساءَ ۾ چار جماعتون خدا وٽ انعام يافته جماعتون ڪري ڳڻيون ويون آهن. جن ۾ 1_انبياءَ سڳورا، 2_ صديق،3_ شهيد،4_ صالحين. انهي مطابق شهيدن جي جماعت ٽيون نمبر انعام يافته آهي، جنهن جو درجو صديقين کان پوءِ آهي. هاڻي خود سوچيو ته، صديق، انبيائن کان ٻئي نمبر تي آهن ته شهيد وري صديقن کان ٻئي نمبر تي. انهي وضاحت سان شهادت جي مرتبي جي بلندي چڱي طرح سمجهي سگهجي ٿي. ڀلا جنهن کي شهادت جي اعليٰ مرتبي جي سرداري عنايت ٿئي سو ته پڪ سان صديقت جي اعليٰ مرتبي کي سڀ کان وڌيڪ ويجهو هوندو. اهو اهڙو مرتبو آهي جنهن کي فقط امير حمزه حاصل ڪري سگهيو. اها ئي ڳالهه حضرت امير حمزه جي عظمت جو چٽو دليل آهي. سلام الله عليٰ حمزه و برڪاته،
حضرت امير حمزه جي شهادت ۽ ٻين احد جي شهيدن جو تذڪرو ايندي، سيرت ۽ مغازي جي ڪتابن ۾ پڙهيل غزوه احد جو پس منظر حافظي جي اسڪرين تي اچي پهتو جيڪو بر وقت ته، قلمبند ڪري نه سگهيس پر واپس اچي جاءِ تي رات جو ويهي لکيم جيڪو هي آهي: احد پهاڙ مديني کان اتر طرف 3 ميلن تي، بيهڪ جي لحاظ کان اولهه ۽ اوڀر ۾ واقع آهي. احد پهاڙ جيئن ته ٻين پهاڙن کان الڳ ٿلڳ ۽ اڪيلو نظر اچي ٿو انهي ڪري ان کي احد جبل سڏيو وڃي ٿو. احد پهاڙ جي جهولي ۾ وادي قناة آهي جنهن م هڪ لڪ آهي ۽ ڀر ۾ جبل عينين آهي جنهن کي جبل الرماة چون ٿا. انهي احد پهاڙ سامهون ميدان تي اسلام ۽ ڪفر وچ ۾ ڇنڇر ڏينهن 15 شوال سن 3 هه مطابق جنوري 625ع تي مشهور لڙائي غزوه احد ٿي هئي.
اسلام ۽ ڪفر وچ ۾ ٿيندڙ خونريز لڙائين مان سڀ کان وڌيڪ هولناڪ احد جي لڙائي آهي. هي اهڙي لڙائي هئي جنهن مسلمانن جي فتح کي شڪست ۾ بدلائي ڇڏيو هو. جيتوڻيڪ جنگي اصولن مطابق هن لڙائي کي مسلمانن لاءِ نه ته فتح چئي سگهجي ٿو نه ڪي شڪست. حقيقت ۾ قدرت واري مسلمانن کي جنگي صورتحال جي اوچتي تبديلي ذريعي هي سبق ڏنو هو ته، جيڪو پنهنجي قائد (اڳواڻ) جي حڪم تي عمل نه ڪندو تنهن جي کٽيل جنگ به هارائجي ويندي. لڙائي جو ڪارڻ هي ٿيو جو بدر جي لڙائي ۾ مسلمانن قريش ڪافرن جا وڏا وڏا ناليرا 70 کن بهادر پهلوان ۽ سردار ماريا هئا ته 70 کن قيد ڪيا هئا. انهي هولناڪ واقعي مڪي جي قريشن جي گهرن ۾ ماتم مچائي ڇڏيو هو.
اهڙي ذليل شڪست قريشن توڙي ٻين عرب قبيلن جي چيلهه ڀڃي وڌي هئي. هنن کي خواب خيال ۾ به نه هو ته سندن اهڙي ڪا ذلت واري شڪست ٿيندي. جن جن سردارن جو اولاد ۽ عزيز مئا هئا تن قسم کنيو هو ته، اسان پنهنجي مارجي ويل سردارن جو ضرور پلاند ڪنداسين. ابوسفيان کي نئون قائد چونڊي پلاند خاطر لڙائي لاءِ ڀرپور تياري شروع ڪئي.
حديث جي اصطلاح ۾ غزوه اها لڙائي آهي جنهن ۾ پاڻ سڳورنﷺ خود شريڪ ٿي اسلامي لشڪر جي قيادت ڪئي هجي، ۽ سريه انهي لڙائي کي چئجي جنهن ۾ اسلامي لشڪر جي اڳواڻي پاڻ سڳورن جي نامزد ڪيل اصحابي جي حوالي هجي. اسلام ۽ ڪفر جي اهڙين لڙاين مان 27 لڙاين ۾ پاڻ سڳوراﷺ بذات خود شريڪ ٿي قائد بڻيا هئا.
