مذهب

مسڻ کان مديني تائين

ڪتاب ”مسڻ کان مديني تائين“ اوهان اڳيان پيش آهي. مڪي ۽ مديني جي تاريخ، تبرڪات ۽ زيارتن جي تفصيل سان حج جي هن سفرنامي جو ليکڪ مولوي محمد يامين شورو آهي.
Title Cover of book مسڻ کان مديني تائين

روضي جو نظارو ۽ اندر جا احساس:

روضي جو نظارو ۽ اندر جا احساس:
8 محرم 1418هه مطابق 14 مئي 1997ع اربع جي صبح مسجد نبوي کان موٽندي پيٽ قوت ڪري شاهه عبدالعزيز لائبريري ڏي لاڙو ڪيم. اڳين نماز مسجد نبوي ۾ پڙهي تسبيح جي تند تاڻي هيم ته، نظر وڃي روضي پاڪ تي پئي. روضي جي روح پرور نظاري ۽ روضي ڌڻي صلي الله عليھ و آلھ وسلم جي تاثير ڀرئي تصور اندر ۾ عجيب قسم جا احساس پيدا ڪري دل جو رخ اهڙي موڙ تي آڻي بيهاريو جو عشق کان علاوه اتي علم عقل، هنر حرفت جي رتي برابر رسائي ناممڪن هئي. ڇو ته، جنهن مبارڪ ماڳ تي مون مٽي جي مٺ کي اچي حاضر ٿيڻ جو موقعو مليو هو، سو به ته، عاشقن لاءِ دلي درشن جو مقام هو، سو اهڙي اڱڻ تي ڪوري عقل جو پير به ڪيئن ٿي کپي سگهيو؟ انهي درشن دوران پيدا ٿيندڙ ڪيفيتن کي اکرن جي روپ ۾ اُڪرڻ لاءِ قلم جنبش ۾ اچي پوري جدوجهد ڪري رهيو هو پر نيٺ هار کائي پنهنجي ساٿي ورقن سميت ويڙهجي، هيئن چئي، “ڪوهه ٿو ڪاڳر ڪورئين، ويٺو وڃائين مس” هڪ پاسو وٺي چپ چاپ ٿي ويهي رهيو. ها! واقعي دل جي عاشقانه ڪيفيتن کي قلم ڪيئن ٿو قابو ڪري سگهي؟! اهي ته، اهڙيون ڇوليون آهن جيڪي ڏاهپ جي ڏانوڻن سان ٻڌل پروڙ جي ٻيڙن کي هڪ ئي لوڏي سان لوڙهيو ڇڏين. اهو ته عقل ۽ علم آهي جنهن جي هر اظهار، اشاري توڙي ارڏائي کي قلم پنهنجي نوڪ ۾ نائي پنن تي پکيڙيو ڇڏي. باقي هن عشق جي ميدان ۾ عقل ۽ علم کي ڪهڙي مجال؟ هي عقل جي ڌرتي هجي ها ته هتي جي حسن لازوال کي قعل جي ترازو ۾ تورجي ها، پر هي ته، عشق جي ننگري آهي، هي ماڳ ته وِرهه وارن جو آهي، جتي ڄاڻ، پروڙ واري خبر نه ٿي هلي، پر عشق واري نظر ۽ دل جي ديد ٿي هلي. هتي ته علم کي شريعت ملي ٿي ته، عشق کي معرفت. هتي عقلي بحث نه پر عشق جون البيلايون هلن ٿيون. هتي عقل کي لغام لڳائڻو پوي ٿو، پر عشق کي مڪمل آزادي آهي. هي فيلسوفن ۽ عقلمندن جو ايوان ڪونهي پر عشق جي اسٽيٽ آهي، جتي عشق خود حاڪم ٿي عقل تي حڪم هلائي ٿو ۽ عقل کي ڪنڌ نوائي قبول ڪرڻو ٿو پوي. هتي عشق اچي وصال به ڪري ٿو ته واپس ورندي کيس ڦوڙائو ۽ فراق به پلئه پوي ٿو. انهي هجر و فراق ۽ لمحه و صال جي متضاد امتحانن مان گذري نيٺ عشق کي محبوب ماڻڻ جو اعزاز حاصل ٿيو وڃي.
عشق جو اصلي ٺڪاڻو دل آهي، جتي وڇوڙي جي وڍ کان برهه جي باهه ڀڙڪي سينو ساڙيندي، جي جهوريندي رهي ٿي. زخمي دل ۾ ديرو ڪندڙ عشق، پنهنجا سپرين ساريندي پور ۾ ايندو آهي ته، قلب ۾ ڪيئي ڪيفيتون جنم وٺنديون آهن. ڄاڻ ته، اهڙيون ئي ڪيفيتون مون سيه ڪار جي دل ۾ قائم ٿيڻ لڳيون هيون. جيڪي منهنجي معيار کان مٿي، سوچ سمجهه کان بالاتر هيون. اهڙين ڪيفيتن جي لهوارين، اوڀارين کي عقل ويچارو علم جي آڌار تي دماغ ۾ ديرو ڪري پري کان ڏسي پرکي پروڙي رهيو هو. ويجهي اچڻ جي کيس همت نه ٿي ٿي.
شايد نه چوڻ جهڙيون ڳالهيون به چئي ويو آهيان جيڪا سراسر ناداني آهي. تنهنڪري پنهنجي دل جي ترجماني لاءِ ڪنهن شاعر جو هي قطعو پيش ڪري انهي باب کي بند ڪريان ٿو.
1. بياتا درمدينه نور احمد به بيني ازدرو ديوار لامع.
2. جمال مصطفيٰ بي پرده بيني چو خورشيدي ڪھ بي ابراست طالع.
يعني ته، جيڪڏهن حضور اڪرم ﷺجي نورانيت جو مشاهدو ۽ دلي ديدار ڪرڻو اٿئي ته مديني ۾ اچي درشن ڪر، جتي درن ۽ ديوارن مان سهڻي سردارﷺجي سوجهري جون لاٽون نڪرنديون نظر اينديون. حضرت محمد مصطفي ﷺجي سونهن سوڀيا مديني ۾ صاف چٽي پئي نظر اچي. ائين جيئن بنان ڪڪر صاف آسمان تي سج اڀرندو ڏسبو آهي.