مذهب

مسڻ کان مديني تائين

ڪتاب ”مسڻ کان مديني تائين“ اوهان اڳيان پيش آهي. مڪي ۽ مديني جي تاريخ، تبرڪات ۽ زيارتن جي تفصيل سان حج جي هن سفرنامي جو ليکڪ مولوي محمد يامين شورو آهي.
Title Cover of book مسڻ کان مديني تائين

حج جا تفصيلي احڪام:

حج جا تفصيلي احڪام:
پهريون طريقو حج افراد:
1. احرام: شرط (ٻاهريون فرض)
2. طواف قدوم: سنت.
3. وقوف عرفات: رڪن (اندريون فرض)
4. وقوف مزدلفھ: واجب.
5. رمي جمره عقبھ: واجب.
6. قرباني: اختياري (وڻي ته ڪري وڻي ته نه ڪري)
7. مٿي جا وار ڪوڙائڻ:واجب.
8. طواف زيارت: رڪن (اندريون فرض)
9. سعي: واجب.
10. رمي جمار: واجب.
11. طواف وداع: واجب.
نوٽ: جيڪڏهن حج افراد وارو سعي طواف قدوم کانپوءِ ڪري ته، طواف قدوم ۾ رمل ۽ اضطباع ڪري. مگر مفرد (افراد واري) لاءِ افضل هي آهي ته، سعي، طواف زيارت کانپوءِ ڪري.

ٻيو طريقو حج قِران:
1. احرام حج ۽ عمره: شرط (ٻاهريون فرض)
2. طواف عمره رمل سان گڏ: رڪن (اندريون فرض)
3. سعي عمره: واجب.
4. طواف قدوم رمل سان گڏ: سنت
5. سعي حج: واجب.
6. وقوف عرفات: رڪن (اندريون فرض).
7. وقوف مزدلفه: واجب
8. رمي جمره عقبه: واجب.
9. قرباني: واجب
10. مٿو ڪوڙائڻ: واجب.
11. طواف زيارت: رڪن (اندريون فرض).
12. رمي جمار: واجب.
13. طواف وداع: واجب
نوٽ: بعض رمل کي سنت چون ٿا.
نوٽ: حج قِران واري لاءِ سعي، طواف قدوم کانپوءِ افضل آهي. جيڪڏهن طواف قدوم کانپوءِ سعي جو ارادو نه هجي ته هن طواف قدوم ۾ رمل ۽ اضطباع نه ڪري ۽ سعي طواف زيارت کانپوءِ ڪري.