مڪي جي قريش ڪافرن کي ابوسفيان جي واپاري قافلي مان جيڪا به آمدني ٿي هئي سا احد جي لڙائي لاءِ گهربل سامان خريد ڪرڻ لاءِ رکي هئائون. نيٺ گهربل سمورو سامان، هٿيار سواريون کاڌي خوراڪ جون شيون مهيا ٿيڻ تي، قريش ۽ ٻين عرب قبيلن جي نوجوانن بهادرن پهلوانن تي مشتمل ٽي هزار جو لشڪر تيار ڪيو ويو. جن وٽ سواري لاءِ ٽي هزار اٺن سان گڏ ٻه سو گهوڙا به هئا. انهي فوج ۾ ست سو جو اهڙو ويڙهاڪ دستو هو جيڪي زره پوش هئا. لشڪر جي ساڄي (ميمنه) خالد بن وليد ته کاٻي (ميسره) عڪرمه بن ابي جهل هئا. سردارن جي زالن سميت 14_15 عورتون به ڏوليون سينگاري کنيون ويون. هٿيارن سان ليس انهي لشڪر، ابو سفيان جي اڳواڻي ۾ مڪي کان هلندي اچي احد جبل جي ويجهو خيما کوڙيا. جڏهن پاڻ سڳورنﷺ کي ابوسفيان ۽ قريش ڪافرن جي اهڙي ڀرپور تياري سان آيل لشڪر جي اچڻ ۽ حمله آور ٿيڻ جي خبر پئي ته، اصحابن سڳورن کي گهرائي مشورو ورتائون ته، ڪافرن سان جنگ مدينه ۾ ئي رهي وڙهجي يا شهر کان ٻاهر نڪري ميدان ۾ مقابلو ڪجي. انصار صحابه جي اڪثريت هي راءِ ڏني ته، سائين! اسلام کان اڳ جاهليت ۾ به اسان ڪڏهن گهرن ۾ لڪي لڙائي نه ڪئي هئي بلڪه دشمن سان کلي ميدان ۾ بيهي وڙهندا هئاسون. حالانڪه ان وقت ته اسان حق تي به نه هوندا هئاسون. اڄ جڏهن حق تي به اسان آهيون، هو ته ناحق تي آهن ته پوءِ اسان هتي گهرن ۾ ويهي زالن وانگر لڪي ڪيئن وڙهون؟ نوجوان اصحابن ته، شهر ۾ رهي وڙهڻ کي مڙسي جي به خلاف سمجهيو بلڪه ميدان ۾ نڪري نروار ٿي وڙهڻ جو مشورو ڏنو. جڏهن ته پاڻ سڳورنﷺ جي ذاتي راءِ هي هئي ته، ميدان ۾ نڪرڻ جي ضرورت ڪانهي بلڪه شهر ۾ رهي مقابلو ڪجي. ڇو ته شهر ۾ ڪافرن جو زور نه هلندو. ميدان ۾ نڪري وڙهڻ جو مشورو ڏيندڙ اهي به هئا جيڪي بدر جي ميدان ۾ جهاد ۾ شريڪ نه ٿي سگهيا هئا، تن کي جهاد جي شوق گهرن ۾ ويهڻ نه ٿي ڏنو. منافق جيڪي سچن مسلمانن سان مليا پيا هئا، تن جي سردار عبد الله بن ابي چيو ته، ٻاهر نڪرڻ جي ضرورت ڪونهي هتي ئي ويهي جنگ ڪري سگهجي ٿي. پر جيئن ته گهڻن اصحابن جي راءِ ميدان ۾ نڪري جنگ ڪرڻ جي هئي، انهي ڪري پاڻ سڳوراﷺ مشوري وٺڻ بعد گهر ويا ۽ وڃي جنگ جو لباس زرهه، خود وغيره بلڪه ٻه زرهون پاتائون ته، سندن پويان ڪن اصحابن، نوجوانن کي چيو ته، جڏهن پاڻ سڳورن جي راءِ مديني ۾ رهي وڙهڻ جي هئي ته توهان هرو ڀرو ٻاهر نڪرڻ تي زور ڇو ڀريو؟ پاڻ سڳورن جي راءِ کي ڪٽڻ جي توهان بي ادبي ڇو ڪئي؟ ته انهن به محسوس ڪيو، جڏهن پاڻ سڳورا ٻه زرهون، خود (هلمٽ جهڙي لوهي ٽوپي) پائي تلوار کڻي ٻاهر آيا ته، انهن اصحابن عرض ڪيو ته، سائين! اسان جي راءِ توهان جي راءِ کان مٿي ڪونهي. انهي ڪري جيڪڏهن توهان جي راءِ هتي مديني ۾ رهي وڙهڻ جي آهي ته، بس اسان جي به اهائي راءِ آهي. پر پاڻ سڳورنﷺ وراڻيو ته، جڏهن پيغمبر زرهه پوش ٿي هٿيار کڻي لڙائي لاءِ سنڀرندو آهي ته جيسين ڪفر سان مقابلو نه ڪري تيسين زرهه لاهي هٿيار ڦٽا نه ڪندو آهي. انهي ڪري احد جي ميدان ۾ ڪفر سان مقابلي لاءِ تياري ڪريو. مسلمانن جو هڪ هزار جولشڪر وڏو ڪارو جهنڊو کڻي پيغمبر جو حڪم ملندي ئي احد جبل ڏي روانو ٿي ويو. اسلامي لشڪر جا دستن جي صورت ۾ ٽي حصا ڪيا ويا هئا. مهاجر صحابه جي دسته جو اڳواڻ ۽ جهنڊو کڻندڙ حضرت مصعب بن عمير هو، انصار صحابه جي ٻن دستن مان اوس قبيلي جي اڳواڻي ۽ جهنڊو حضرت اسيد بن حضير جي هٿ ۾ هو ته وري خزرج قبيلي جي اڳواڻي ۽ جهنڊو حضرت حباب بن منذر جي هٿ ۾ هو. حضرت امير حمزه فوج جي انهي حصي جو امير هو جيڪو زرهه پوش نه هو. لشڪر جو سپهه سالار حضرت زبير بن عوام کي مقرر ڪيو ويو. هن اسلامي لشڪر ۾ ٻه سو زرهه پوش سپاهي هئا ته باقي ٻيا بنا زرهه جي هئا. سواريون صرف ٻه گهوڙا هڪ حضور سائين جن وٽ، ته ٻيو حضرت عبد الرحمان بن صخر عرف ابو هريره وٽ. مطلب ته ظاهري اسبابن ۽ مادي وسيلن جي انتهائي کوٽ ۽ اڻ هوند. بس همت ۽ توڪل علي الله سان جهاد جو جذبو ۽ قرباني جو ولولو کڻي حضور جن جي حڪم سان سندن قيادت ۾ لشڪر احد جي ميدان ڏي روانو ٿيو هو. اڃا مديني شهر کان ٿورو پرڀرو پهتو هو ته، منافقن جو منڍ عبدالله بن ابي سندس ٽي سئو منافقن جو جٿو، مسلمان صحابه جي لشڪر مان ٽوڙي ڌار ڪري واپس مديني ڏي موٽڻ لڳو ۽ هي چوندو روانو ٿيو ته، “مشوري وقت اسان جي راءِ نه مڃي وئي بلڪه ڇوڪرن جو چوڻ ڪيو ويو. جڏهن اسان جي ڳالهه کي ڪو وزن ڪونهي ته پوءِ اسان مفت ۾ ڇو هلي پاڻ کي مارايون، اها ته خود ڪشي ٿيندي.” منافقن جي سردار کي اصحابن سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ازلي بد بخت کي ڀاڳ ۽ ڀلايون نصيب ۾ لکيل به ڪيئن هونديون؟ اهي منافق واٽ تان ئي واپس ٿي وڃي گهرن ڀيڙا ٿيا. مسلمان صحابه جون دليون ته خدا جي خاص تائيد ۽ توفيق سان پڪيون پختيون هيون. تن ته منافقن کي ورندو ڏسي لوڻو به نه هنيو، نه ڪي ساڻن گڏ پوئتي ورڻ جو پور پچايو بلڪه جهاد جي جذبي سان روان دوان رهيا. سچ پچ ته، سچن مسلمانن جي جهاد ۾ شريڪ ٿيڻ جي هي حالت هئي جو اهي پاڻ سڳورنﷺ کي پنهنجي وڏن جي معرفت اپيل ڪري جهاد ۾ شرڪت جي اجازت وٺي رهيا هئا. 15 سالن کان ننڍا به چوڏهن پنڌرهن ٻار هئا جيڪي جنگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ زور ڀري رهيا هئا جن مان حضرت عبد الله بن عمر فاروق به هڪ هو. پر حضور سائين تيرهن چوڏهن سالن جي عمر وارن ٻارن کي واپس ڪري ڇڏيو. البت پنڌرهن سالن جي رافع بن خديج کي سندس پيء جي سفارش تي ته، سائين! هي پڪو نشاني باز (تير هڻڻ جو ماهر) آهي، اجازت ملي. تنهن تي رافع جي هم عمر سمره بن جندب به پاڻ سڳورنﷺ جي سامهون اچي اجازت گهري ته پاڻ ڪريمن کيس واپس وڃڻ لاءِ چيو جنهن تي سمره چيو ته، سائين! توهان رافع کي ته اجازت ڏني آهي پر مون کي واپس ڪيو آهي حالانڪه رافع کي ته ملهه ۾ آئون ماريندو آهيان ڀلي هينئر ئي مقابلو ڪرايو. پاڻ سڳورن جي اجازت سان ٻنهي جو ملهه م مقابلو ٿيو ته واقعي سمره، رافع کي دسي ملهه ماري، اهڙي طرح سمره کي به جهاد ۾ شامل ٿيڻ جي اجازت ملي.