ٽيون طريقو حج تمتع:
جنهن صورت ۾ قرباني جو جانور گڏ نه هجي.
1. احرام عمره: شرط (ٻاهريون فرض)
2. طواف عمره رمل سان گڏ: رڪن (اندريون فرض)
3. سعي عمره: واجب.
4. مٿو ڪوڙائڻ: واجب.
5. اٺين ذوالحج تي حج جو احرام ٻڌڻ: شرط (ٻاهريون فرض)
6. وقوف عرفات: رڪن (اندريون فرض)
7. وقوف مزدلفھ: واجب.
8. رمي جمره عقبھ: واجب.
9. قرباني: واجب.
10. مٿو ڪوڙائڻ: واجب.
11. طواف زيارت: رڪن (اندريون فرض)
12. سعي حج: واجب.
13. رمي جمار: واجب.
14. طواف وداع: واجب.
حج جا ارڪان ادا ڪرڻ لاءِ پنج ڏينهن مقرر آهن. جيڪڏهن خدانخواسته اهي پنج ڏينهن ۽ تاريخون هٿان نڪري وڃن ته، وري ايندڙ سال جو انتظار ڪرڻو پوندو. ڇو ته انهن مقرر تاريخن کانسواءِ حج جا ارڪان ادا ڪري نه ٿا سگهجن. جيئن ڪا به نماز وقت ٿيڻ کان سواءِ ادا نه ٿي سگهندي، اهڙي طرح حج ادا ڪرڻ لاءِ به مقرر تاريخون آهن. هيٺ اسان انهن مقرر تاريخن ۾ احڪامن بابت ڪجهه وڌيڪ کولي سمجهايون ٿا ته، مقرر ڪيل تاريخن مان هر هڪ تاريخ تي ڪهڙا ارڪان ڪٿي ادا ڪرڻا آهن ته جيئن معمولي پڙهيو لکيو حاجي سڳورو به پنهنجا ارڪان صحيح ۽ وقت تي ادا ڪري پنهنجو حج درست ڪري سگهي.
تلبيھ: لبيڪ اللهم لبيڪ، لبيڪ لا شريڪ لڪ لبيڪ، ان الحمد النعمھ لڪ والملڪ، لاشريڪ لڪ.
حج جو پهريون ڏينهن 8 ذوالحج: اڄوڪا احڪام.
احرام جي حالت ۾ مڪي مان منيٰ ڏي روانو ٿيڻو آهي. انهي ڏينهن تي منيٰ ۾ پهچي ظهر، عصر، مغرب ۽ عشاء نمازون اتي جماعت سان پڙهبيون ۽ رات منيٰ ۾ ترسڻو آهي. اتي جيترو به واندو وقت ملي تنهن ۾ ذڪر اذڪار تلاوت، تسبيح ۽ دعائون گهرندو رهي.
حج جو ٻيو ڏينهن 9 ذوالحج:
فجر جي نماز منيٰ ۾ ادا ڪري عرفات ڏانهن روانو ٿيڻ. زوال کانپوءِ وقوف عرفات. ظهر جي نماز، عصر نماز عرفات ۾ پڙهڻي آهي. سج لهڻ کانپوءِ سانجهي نماز پڙهڻ کانسواءِ مزدلفھ ڏانهن روانو ٿيڻ. مزدلفھ ۾ سمهڻي جي وقت، سانجهي ۽ سمهڻي جون نمازون هڪ اذان ۽ هڪ تڪبير سان ادا ڪرڻيون آهن.
رات مزدلفھ ۾ ترسڻي آهي.
حج جو ٽيو ڏينهن 10 ذوالحج:
مزدلفھ ۾ فجر جي نماز ۽ وقوف کانپوءِ منيٰ ڏانهن روانو ٿيڻ. منيٰ ۾ پهچي پهرين وڏي شيطان کي پٿريون هڻڻ، پوءِ قرباني ڪرڻ، پوءِ مٿي جا وار ڪوڙائڻ يا ڪترائڻ، پوءِ طواف زيارت لاءِ مڪي شريف وڃڻ وري رات منيٰ ۾ ترسڻ
حج جو چوٿون ڏينهن 11 ذوالحج:
طواف زيارت جيڪڏهن ڪالهه (10 ذوالحج تي) نه ڪيو هو ته، اڄ (11 ذوالحج تي) ڪري وٺجي. منيٰ ۾ پٿريون هڻن زوال کانپوءِ صبح صادق (پرهه ڦٽي) تائين.
پهرين ننڍي شيطان کي، پوءِ درميانه (وچٽ) شيطان کي، پوءِ وڏي شيطان جمره عقبھ کي.
رات منيٰ ۾ ترسڻي آهي.
حج جو پنجون ڏينهن 12 ذوالحج:
منيٰ ۾ پٿريون هڻڻ زوال کانپوءِ صبح صادق تائين، پهرين ننڍي شيطان کي، پوءِ وچٽ شيطان کي، پوءِ وڏي شيطان کي. سانجهي کان پهرين مڪي شريف ڏي روانو ٿيڻ.
نوٽ(1): تاريخ 11 ۽ 12 ذوالحج تي زوال کان اڳي جيڪڏهن ڪنهن پٿريون هنيون ته،انهي جي رمي (پٿريون هڻڻ) وارو واجب ادا نه ٿيو. انهي ڪري زوال کانپوءِ ٻيهر رمي ڪري، جيڪڏهن نه ته، دم (ڏنڊ ۾ قرباني ڪرڻ) لازم ٿيندو.
نوٽ(ٰ2): طواف زيارت جو وقت 10 ذوالحج جي فجر کان 12 ذوالحج جي سج لهڻ تائين آهي.
نوٽ(3): جيڪڏهن منيٰ روانو ٿيڻ کان پهرين حج جي سعي نه ڪئي اٿس ته طواف زيارت کانپوءِ حج جي سعي به ڪرڻي پوندي.
نوٽ(4): وطن ڏي واپس موٽڻ کان پهرين طواف وداع ڪرڻو پوندو.
نوٽ(5): حج قِران ۽ حج تمتع واري تي قرباني واجب آهي. باقي حج افراد واري لاءِ قرباني مستحب آهي، واجب ڪونهي.