پاڻ سڳورن احد جبل وٽ پهچي اسلامي لشڪر جي پٺ جبل ڏي، ته رخ مديني ڏي ڪيو. لشڪر مان پنجاهه تيرن جي ماهر نشاني بازن جو دستو حضرت عبد الله بن جبير جي اڳواڻي ۾ جبل احد جي ڏکڻ طرف لڪ وٽ هڪ پهاڙي عينين يا جبل الرماه (هن وقت اهو پهاڙ آبادي ۾ اچي ويو آهي ) تي بيهاريا ته متان ڪافر ڦيرو کائي پٺئين پاسي کان حملو ڪن.
انهن نشاني باز (توبچي) دستي کي پاڻ سڳورنﷺ تاڪيد ڪندي فرمايو ته، جيڪڏهن توهان ڏسو ته، اسان شهيد ٿي ويا آهيون ۽ پکي اسان جي جنازن تي اچي ويٺا آهن ته به توهان کي پنهنجي جاءِ ڇڏڻي ڪونهي. جنگ ۾ اسان کي فتح ٿئي يا شڪست جيستائين آئون اوهان ڏي نياپو نه ڪيان، ماڻهو نه موڪليان، تيستائين توهان کي اتان هٽڻو ڪونهي نه ڪي هيٺ لهي اچڻو آهي.
ٻنهي ڌرين جي لشڪر جي صف بندي مڪمل ٿي چڪي ته، جنگ جو طبل وڳو ۽ آغاز خاطر ٻنهي پاسي جا پهلوان ميدان ۾ منهن مقابل ٿي پنهنجي پهلواني جا جوهر ڏيکاري هڪ ٻئي تي وار ڪرڻ لڳا. سڀ کان پهرين ڪافر مشرڪن مان طلحه بن عثمان ميدان ۾ لهي مسلمانن کي للڪارڻ لڳو ته، آهي ڪو توهان مان اهڙو جو مون سان اچي مقابلو ڪري! ! حضرت علي نعرو هڻي ميدان ۾ ڪڏي ڪاهي پيو. حيدري تلوار جي هڪ ئي وار طلحه بن عثمان جو ڪم پورو ڪري ڇڏيو. پوءِ ته سمورو لشڪر پنهنجي صفن سميت هڪ ٻئي سان لڙائي ۾ جُنبي ويو. تلوارن جي وارو وار، پهلوانن ويڙهاڪ بهادرن جا هڪ ٻئي تي خوني حملا، مار ڌاڙ شروع ٿي وئي. تلوارن، نيزن، ڀالن، خنجرن ۽ تيرن جا مينهن وسڻ لڳا. مسلمانن بهادري جا خوب جوهر ڏيکاريا. مسلمانن جنهن بي جگري، ثابت قدمي ۽ بهادري جو مظاهرو ڪيو تنهن ٿوري ئي وقت ۾ ڪافرن کي ڀڄڻ تي مجبور ڪيو. تان جو اهي مسلمانن جي منهن ٽوڙ حملي جي سٽ نه سهي مال اسباب ڇڏي ڀڄڻ لڳا، ته سندن اهي عورتون جيڪي جنگي ترانا (رزميه) گيت ڳائي نوجوان ڪافرن کي ڀڙڪائي رهيون هيون سي به سندن مڙسن کي ڀڄندو ڏسي ور کنجي وٺي ڀڳيون. ڪافر هڙ جا هڙ شڪست کائي ميدان خالي ڪري ڀڄي ويا، ته لڪ تي ويٺل تيرانداز ڏهن ماڻهن کانسواءِ ٻيا هيٺ لهي آيا ۽ “مال غنيمت، مال غنيمت” پڪارڻ لڳا. اهو ٻڌي مسلمان سپاهين جي اڪثريت، ڪافرن جي ڇڏيل مال اسباب کي هٿ ڪرڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙ ڪرڻ لڳي ۽ هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا ڇو ته هنن سمجهيو ته، هاڻي لڙائي ختم ٿي وئي. حالانڪه لڪ تي ويٺل تير اندازن جي دسته جي اڳواڻ حضرت عبد الله بن جبير، لڪ تان هيٺ لهندڙ تير اندازن کي روڪيو هو ته جيسين پاڻ سڳورنﷺ وٽان هيٺ لهڻ جي اجازت نه ملي تيسين نه لهو. پر اهي هي چوندا هيٺ لهي ويا ته، ڪافر ڀڄي ويا، لڙائي ختم ٿي وئي هاڻي لڪ تي ويهڻ جي ضرورت ڪهڙي؟
انهي جي باوجود حضرت عبد الله چند ساٿين سان لڪ تي ويٺو رهيو. ٻئي طرف ڪافر جيڪي ڀڄندا پئي ويا تن ۾ ابو جهل جو پٽ عڪرمه (جيڪو پوءِ مسلمان ٿيو) ۽ خالد بن وليد (جيڪو پوءِ مسلمان ٿيو) جهڙا ماهر جنگي جرنيل به هئا. تن اڌ رستي ۾ بيهي صلاح ڪئي ته، ڇو نه مسلمانن تي لڪ واري پٺئين پاسي کان حملو ڪجي. هينئر هو هٿيار ڦٽا ڪري، جنگ کان بي اونا ٿي غنيمت جي مال هٿ ڪرڻ ۾ آهن. هنن جي انهي بي خبري ۽ ڇڙ وڇڙ واري حالت مان فائدو وٺجي. لڪ تان گهڻن تيراندازن جي لهي وڃڻ ڪري، لڪ وارو پاسو خالي ٿي ويو هو، جتان کان هاڻي گهوڙي سوار فوج لاءِ حملو ڪرڻ آسان ٿي پيو هو. خالد بن وليد پنهنجي شڪست خورده فوج واپس ورائي، لڪ جي پٺئين پاسي کان اوچتو حملو ڪري ڏنو.
پهرين ته عڪرمه لڪ تي ويٺل حضرت عبد الله بن جبير ۽ سندس ڏهن ساٿين کي زوردار حملو ڪري شهيد ڪيو. پوءِ ڪافرن جي سموري گهوڙي سوار فوج گڏجي خالد بن وليد جي اڳواڻي ۾، ڇڙ وڇڙ ۽ هٿيار ڦٽا ڪيل مسلمانن تي حملو ڪيو. انهي اوچتي زوردار حملي سبب مسلمان پاڻ سنڀالي نه پيا سگهن، جنهن ڪري ڪي ته ڀاڄ کائي ميدان ڇڏي ويا، ڪي ته همت هاري ويهي رهيا. پر اڪابر صحابه جيڪي اصل کان سچا سرويچ ۽ اسلام تان سر صدقي ڪرڻ وارا هئا، سي ته پوري همت ۽ ثابت قدمي سان مقابلو ڪرڻ لڳا. حضرت امير حمزه، حضرت مصعب بن عمير، حضرت عبد الرحمان بن عوف، حضرت انس بن نضر، حضرت سعد بن ابي وقاص وغيره بي شمار اصحابن ته بهادري جا عظيم مثال قائم ڪري فدا ڪاري ۽ جانثاري جي پنهنجي ڳاڙهي رت سان نئين تاريخ لکي ڇڏي.
مسلمانن جي ٽڙ پکڙ حالت جو فائدو وٺي، ڪافر شديد حملو ڪندا پاڻ سڳورنﷺ تائين پهچي ويا هئا. مشرڪن کي ته سندن ئي ڳولا هئي، پر جنهن جو محافظ خود خدا هجي تنهن کي ڪير ٿو نيست نابود ڪري سگهي.
پاڻ سڳورنﷺ مٿان ڪافرن جي اوچتي حملي جي باوجود، پاڻ سڳورا پوري استقامت، پيغمبرانه صبر ۽ بهادري سان سينو سپر ڪري ڪافرن تي تير وسائيندا رهيا. ايتريقدر جو سندن ڪمان ٽٽي پئي ته ڪافرن کي ويجهو اچڻ جو موقعو ملي ويو. مشرڪن مان هڪ ٻن بد بختن جي پٿر بازي سبب ڪي وڏا پٿر منهن مبارڪ تي لڳا، جنهن ڪري خود (لوهي ٽوپي جون ڪڙيون چپن ۾چڀي ويون۽ سامهون وارو هڪ ڏند مبارڪ شهيد ٿي ويو. سندن منهن، ڄاڙي، چپ ۽ گوڏا ڦٽجي پيا ۽ پاڻ رتو رت ٿي غش ٿي ڪرڻ جي باوجود پوري حوصلي ۽ جرئت سان اڏول رهيا، نه ڪي هٽيا نه ڪي لڪڻ جي ڪوشش ڪيائون. اهڙي صورتحال ۾ انصار صحابه جا ڏهه يارهن جانثار سندن دفاع ڪندي هڪ هڪ ٿي شهيد ٿي ويا. ابو عبيده بن جراح سگهوئي اچي خود جون چڀيل ڪڙيون پنهنجن ڏندن سان ڇڪي ڪڍيون، ڪڙيون ڇڪيندي ابو عبيده جا ٻه ڏند به ڀڄي پيا هئا. منهن ۽ چپن مبارڪن جي زخمن مان رت وهي رهيو هو جيڪو پاڻ اگهي رهيا هئا، پر اهو وهندڙ رت سندن پروانه حضرت مالڪ بن سنان چوسي ورتو. ڇوته مالڪ کي يقين هو ته، جنهن جسم ۾ رسول اللهﷺ جو خون هوندو، تنهن کي دوزخ جي باهه ويجهي به اچي نه سگهندي. شديد زخمن جيڪري جسم مبارڪ ۾ ضعف پيدا ٿي پيو هو. وڏا وڏا صحابي جهڙوڪ :حضرت ابوبڪر، حضرت عمر، حضرت عثمان، حضرت علي، حضرت طلحه بن عبيد الله، حضرت ابوعبيده، حضرت ابودجانه ۽ ٻيا به ڪيترا پاڻ سڳورن جي دفاع ۾ سينو سپر ڪري ديوار بڻجي بيهي رهيا. ڪافرن جي وسندڙ تيرن جي کين ڪابه پرواهه ڪانه هئي. پتنگن وانگر سيدالمرسلين مٿان سر صدقو ڪري دفاع ڪري رهيا هئا.
حضرت ابودجانه ته، پاڻ سڳورن مٿان جهڪي بيهي رهيو. ڪافرن طرفان وسندڙ تير سڀ هن ڀلاري جي پٺن تي پئي لڳا، تان جو سندس پٺا پروڻ ٿي ويا. حضرت طلحه بن عبيدالله وري پنهنجا هٿ ڪافرن جي تيرن کي روڪڻ لاءِ سامهون ڪريو بيٺو هو. تيرن لڳڻ ڪري سندس هڪ هٿ هميشه لاءِ اپاهج ٿي ويو. حضرت سعد بن ابي وقاص پاڻ سڳورن وٽ بيهي ڪافرن تي جوابي تيرن جي بوڇاڙ ڪئي. پاڻ سڳورن جي دفاع ۾ سندس تيز رفتار تيراندازي اهڙا ته جوهر ڏيکاريا جو خود پاڻ سڳورا کيس پنهنجي هٿن سان تير ڏيئي داد ڏيڻ لڳا ته، يا سعد! ارم فداڪ ابي وامي. (اي سعد! تير هلاءِ، توتان منهنجو ابو امان قربان.)
ابو طلحه انصاري به پاڻ سڳورن جو دفاع ڪندي ڪافرن تي تيرن جو مينهن وسائڻ شروع ڪيو. پاڻ سڳورن جي منهن وارن زخمن مان وهندڙ رت کي ڌوئڻ لاءِ حضرت علي پنهنجي ڍال ۾پاڻي کڻي آيو ته، حضرت بي بي فاطمه رت ڌوئڻ لڳي، جڏهن رت وهڻ بند نه ٿيو ته، تڏو ساڙي ان جو ڦلهيار هڻي رت بند ڪيو ويو. مٿان نماز جو وقت (شايد اڳين نماز جو وقت) آيو ته، پاڻ بيهي نه سگهيا بلڪه ويهي نماز پڙهيائون.
هن موقعي تي مشرڪن ننهن چوٽي جو زور لاتو ته، ڪيئن به ڪري پاڻ سڳورن کي شهيد ڪجي.
پر جنهن کي رب رکي تنهن کي ڪير چکي.
مشرڪن جو مشهور سردار ابي بن خلف مڪي ۾ پاڻ سڳورن کي چوندو هو ته، ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن آئون توکي قتل ڪندس. پاڻ سڳورا کيس وراڻيندا هئا ته، انشاءَ الله تنهنجو موت منهنجي هٿان ٿيندو. جڏهن احد جي لڙائي ٿي ۽ مسلمانن جي فتح کانپوءِ شڪست وارو مرحلو آيو ۽ پاڻ سڳورا زخمي ٿي غار ۾ اچي ويٺا ته، اهو ابي بن خلف به گهوڙي تي چڙهي اچي لانگهائو ٿيو، پري کان چيائين ته، محمد! جي اڄ بچي ويو آهين ته به ڪيترو بچندين؟ اصحابن عرض ڪيو ته، اسان مان ڪنهن کي اجازت آهي ته، وڃي انهي جي خبر وٺي پاڻ فرمايائون ته ڇڏي ڏيوس ڀلي ويجهو ٿئي. جڏهن ويجهو ٿيو ته، هڪ صحابي کان نيزو وٺي اڇلي هنيائونس ته کيس ڪنڌ وٽان لڳو ۽ ڪلٽيون کائيندو گهوڙي تان ڪري پيو. رڙيون ڪندو قريشن ڏانهن ڀڳو. حالانڪه نيزي جي ڪا چنهنب لڳي هئس پر هن جي دانهن تي دانهن ته، “محمد ماري ڇڏيو”. قريشن چيس ته، مڙس ماڻهو ٿي، ڪا ڳالهه ڪانهي.
ڌڪ به ته ڪو خاص ڪونهي پر هن وراڻيو ته، نه نه توهان کي ڪهڙي خبر! مون کي ته محمد اڳي ئي مڪي ۾ چوندو هو ته، “تنهنجو موت منهنجي هٿان ٿيندو”. سو پڪ سان منهنجو موت ويجهو آهي. واقعي اهو مڪي ڏانهن واپس ويندي واٽ تي ئي مري ويو.
جنگ جي ميدان ۾ زخمين جي مرهم پٽي، سار سنڀال، انهن جي تيمارداري ۽ پاڻي پيارڻ جهڙا ڪم گهڻو ڪري عورتن جي حوالي هوندا هئا. هن غزوه احد ۾ جن اصحابي عورتن اهو فرض نڀايو تن ۾ ام عمار، حمنھ بنت جحش، ام سليط، ام سليم ۽ بي بي عائشھ ۽ ٻيون هيون.
احد ۾ گهڻو ڪري ام سليط پاڻي جون سانداريون ڀري رکيون ٿي ته بي بي عائشھ ۽ ام سليم اهي ڀريل سانداريون، کڻي ٻين بيبين تائين پهچايون ٿي، جن وري زخمين کي پاڻي ٿي پياريو.
پاڻ سڳورن ﷺ جي غار ۾ ويهي رهڻ ڪري مسلمانن کي هي خبر پئجي نه سگهي ته پاڻ ڪٿي آهن؟ ۽ ڪهڙي حال ۾ آهن. ڇو ته ميدان ۾ پاڻ نظر نه پئي آيا. شايد پاڻ سڳورن جي نظر نه اچڻ سبب ۽ مٿان وري مشرڪن جي هن هُل هلائڻ تي ته پاڻ سڳورا شهيد ٿي ويا آهن. مسلمانن ۾ وڌيڪ افراتفري ۽ بي همتي پيدا ٿي پئي هئي، پر حضرت ڪعب بن مالڪ پهريون اصحابي آهي، جنهن وڏي واڪي مسلمانن کي مبارڪي ڏيندي چيو ته، پاڻ سڳورا حيات آهن ۽ خير عافيت سان آهن توهان همت نه هاريو. ڪافرن جي مقابلي لاءِ گڏ ٿي وڃو ته اصحابن ۾ دل جمعي ۽ همت پيدا ٿي پئي. جيتوڻيڪ وڙهي ته رهيا هئا پر پوءِ ڄمي ڪري مقابلو ڪرڻ لڳا. هونئن به اهڙي هنگامي حالت ۾ ڇڙوڇڙ لشڪر مشڪل سان وري گڏجي حملي ڪرڻ جي پوزيشن ۾ هوندو آهي. تنهن هوندي به اسلام جا جانثار سپاهي دشمن سان دوبدو ٿي وڙهي رهيا هئا. هر هڪ مجاهد سر ڌڙ جي بازي لڳائي رهيو هو. جن مان خاص ڪري حضرت امير حمزه ته اڪيلي سر ٽيهارو کان به وڌيڪ ڪافرن جا سر قلم ڪري جنگي مهارت ۽ بهادري جو بي مثال رڪارڊ قائم ڪيو. سندس حملو ايڏو ته زوردار هو جو ڪو به ڪافرن مان کيس سامهون اچي وڙهي نه ٿي سگهيو. پر وحشي نالي هڪ غلام لڪي ڇپي اهڙو ته زوردار ڀالو اڇلائي هنيو جو کيس دن وٽان آروپار ٿي ويو ته پاڻ وڃي پٽ تي ڪريو ۽ تڙپندي خدا جي راهه ۾ سر صدقي ڪيائين. حضرت انس بن مالڪ جو چاچو، حضرت انس بن نضر ته ڪافرن جون صفون چيري سندن وچ ۾ بيهي وڙهڻ لڳو ڪيترن کي زخمي ڪيائين پر پاڻ 70_80 کن تيرن. تلوارون ۽ ڀالن جا ڌڪ لڳڻ ڪري زخمي ٿي ڪري پيو ۽ پساهه پالڻهار جي حوالي ڪيائين. آخر ۾ سندس چچريل لاش جي سڃاڻپ ئي نه پئي ٿي سگهي. نيٺ سندس ڀيڻ آڱر جي ڏوڏي مان سڃاتو ته، هي سندس ڀاءُ انس بن نضر آهي.
حضرت مصعب بن عمير جيڪو مهاجر صحابه جي دسته جو امير ۽ جهنڊو کڻندڙ هو. سو جهنڊو هٿ ۾ هوندي به ڪافرن سان دوبدو وڙهي رهيو هو. اوچتو ڪنهن ڪافر جي تلوار سندس هٿ ڪپيا ته، هن اسلامي جهنڊي کي هيٺ ڪرڻ ۽ سرنگون ٿيڻ کان بچائيندي وات ذريعي جهنڊو کنيو پر جڏهن تلوار جي ٻئي وار سندس سري ڌار ڪئي ته، فوراً حضرت علي جهندو سنڀالي ورتو.
حضرت حنظله بن ابي عامر ته غزوه احد واري رات شادي ڪئي هئي. جيڪو اڃا پهرين سهاڳ رات پنهنجي ڪنوار سان ملڻ بعد اسر جو اٿي غسل جي تيارين ۾ هو ته، مٿان پاڻ سڳورن طرفان جهاد جو اعلان ٻڌائين ته جهاد جي شوق ۾ غسل (تڙ) وساري تلوار کڻي سڌو وڃي اسلامي لشڪر ۾ شامل ٿيو ۽ پوءِ احد جي ميدان تي ڪافرن سان وڙهندي شهيد ٿي ويو ته، سندس جنازو ميدان کان گم ٿي ويو. جنگ ڇيهه ٿيڻ تي جڏهن مسلمانن پنهنجا لاش ڳولي هٿ ڪيا ته، حنظله جو لاش نه لڌو. اصحابن اچي پاڻ سڳورن کي ٻڌايو ته، حنظله جو لاش گم آهي. پاڻ پنهنجي نگاهه نبوت ڌرتي ڏي کڻي وري جو اڀ ڏي ڏٺائون ته کين ڏسڻ ۾ آيو ته، نوراني ملائڪ حضرت حنظله کي غسل ڏيئي رهيا هئا. اهو ڏسي پاڻ فرمايائون ته، توهان جي ڀاءُ کي ملائڪ غسل ڏيئي رهيا آهن. حالانڪه خدا جي راهه ۾ شهيد ٿيندڙ کي غسل نه ٿو ڏنو وڃي. ڇو ته شهيد جو شهادت وارو عمل ئي اهڙو آهي، جيڪو سندس ظاهري توڙي باطني ڏوهه گناهه ۽ سموريون پليتيون ڌوئي پاڪ ڪريو ٿو ڇڏي. باقي ملائڪن جو هن ڀلاري کي تڙ ڏيڻ شايد خدا وٽ سندس مقبوليت جي نشاني هجي. وڌيڪ ته اهي راز رب ٿو ڄاڻي. غسل بعد جنازو زمين تي نظر آيو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو هن ڀلاري کي “غسيل الملائڪھ” (ملائڪن جو وهنجاريل) جي لقب سان سڏيو وڃي ٿو.
حضرت عبدالرحمان بن عوف کي ڪافرن هٿان 21 زخم رسيا ۽ سامهون وارا ڏند به ڀڄي پيس ته، پير ۾ اهڙو گهرو زخم رسيو، جنهن ڪري منڊڪائي پيو هلندو هو.
لڙائي جو زور گهٽجڻ وقت ڪيترن شهيدن اصحابن جي لاشن جي بي حرمتي ڪري شڪل بگاڙي نڪ، ڪن، چپ وغيره وڍي ڪافرن پنهنجي باهه هلڪي ڪئي. سڀني کان وڌيڪ بي ادبي هند بنت عتبھ (جيڪا اڃا مسلمان نه ٿي هئي) حضرت امير حمزه جي جنازي سان ڪئي سندس نڪ، ڪن، چپ، جگر وڍي، دل چيري ڪچي چٻاڙي ڳڙڪائڻ جي ڪوشس ڪيائين پر نڙي کان هيٺ نه لهڻ جي ڪري ٻاهر ڪڍي اڇليائين.
شام جي پهر لڙائي فتح ۽ شڪست جي بنان نتيجي ختم ٿي وئي. ڇو ته لڙائي جي شروع واري مرحلي ۾ مسلمانن کٽيو ۽ ڪافرن هارايو هو ته، وري ٻئي مرحلي ۾ مسلمانن هارايو ۽ ڪافرن کٽيو هو. ٻئي پاسا برابر رهيا.
ابو سفيان، آئنده بدر جي ميدان ۾ وري جنگ جو اعلان ڪري هليو ويو.
هن لڙائي ۾ 70 مسلمان شهيد ٿيا ته، 150 زخمي، باقي مشرڪ ڪافرن جا 30 کان مٿي ماڻهو مارجي ويا. شهيدن جي جنازي نماز هن طرح پڙهي ويئي جو حضرت امير حمزه جي جنازي سان گڏ واري واري سان هڪ هڪ شهيد جو جنازو آڻي رکيو ٿي ويو ۽ پاڻ سڳورن جنازي نماز پڙهائي ٿي. اهڙي طرح ٻين شهيدن جي هڪ ڀيرو جنازي نماز ٿي ته، حضرت امير حمزه تي 70 ڀيرا جنازه نماز پڙهي وئي.
دفن ڪرڻ وقت به ٻه ٻه، ٽي ٽي شهيد گڏي هڪ قبر۾ دفن ڪيا ويا.
حضرت امير حمزه سان گڏ قبر ۾ نبي سائين جو پڦاٽ ۽ سالو عبد الله بن جحش دفن ڪيو ويو.
طويل تربود حڪايت، قليل ترگفتم.
جيتوڻيڪ داستان ڪار زار ڊگهو ٿي ويو آهي پر پاڻ سڳورن جي سيرت طيبھ جي حوالي سان ڪنهن هڪ غزوه جو پس منظر ۽ پيش منظر معلوم ڪرڻ ضروري سمجهيو سون ۽ ٻيو ته، احد جبل جي زيارت جي حوالي سان به غزوه احد جو ڪجهه تفصيل پيش ڪرڻ مناسب محسوس ڪيم.
غزوه احد جي موقعي تي، انهي لڙائي جي باري ۾ 60 آيتون سورت آل عمران جون آيت نمبر 121 کان 180 تائين نازل ٿيون. جن جي تشريح تفسيرن ۾ موجود آهي. غزوه احد جي شهيدن جي حاضري بعد، ٻيا دوست احد جبل تي چڙهڻ لاءِ روانا ٿيا پر آئون ميدان تي بيٺل ماڻهن سان گڏ بيهي اسلام جي اوائلي دور جي تاريخ جي ورقن ۾ گم رهيس.